بابن

  1. 1
  2. 2
  3. 3
  4. 4
  5. 5
  6. 6
  7. 7
  8. 8
  9. 9
  10. 10
  11. 11
  12. 12
  13. 13

نئين عهد نامي

عبرانين 12 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

خدا اسان جو روحاني پيءُ

1. جڏھن تہ شاھدن جي ھيڏي وڏي ڪڪر اسان جو اچي گھيرو ڪيو آھي، تنھنڪري اچو تہ اسين بہ ھر ھڪ رڪاوٽ ۽ انھيءَ گناھہ کي جيڪو اسان کي آسانيءَ سان منجھائي ٿو، پاسي ڪريون ۽ ثابت⁠قدميءَ سان انھيءَ ڊوڙ ۾ ڊوڙون جيڪا اسان جي اڳيان آھي.

2. اچو تہ اسين عيسيٰ ڏانھن نھاريندا رھون، جيڪو اسان جي ايمان جو باني ۽ ڪامل ڪندڙ آھي. ھن انھيءَ خوشيءَ جي خاطر جيڪا بعد ۾ کيس ملڻي ھئي، شرمندگيءَ جي پرواھہ نہ ڪري صليب جو ڏک سٺو ۽ خدا جي تخت جي ساڄي پاسي وڃي ويٺو.

3. انھيءَ تي غور ڪريو، جنھن گنھگارن جي طرفان ايتري مخالفت برداشت ڪئي، تان تہ اوھين بيزار ٿي ھمت نہ ھاريو.

4. اوھان گناھہ جي خلاف وڙھڻ ۾ اڃا تائين اھڙو مقابلو نہ ڪيو آھي جو اوھان جو رت وھايو ويو ھجي.

5. اوھين انھيءَ ھمتائيندڙ نصيحت کي وساري ويٺا آھيو، جيڪا اوھان کي ٻارن وانگر ڪئي ويئي آھي تہ”اي منھنجا ٻچا! خداوند جي سيکت کيخسيس نہ سمجھہ،۽ جڏھن ھو تو کي تنبيھہ ڪري،تڏھن ھمت نہ ھار.

6. جنھن سان خداوند محبت ٿو رکي،تنھن کي ھو سيکت بہ ڏئي ٿو،۽ جنھن کي ٻار ٿو بڻائي،تنھن کي سزا بہ ڏئي ٿو.“

7. انھيءَ سيکت کي برداشت ڪندا رھو، خدا اوھان سان ٻچن جھڙي ھلت ٿو ڪري. ڇالاءِ⁠جو اھو ڪھڙو ٻار آھي، جنھن کي سندس پيءُ سيکت نہ ٿو ڏئي؟

8. پر جيڪڏھن اوھان کي اھا سيکت نہ ڏبي، جيڪا ھر ڪو ٻار ٿو سھي، تڏھن اوھين حرامزادا ٿيا، نڪي سچا ٻار.

9. تنھن کان سواءِ جڏھن اسان جا جسماني پيئر اسان کي سيکت ڏيندا ھئا، تڏھن انھن جي تعظيم ڪندا ھئاسون، تہ پوءِ اسين پنھنجي روحاني پيءُ جي ڇو نہ وڌيڪ تابعداري ڪريون تہ جيئن جيئرا رھون؟

10. اسان جا جسماني پيئر ٿورن ڏينھن جي لاءِ جيئن مناسب سمجھندا ھئا تيئن اسان کي سيکت ڏيندا ھئا، پر خدا اسان جي ڀلائيءَ جي لاءِ اسان کي سيکت ٿو ڏئي، تہ جيئن اسين سندس پاڪائيءَ ۾ شامل ٿيون.

11. ڪابہ سيکت جڏھن ڏني وڃي ٿي، تڏھن خوشيءَ جو نہ، بلڪ غم جو سبب ٿي معلوم ٿئي. پر اھا آخر ۾، جيڪي برداشت ڪري پڪا ٿي ويا، تن کي سچائيءَ جو ڦل ٿي بخشي، جنھن سان اطمينان حاصل ٿئي ٿو.

12. تنھنڪري ڍلا ھٿ ۽ ڪمزور گوڏا مضبوط ڪريو.

13. پنھنجي پيرن لاءِ رستا سنوان ڪريو، انھيءَ لاءِ تہ ڪو منڊو ٿاٻو نہ کائي، بلڪ ڇٽي چڱو ڀلو ٿئي.

خدائي ڳالھين جي انڪار بابت چتاءُ

14. سڀني ماڻھن سان صلح سان رھڻ جي ڪوشش ڪريو ۽ انھيءَ پاڪائيءَ جا طلبگار ٿيو، جنھن کانسواءِ ڪوبہ خداوند کي نہ ڏسندو.

