بابن

  1. 1
  2. 2
  3. 3
  4. 4
  5. 5
  6. 6
  7. 7
  8. 8
  9. 9
  10. 10
  11. 11
  12. 12
  13. 13

نئين عهد نامي

عبرانين 2 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

ڌيان ڏيڻ لاءِ تاڪيد

1. تنھنڪري جيڪي ڳالھيون اسان ٻڌيون آھن، تن تي اسان کي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ گھرجي، انھيءَ لاءِ تہ متان لڙھي انھن کان پري نڪري نہ وڃون.

2. ڇالاءِ⁠جو جيڪو ڪلام ملائڪن جي معرفت ٻڌايو ويو، سو قائم رھيو ۽ جنھن ان ڪلام کي نہ مڃيو ۽ ان جي نافرماني ڪئي تنھن کي جوڳي سزا ڏني ويئي.

3. تہ پوءِ جيڪڏھن ھيڏي وڏي ڇوٽڪاري کان غافل رھياسين تہ ڪيئن بچي سگھنداسين؟ ڇالاءِ⁠جو انھيءَ ڇوٽڪاري جي پڌرائي پھريائين خداوند ئي ڪئي ھئي ۽ جن ماڻھن اھا ٻڌي تن انھيءَ جي تصديق ڪئي.

4. خدا بہ نشانين، عجيب ڪمن ۽ طرح طرح جي معجزن سان پنھنجي مرضيءَ موجب پاڪ روح جون نعمتون ورھائيندي انھيءَ ڇوٽڪاري جي شاھدي ڏيندو رھيو.

ڇوٽڪاري جو اڳواڻ

5. سو ايندڙ جھان، جنھن جو اسين ذڪر ٿا ڪريون، تنھن کي خدا ملائڪن جي تابع نہ ڪيو.

6. پر پاڪ ڪلام ۾ ڪنھن شاھدي ڏني آھي تہ”انسان ڇا آھي، جو تون ھن کي ياد ڪرين،يا انسان جو اولاد ڇا آھي، جو تون ھن جو فڪر ڪرين.

7. تو ھن کي ملائڪن کان ٿورڙو گھٽ ڪيو.تو ھن کي عزت ۽ عظمت وارو تاج پارايو.

8. تو سڀ شيون ھن جي پيرن ھيٺ ڪري ڇڏيون.“خدا سڀ شيون انسان جي تابع ڪيون آھن ۽ ڪابہ اھڙي شيءِ نہ ڇڏي اٿس جا سندس تابع نہ ھجي، پر اڃا تائين اسين سڀ شيون ھن جي تابع نہ ٿا ڏسون.

9. مگر اسين عيسيٰ کي ڏسون ٿا، جنھن کي موت سھڻ ڪري عزت ۽ عظمت وارو تاج پارايو ويو آھي. ھن کي ملائڪن کان انھيءَ ڪري ٿورڙو گھٽ ڪيو ويو ھو، تہ جيئن ھو خدا جي فضل سان ھر انسان لاءِ موت جو مزو چکي.

10. جنھن جي لاءِ ۽ جنھن جي وسيلي سڀ شيون پيدا ٿيون آھن، تنھن خدا لاءِ اھو مناسب ھو تہ جڏھن گھڻن ٻارن کي عظمت ۾ داخل ڪري تڏھن انھن جي ڇوٽڪاري جي اڳواڻ کي ڏکن جي وسيلي ڪامل ڪري.

11. جيئن تہ پاڪ ڪرڻ وارو ۽ پاڪ ٿيڻ وارا ٻئي ساڳئي ئي گھراڻي جا آھن، تنھنڪري عيسيٰ انھن کي ڀاءُ ڀيڻ ڪري سڏڻ کان نہ ٿو شرمائي.

12. بلڪ ھو چوي ٿو تہ”آءٌ پنھنجي ڀائرن ۽ ڀينرن ۾ تنھنجو نالو پڌرو ڪندس.جماعت ۾ آءٌ تنھنجي ساراھہ جا گيت ڳائيندس.“

13. ھو وري چوي ٿو تہ”آءٌ ھن تي ڀروسو ڪندس.“ ھو ائين بہ چوي ٿو تہ”اِجھو، آءٌ آھيان ۽ اھي ٻار پڻ،جيڪي خدا مون کي ڏنا آھن.“

14. جھڙيءَ طرح ھن جا اھي ٻار انسان آھن، تھڙيءَ طرح عيسيٰ بہ انھن وانگر ٿيو تہ جيئن پنھنجي موت جي وسيلي شيطان کي ناس ڪري، جنھن کي موت تي اختيار آھي.

15. ان سان گڏ ھو انھن سڀني کي آزاد ڪري، جيڪي موت جي ڊپ کان سڄي عمر غلاميءَ ۾ گرفتار ھئا.

16. حقيقت ۾ ھو ملائڪن جي نہ، بلڪ ابراھيم جي نسل جي مدد ٿو ڪري.

17. تنھنڪري اھو ضروري ھو تہ ھو ھر طرح پنھنجي ڀائرن ۽ ڀينرن وانگر ٿئي، انھيءَ لاءِ تہ خدا جي خدمت ڪرڻ ۾ ھو اھڙو وڏو سردار ڪاھن ٿئي، جيڪو رحمدل ۽ وفادار ھجي ۽ ماڻھن جي گناھن جو ڪفارو ادا ڪري.

18. ڇالاءِ⁠جو جڏھن مٿس آزمائش پئي تہ ھن پاڻ ڏک سَٺا، تنھنڪري ھو انھن جي بہ مدد ڪري سگھي ٿو جيڪي آزمائش ۾ پون ٿا.