بابن

  1. 1
  2. 2
  3. 3
  4. 4
  5. 5
  6. 6
  7. 7
  8. 8
  9. 9
  10. 10
  11. 11
  12. 12
  13. 13

نئين عهد نامي

عبرانين 9 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

زميني ۽ آسماني عبادت⁠گاھون

1. مطلب تہ پھرين عھد ۾ بہ عبادت جا قانون ھئا ۽ ھڪ زميني عبادت⁠گاھہ بہ ھئي،

2. يعني ھڪ مقدس خيمو کوڙيو ويو ھو، جنھن جي پھرين ڪمري ۾ شمعدان، ميز ۽ نذراني جون مانيون رکيل ھيون. انھيءَ کي مقدس جاءِ سڏيو ويندو ھو.

3. ٻئي پردي جي پٺيان اھو ڪمرو ھو جنھن کي مقدس ترين جاءِ سڏبو ھو.

4. انھيءَ ۾ لوبان ساڙڻ واري سوني قربان⁠گاھہ ھئي ۽ چئني پاسن کان سون سان مڙھيل عھد واري صندوق رکيل ھئي. انھيءَ صندوق ۾ مَنَ سان ڀريل ھڪ سونو ٿانءُ، ھارون جي لٺ جنھن مکڙيون جھليون ھيون ۽ عھدنامي جون پٿريليون تختيون ھيون.

5. صندوق جي مٿان پردار آسماني مخلوق جھڙيون شڪليون ٺھيل ھيون، جيڪي خدا جي موجودگيءَ جي نشاني ھيون ۽ اھي ڪفارہ⁠گاھہ تي ڇانوَ ڪيو بيٺيون ھيون. پر ھن وقت انھن ڳالھين جي تفصيل بيان ڪرڻ جو موقعو ناھي.

6. سو انھن شين جي اھڙيءَ طرح تيار ٿي وڃڻ کان پوءِ مقدس خيمي جي پھرين ڪمري ۾ ڪاھن خدمت بجاءِ آڻڻ لاءِ ھر وقت داخل ٿيندا رھن ٿا.

7. پر اندرين ڪمري ۾ رڳو سردار ڪاھن سال ۾ فقط ھڪڙو ڀيرو داخل ٿيندو آھي. سو بہ انھيءَ رت کان سواءِ نہ ويندو آھي، جيڪو ھو پنھنجي ۽ پنھنجي قوم وارن جي اڻ⁠ڄاڻائيءَ وارن گناھن لاءِ نذرانو ڪري ڏيندو آھي.

8. انھيءَ مان پاڪ روح ھي اشارو ٿو ڏئي تہ جيستائين مقدس خيمي جو پھريون ڪمرو بيٺو آھي، تيستائين مقدس ترين جاءِ جو رستو کليل نہ آھي.

9. اھو ھاڻوڪي زماني لاءِ ھڪڙو مثال آھي، جنھن مان ظاھر ٿو ٿئي تہ جيڪي نذرانا ۽ قربانيون ڏنيون وينديون ھيون، سي عبادت ڪندڙ جي ضمير کي ڪامل ڪري نہ ٿيون سگھن.

10. ڇالاءِ⁠جو اھي رڳو کائڻ پيئڻ ۽ مختلف طريقن سان پاڪ صاف ٿيڻ جون رسمون آھن ۽ اھڙا ظاھري قانون آھن جيڪي نئين سڌاري جي وقت تائين مقرر ڪيا ويا ھئا.

مسيح جو رت

11. پر جڏھن مسيح اڳ ۾ موجود چڱين شين جو سردار ڪاھن ٿي آيو، تڏھن ھو وڌيڪ وڏي ۽ ڪامل خيمي جي رستي داخل ٿيو. اھو خيمو انسان جو ٺاھيل نہ آھي، يعني زميني نہ آھي.

12. مسيح انھيءَ مقدس ترين جاءِ ۾ ھڪڙو ئي ڀيرو داخل ٿيو. ھن ٻڪرين ۽ گابن جي رت جي وسيلي نہ، بلڪ خود پنھنجي رت جي وسيلي داخل ٿي اسان جي لاءِ ھميشہ جو ڇوٽڪارو حاصل ڪيو.

