بابن

  1. 1
  2. 2
  3. 3
  4. 4
  5. 5
  6. 6
  7. 7
  8. 8
  9. 9
  10. 10
  11. 11
  12. 12
  13. 13

نئين عهد نامي

عبرانين 3 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

موسيٰ کان عيسيٰ مٿاھون آھي

1. تنھنڪري اي پاڪ ڀائرو ۽ ڀينرون! جيڪي آسماني ڪوٺ ۾ شريڪ آھيو، اوھين انھيءَ رسول ۽ وڏي سردار ڪاھن عيسيٰ تي غور ڪريو، جنھن کي اسين مڃون ٿا.

2. ھو پنھنجي مقرر ڪرڻ واري سان اھڙو وفادار رھيو، جھڙو موسيٰ خدا جي سڄي گھراڻي سان وفادار ھو.

3. جيئن ڪنھن گھر جو جوڙيندڙ انھيءَ گھر کان وڌيڪ عزت وارو ٿئي ٿو، تيئن عيسيٰ بہ موسيٰ کان وڌيڪ عزت جي لائق ليکيو ويو.

4. ڇالاءِ⁠جو ھر گھر جو ڪو نہ ڪو جوڙيندڙ ھوندو آھي، پر جنھن سڀ ڪجھہ بڻايو سو خدا ئي آھي.

5. ھاڻي موسيٰ خادم جي حيثيت ۾ خدا جي سڄي گھراڻي سان وفادار رھيو، انھيءَ لاءِ تہ جيڪي ڳالھيون پوءِ بيان ٿيڻيون ھيون، تن جي شاھدي ڏئي.

6. پر مسيح فرزند جي حيثيت ۾ خدا جي گھر جو مختيار ھوندي وفادار رھيو. ھاڻي خدا جو گھراڻو اسين آھيون، بشرطيڪ اسين پنھنجيءَ ھمت ۽ انھيءَ اميد تي قائم رھون، جنھن تي اسان کي فخر آھي.

بي⁠اعتباريءَ خلاف تاڪيد

7. جيئن پاڪ روح فرمائي ٿو تہ”جيڪڏھن اڄ اوھين ھن جو آواز ٻڌو،

8. تہ پنھنجون دليون سخت نہ ڪجو،جيئن چڙ ڏيارڻ واري مھل، يعني آزمائش جي ڏينھناوھان رڻ⁠پٽ ۾ ڪيو.

9. اتي اوھان جي ابن ڏاڏن منھنجي آزمائش ورتي،مون کي پرکيو۽ چاليھن سالن تائين منھنجا ڪم ڏٺائون.

10. تنھنڪري انھيءَ پيڙھيءَ کان آءٌ ناراض ٿيس،۽ چيم تہ ’انھن ماڻھن جون دليونھميشہ گمراھہ ٿينديون رھن ٿيون.انھن منھنجي واٽن کي ڪين سڃاتو.‘

11. تنھنڪري مون ڪاوڙ ۾ قسم کنيو تہ’ھو منھنجي آرام ۾ ڪڏھن بہ داخل نہ ٿيندا.‘“

12. اي ڀائرو ۽ ڀينرون! خبردار رھجو، متان اوھان مان ڪنھن جي دل بڇڙي ۽ منڪر ٿي زندہ خدا کان ڦري نہ وڃي.

13. پر اوھين جيسين اڄوڪو ڏينھن چوڻ ۾ اچي ٿو، تيسين ھر روز ھڪ ٻئي کي ھمتائيندا رھجو، انھيءَ لاءِ تہ متان اوھان مان ڪو گناھہ جي فريب ۾ اچي سخت⁠دل نہ ٿي پوي.

14. ڇالاءِ⁠جو اسين مسيح سان شريڪ ٿيا آھيون، بشرطيڪ اسين پنھنجي شروع واري يقين تي پڇاڙيءَ تائين مضبوطيءَ سان قائم رھون.

15. جيئن چيو ويو آھي تہ”جيڪڏھن اڄ اوھين ھن جو آواز ٻڌو،تہ پنھنجون دليون سخت نہ ڪجو،جيئن اوھان چڙ ڏيارڻ واري مھل ڪيو ھو.“

16. اھي ڪير ھئا جن آواز ٻڌي خدا کي چڙ ڏياري؟ ڇا اھي سڀيئي نہ ھئا جيڪي موسيٰ جي اڳواڻيءَ ۾ مصر مان نڪتا ھئا؟

17. اھي ڪير ھئا جن کان ھو چاليھن سالن تائين ناراض رھيو؟ ڇا ھو اھي نہ ھئا جن گناھہ ڪيو ۽ جن جا لاش رڻ⁠پٽ ۾ پيا رھيا؟

18. ۽ اھي ڪير ھئا جن لاءِ خدا قسم کڻي چيو تہ”ھو منھنجي آرام ۾ ڪڏھن بہ داخل نہ ٿيندا“؟ ڇا ھو اھي نہ ھئا جن نافرماني ڪئي؟

19. اھڙيءَ طرح اسين ڏسون ٿا تہ اھي ايمان نہ آڻڻ جي ڪري داخل ٿي نہ سگھيا.