بابن

  1. 1
  2. 2
  3. 3
  4. 4
  5. 5
  6. 6
  7. 7
  8. 8
  9. 9
  10. 10
  11. 11
  12. 12
  13. 13

نئين عهد نامي

عبرانين 7 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

ڪاھن ملڪصدق

1. ملڪصدق شاليم جو بادشاھہ ۽ خدا تعاليٰ جو ڪاھن ھو. جڏھن ابراھيم بادشاھن کي شڪست ڏيئي موٽيو پئي آيو تہ ملڪصدق ساڻس گڏيو ۽ کيس دعائون ڏنائين.

2. ابراھيم ھن کي سڀني شين جو ڏھون حصو ورھائي ڏنو. ملڪصدق پنھنجي نالي جي معنيٰ موجب پھريائين ”سچائيءَ جو بادشاھہ“ آھي، تنھن کان پوءِ شاليم جو بادشاھہ بہ آھي، يعني ”سلامتيءَ جو بادشاھہ.“

3. ھو بنا پيءُ، بنا ماءُ ۽ بنا شجري جي آھي. نہ سندس عمر جي شروعات آھي، نڪي زندگيءَ جي پڄاڻي، بلڪ ھو خدا جي فرزند جھڙو ڪيو ويو تہ جيئن ھميشہ لاءِ ڪاھن رھندو اچي.

4. سو غور ڪري ڏسو تہ اھو شخص ڪيڏو نہ عظيم ھو، جو قوم جي بزرگ ابراھيم غنيمت جي مال مان بہ کيس ڏھون حصو ڏنو.

5. لاويءَ جي اولاد مان جن کي ڪاھن جو عھدو ٿو ملي تن کي حڪم آھي تہ شريعت موجب پنھنجي قوم بني اسرائيل کان ڏھون حصو اڳاڙين، جيتوڻيڪ اھي بہ ابراھيم جي نسل مان ئي آھن.

6. پر ملڪصدق جيئن تہ لاويءَ جي نسل مان نہ ھو، تنھن ھوندي بہ ابراھيم کان ڏھون حصو ورتائين ۽ جنھن سان واعدا ڪيا ويا ھئا، تنھن کي دعائون ڏنائين.

7. انھيءَ ۾ ڪوبہ شڪ ڪونھي تہ دعائون ڏيڻ وارو دعائون وٺڻ واري کان مٿاھون آھي.

8. ڪٿي تہ ڏھون حصو فاني انسان ٿا وٺن، پر ھتي اھو شخص ٿو وٺي جنھن جي باري ۾ شاھدي ڏني وڃي ٿي تہ ھو جيئرو آھي.

9. تنھنڪري اسين چئي سگھون ٿا تہ لاوي، جيڪو ڏھون حصو اڳاڙي ٿو تنھن بہ ابراھيم جي وسيلي ڏھون حصو ڏنو.

10. ڇالاءِ⁠جو جڏھن ملڪصدق ابراھيم سان گڏيو، تڏھن لاوي اڃا پنھنجي ابي ڏاڏي جي بدن ۾ ھو.

11. لاويءَ واري ڪاھنيءَ جي بنياد تي قوم کي شريعت ملي ھئي. سو جيڪڏھن انھيءَ ڪاھنيءَ جي وسيلي ڪا ڪماليت ھجي ھا تہ پوءِ ٻئي ڪاھن جي اچڻ جي ڪھڙي ضرورت ھئي جيڪو ھارون جي نہ، پر ملڪصدق جي طريقي ۾ شمار ڪيو وڃي.

12. ڇالاءِ⁠جو جڏھن ڪاھني بدلجي ٿي، تڏھن شريعت جو بدلجڻ بہ لازمي ٿيو پوي.

13. جنھن بابت اھي ڳالھيون ڪيون ويون، سو ٻي قبيلي جو آھي ۽ انھيءَ قبيلي مان ڪنھن بہ ماڻھوءَ قربان⁠گاھہ جي خدمت ڪانہ ڪئي.