15. خيال رکو تہ ڪوبہ ماڻھو خدا جي فضل کان محروم نہ رھجي وڃي، متان ڪا ڪڙي پاڙ ڦُٽي اوھان کي تڪليف ڏئي ۽ انھيءَ جي ڪري گھڻا ئي ماڻھو پليت ٿي پون.

16. خيال رکو تہ متان ڪو زناڪار يا عيسوءَ وانگر بي⁠دين نہ ٿئي، جنھن ھڪڙي وقت جي کاڌي جي عيوض پنھنجي پھريتي ٿيڻ جو حق وڪڻي ڇڏيو.

17. اوھين ڄاڻو ٿا تہ انھيءَ کان پوءِ جڏھن ھن برڪت جو وارث ٿيڻ ٿي گھريو تہ کيس رد ڪيو ويو. ھن کي توبھہ ڪرڻ جو موقعو بہ نہ مليو، جيتوڻيڪ ھن ڳوڙھا ڳاڙيندي انھيءَ برڪت کي ھٿ ڪرڻ جي تمام گھڻي ڳولا ڪئي.

18. اوھين سينا جبل وٽ نہ آيا، جنھن کي ڇھي سگھڻ ممڪن ھو. اھو جبل باھہ سان پئي ٻريو ۽ مٿس ڪاراڻ، اونداھي ۽ طوفان ھو.

19. انھيءَ تي نفيل جو شور ۽ ڪلام ٻڌائيندڙ جو اھڙو آواز ھو، جنھن جي ٻڌڻ وارن عرض ڪيو تہ کين وڌيڪ ڪلام نہ ٻڌايو وڃي.

20. ڇالاءِ⁠جو ھو اھو حڪم برداشت ڪري نہ سگھيا، جنھن ۾ کين چيو ويو ھو تہ ”جيڪڏھن ڪو جانور بہ انھيءَ جبل کي ڇھي تہ کيس سنگسار ڪيو وڃي.“

21. اھو نظارو اھڙو تہ خوفناڪ ھو جو موسيٰ چيو تہ ”آءٌ ڏاڍو ڊڄان ۽ ڏڪان ٿو.“

22. پر اوھين صيئون جبل تي زندہ خدا جي شھر، يعني آسماني يروشلم وٽ ۽ ملائڪن جي بيشمار لشڪر وٽ آيا آھيو.

23. اوھين انھن پھريتن جي جماعت، يعني ڪليسيا ۾ آيا آھيو، جن جا نالا آسمان ۾ لکيل آھن. اوھين سڀني جي منصف خدا وٽ ۽ ڪامل ڪيل سچارن جي روحن وٽ آيا آھيو.

24. اوھين نئين عھد جي وچ واري عيسيٰ وٽ ۽ انھيءَ ڇٽڪاريل رت وٽ آيا آھيو، جيڪو ھابيل جي رت کان بھتر ڳالھيون ٿو ڪري.

25. خبردار، انھيءَ ڳالھائڻ واري جو انڪار نہ ڪجو، ڇالاءِ⁠جو جن ماڻھن زمين تي ھدايت ڪرڻ واري جو انڪار ڪيو تہ اھي بچي نہ سگھيا، تہ پوءِ اسين ڪيئن بچي سگھنداسين، جيڪڏھن انھيءَ کان منھن موڙينداسين جيڪو آسمان مان ھدايت ٿو ڪري؟

26. سندس آواز انھيءَ وقت زمين کي لوڏي ڇڏيو ھو. پر ھاڻي ھن اھو واعدو ڪيو آھي تہ”ھڪڙو دفعو اڃا بہ، نہ رڳو زمين کي،بلڪ آسمان کي بہ لوڏي ڇڏيندس.“

27. سو اھي لفظ تہ ”ھڪڙو دفعو اڃا بہ،“ اھو ظاھر ٿا ڪن تہ جيڪي شيون لوڏيون وڃن ٿيون، سي خلقيل شين وانگر گم ٿي وينديون. انھيءَ لاءِ تہ جيڪي شيون نہ ٿيون لڏن سي قائم رھن.

28. تنھنڪري اچو تہ اھڙي بادشاھت حاصل ڪريون، جيڪا لڏي وڃڻ واري ناھي. اسين شڪرگذار ٿيون ۽ اھڙي ادب ۽ خوف سان عبادت ڪريون جو اھا خدا کي پسند اچي.

29. ڇالاءِ⁠جو اسان جو خدا ساڙي رک ڪرڻ واري باھہ آھي.