بابن

  1. 1
  2. 2
  3. 3
  4. 4
  5. 5
  6. 6
  7. 7
  8. 8
  9. 9
  10. 10
  11. 11
  12. 12
  13. 13

نئين عهد نامي

عبرانين 5 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

1. حقيقت ۾ ھر ڪو سردار ڪاھن جيڪو ماڻھن مان ٿو چونڊجي، سو ماڻھن جي ئي لاءِ خدا سان تعلق رکندڙ ڳالھين واسطي مقرر ٿو ڪجي، انھيءَ لاءِ تہ ھو نذر ۽ گناھن لاءِ قربانيون ادا ڪري.

2. ھو جاھلن ۽ گمراھہ ٿيندڙن سان نرميءَ واري ھلت ڪري ٿو سگھي، ڇوتہ ھو پاڻ بہ ڪمزوريءَ ۾ مبتلا آھي.

3. انھيءَ ڪري مٿس اھو فرض آھي تہ جھڙيءَ طرح پنھنجي گناھن واسطي قرباني ادا ڪري ٿو، تھڙيءَ طرح ماڻھن جي گناھن لاءِ بہ ڪري.

4. ڪوبہ ماڻھو پنھنجو پاڻ اھا عزت ھٿ ڪري نہ ٿو سگھي، جيستائين خدا کيس ھارون وانگر نہ چونڊي.

5. ساڳيءَ طرح مسيح بہ پاڻ کي سردار ڪاھن ٿيڻ جي عزت پاڻ نہ ڏني، بلڪ خدا کيس چيو تہ”تون منھنجو فرزند آھين،اڄ کان پوءِ آءٌ تنھنجو پيءُ آھيان.“

6. اھڙيءَ طرح ھو ٻي ھنڌ بہ چوي ٿو تہ”تون ملڪصدق جي طريقي موجبھميشہ لاءِ ڪاھن آھين.“

7. عيسيٰ پنھنجي جسماني زندگيءَ ۾ زارون زار روئي ۽ دانھون ڪري خدا کان دعائون گھريون ۽ منٿون ڪيون، جيڪو کيس موت کان بچائي ٿي سگھيو. انھيءَ ادب واري تابعداريءَ جي ڪري سندس دعائون قبول پيون.

8. جيتوڻيڪ ھو فرزند ھو، تڏھن بہ ھن ڏک سھي ڪري فرمانبرداري سکي.

9. پوءِ ڪامل بڻجي ھو پنھنجي سڀني فرمانبردارن لاءِ دائمي ڇوٽڪاري جو باني بڻيو.

10. ان سان گڏ خدا جي طرفان ملڪصدق جي طريقي موجب سردار ڪاھن مقرر ڪيو ويو.

ايمان ڇڏڻ خلاف تاڪيد

11. انھيءَ باري ۾ اسان کي گھڻو ڪجھہ چوڻو آھي، پر اوھان کي سمجھائڻ مشڪل آھي، ڇالاءِ⁠جو اوھين ڪنن کان گھٻرا ٿي پيا آھيو.

12. حقيقت ۾ وقت جي لحاظ کان تہ اوھان کي استاد ٿيڻ گھربو ھو، پر اوھين اڃا تائين انھيءَ ڳالھہ جا محتاج آھيو تہ ڪو ماڻھو وري اوھان کي خدا جي ڪلام جي ابتدائي اصولن جي تعليم ڏئي. سو اوھان کي سخت کاڌي بدران اڃا کير جي گھرج آھي.

13. ھاڻي جيڪو رڳو کير تي ٿو پلي، سو اڃا ٻارڙو آھي ۽ ھن کي سچائيءَ جي تعليم بابت ڪو آزمودو ڪونھي.

14. پر سخت کاڌو پوريءَ عمر وارن جي لاءِ آھي، جيڪي آزمودي وسيلي ان لائق ٿي ويا آھن جو نيڪيءَ ۽ بديءَ جو فرق سمجھي سگھن.