14. ڇالاءِ⁠جو اھا ڳالھہ صاف ظاھر آھي تہ اسان جو خداوند يھوداہ قبيلي مان آھي، جنھن قبيلي بابت موسيٰ ڪاھنن جي باري ۾ ڪجھہ ڪونہ چيو.

عيسيٰ ملڪصدق جھڙو ڪاھن

15. اھا ڳالھہ اڃا بہ وڌيڪ صاف ٿئي ٿي، جڏھن ملڪصدق جھڙو ھڪ ٻيو ڪاھن ظاھر ٿيو.

16. ھو جسماني قاعدن موجب نہ، پر غير فاني زندگيءَ جي طاقت موجب مقرر ٿيو.

17. ڇالاءِ⁠جو انھيءَ بابت پاڪ ڪلام ۾ شاھدي ڏني ويئي آھي تہ”تون ملڪصدق جي طريقي موجبھميشہ جي لاءِ ڪاھن آھين.“

18. تنھنڪري پھريون حڪم ڪمزور ۽ بي⁠فائدي ھئڻ ڪري رد ٿي ويو،

19. ڇالاءِ⁠جو شريعت ڪنھن کي بہ ڪامل ڪري نہ سگھي. سو انھيءَ جي بدران اسان کي ھڪ بھتر اميد ڏني ويئي آھي، جنھن جي وسيلي اسين خدا کي ويجھو وڃي ٿا سگھون.

20. اھو سڀ قسم کڻڻ کان سواءِ نہ ٿيو. جيتوڻيڪ ٻيا قسم کان سواءِ ڪاھن مقرر ٿيا،

21. پر عيسيٰ قسم ساڻ ڪاھن مقرر ٿيو، جڏھن خدا کيس چيو تہ”خداوند قسم کنيو آھي،جنھن کان ھو ڪڏھن ڪين ڦرندو تہ’تون ھميشہ جي لاءِ ڪاھن آھين.‘“

22. انھيءَ قسم جي ڪري عيسيٰ ھڪ بھتر عھد جو ضامن ٿيو.

23. پر اھي تہ گھڻا ئي ڪاھن مقرر ٿيا، انھيءَ ڪري جو موت کين قائم رھڻ نہ ٿي ڏنو.

24. مگر عيسيٰ جيئن تہ ھميشہ تائين جيئرو رھڻ وارو آھي، تنھنڪري سندس ڪاھني لازوال آھي.

25. انھيءَ ڪري ئي جيڪي سندس وسيلي خدا جي طرف ٿا اچن، تن کي ھو پوريءَ طرح بچائي ٿو سگھي، ڇالاءِ⁠جو انھن جي شفاعت لاءِ ھو ھميشہ جيئرو آھي.

26. سو اھڙي ئي سردار ڪاھن جي اسان کي گھرج ھئي جيڪو پاڪ، بي⁠ڏوھہ، بي⁠عيب، گنھگارن کان ڌار ۽ آسمانن کان بہ بلند ڪيو ويو ھجي.

27. ٻين سردار ڪاھنن وانگر ھو انھيءَ ڳالھہ جو محتاج نہ ھجي جو ھر روز پھريائين پنھنجن گناھن ۽ پوءِ قوم جي گناھن واسطي قربانيون ڪري. ڇالاءِ⁠جو ھن سندن گناھن واسطي ھڪڙي ئي ڀيري ھميشہ جي قرباني ڪئي، جڏھن پاڻ کي قربان ڪري ڇڏيائين.

28. ھن ڪري جو شريعت تہ انھن ماڻھن کي سردار ڪاھن مقرر ڪري ٿي جيڪي ڪمزور آھن، پر اھو قسم، جيڪو شريعت کان پوءِ کنيو ويو، سو انھيءَ فرزند کي مقرر ٿو ڪري جيڪو ھميشہ جي لاءِ ڪامل ڪيو ويو آھي.