13. ڇالاءِ⁠جو جيڪڏھن ٻڪرين ۽ ڏاندن جو رت ۽ وھڙي جي رک ناپاڪن تي ڇٽڪارڻ سان کين جسماني طور پاڪ ڪري سگھجي ٿو،

14. تہ پوءِ مسيح جو رت ان کان ڪيترو نہ وڌيڪ پاڪ ڪندو، جنھن ابدي روح جي وسيلي پاڻ کي خدا جي آڏو بي⁠عيب قربانيءَ طور ڏيئي ڇڏيو. سندس رت اسان جي دلين کي اھڙن ڪمن کان پاڪ ڪندو جن جي پڇاڙي موت آھي، تہ جيئن اسين زندہ خدا جي عبادت ڪريون.

15. انھيءَ ڪري ئي مسيح نئين عھد جو وچ وارو آھي. جن ماڻھن پھرين عھد جي زماني ۾ ڏوھہ ڪيا ھئا، تن کي ھن پنھنجي جان ڏيئي آزاد ڪرايو. انھيءَ لاءِ تہ جن کي سڏيو ويو آھي، سي واعدي ڪيل دائمي ورثو حاصل ڪن.

16. ڇالاءِ⁠جو وصيت⁠نامي جي معاملي ۾ اھو ضروري آھي تہ وصيت ڪندڙ جو موت ثابت ٿئي.

17. وصيت ڪرڻ واري جو جيئري وصيت⁠نامو ڪنھن ڪم جو نہ آھي. ھن ڪري جو وصيت⁠نامو تڏھن عمل ۾ ٿو اچي جڏھن ڪو ماڻھو مري ٿو.

18. اھو ئي سبب آھي جو پھريون عھد بہ رت کان سواءِ قائم نہ ڪيو ويو.

19. جڏھن موسيٰ شريعت جو ھر حڪم ساريءَ قوم کي ٻڌائي چڪو، تڏھن ھن گابن ۽ ٻڪرين جو رت کڻي پاڻيءَ سان گڏي، قرمزي اُن ۽ زوفا جي ٽارين سان شريعت جي ڪتاب ۽ ساريءَ قوم تي ڇٽڪاريو.

20. ھن اھو بہ چيو تہ ”ھي انھيءَ عھد جو رت آھي، جنھن جو خدا اوھان کي حڪم ڏنو آھي.“

21. ساڳيءَ طرح موسيٰ مقدس خيمي ۽ عبادت جي سڀني شين تي رت ڇٽڪاريو.

22. حقيقت ۾ شريعت موجب گھڻو ڪري سڀ شيون رت سان پاڪ ٿي وڃن ٿيون ۽ رت وھائڻ کان سواءِ معافي نہ ٿي ملي.

مسيح گناھہ کڻي وڃڻ لاءِ قربان ٿيو

23. تنھنڪري اھو ضروري ھو تہ آسماني شين جا نقل اھڙين قربانين جي وسيلي پاڪ ڪيا وڃن، بلڪ خود آسماني شيون انھن کان بھتر قربانين جي وسيلي پاڪ ڪجن.

24. ڇالاءِ⁠جو مسيح انسان جي ٺاھيل مقدس جاءِ ۾ داخل نہ ٿيو، جيڪا حقيقي مقدس جاءِ جو رڳو نقل ھئي. پر ھو آسمان ۾ ئي داخل ٿيو، تہ جيئن خدا جي حضور ۾ اسان جي خاطر حاضر ٿئي.

25. سردار ڪاھن ھر سال مقدس ترين جاءِ ۾ پنھنجو نہ پر ٻئي جو رت کڻي ٿو وڃي. پر مسيح پاڻ کي وري وري قربان ڪرڻ لاءِ آسمان ۾ داخل نہ ٿو ٿئي،

26. ⁠نہ⁠تہ جھان جي شروعات کان وٺي ڪيترائي ڀيرا کيس ڏک سھڻو پوي ھا. پر ھاڻي زمانن جي پڇاڙيءَ ۾ ھو ھڪڙو ئي ڀيرو ظاھر ٿيو، انھيءَ لاءِ تہ پاڻ کي قربان ڪرڻ سان گناھہ کي مٽائي ڇڏي.

27. جھڙيءَ طرح انسان جو ھڪڙي ئي ڀيري مرڻ ۽ انھيءَ کان پوءِ عدالت جي اڳيان پيش ٿيڻ مقرر ٿيل آھي،

28. تھڙيءَ طرح مسيح بہ ھڪڙي ئي ڀيري گھڻن ماڻھن جي گناھن کڻي وڃڻ لاءِ قربان ٿيو. پر جڏھن ھو ٻيھر ظاھر ٿيندو تہ گناھہ کڻڻ لاءِ نہ، بلڪ انھن کي ڇوٽڪارو ڏيڻ لاءِ ايندو جيڪي سندس واٽ پيا نھارين.