بابن

  1. 1
  2. 2
  3. 3
  4. 4
  5. 5
  6. 6
  7. 7
  8. 8
  9. 9
  10. 10
  11. 11
  12. 12
  13. 13

نئين عهد نامي

عبرانين 13 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

خدا کي وڻندڙ خدمت

1. ھڪ ٻئي کي ھڪ ڪٽنب جا سمجھي محبت ڪندا رھو.

2. مسافرن جي مھمان⁠نوازي ڪندا رھو، ڇالاءِ⁠جو ائين ڪرڻ سان ڪن ماڻھن بي⁠خبريءَ ۾ ملائڪن جي مھمانداري ڪئي آھي.

3. قيدين کي ياد رکو جو ڄڻ تہ اوھين بہ انھن سان گڏ قيد ۾ آھيو. جن سان بدسلوڪي ڪئي وڃي ٿي تن کي بہ ياد ڪريو، جو ڄڻ تہ اوھين بہ انھن سان گڏ ڏک سھو ٿا.

4. سڀني ماڻھن جي نظر ۾ شادي عزت جي ڳالھہ ھئڻ کپي ۽ زال مڙس کي ھڪ ٻئي سان وفادار ھئڻ گھرجي، ڇالاءِ⁠جو خدا زناڪارن ۽ حرامڪارن کي سزا ڏيندو.

5. پيسي سان پيار نہ رکو، جيڪي اوھان وٽ آھي تنھن تي راضي رھو. ڇالاءِ⁠جو خدا پاڻ چيو آھي تہ”آءٌ تو کي ڪڏھن بہ ڇڏي نہ ڏيندس،۽ نڪي ڪڏھن تو کي وساريندس.“

6. تنھنڪري اسين پوري يقين سان چئي ٿا سگھون تہ”خداوند منھنجو مددگار آھي،آءٌ ڪين ڊڄندس.انسان مون کي ڇا ٿو ڪري سگھي؟“

7. اوھين پنھنجي اڳواڻن کي ياد ڪريو، جن اوھان کي خدا جو ڪلام ٻڌايو. انھن جي زندگي گذارڻ ۽ سندن موت تي غور ڪري انھن جھڙو ايمان ڌاريو.

8. عيسيٰ مسيح ڪالھہ توڙي اڄ، بلڪ ھميشہ تائين ساڳيو ئي آھي.

9. جدا جدا قسمن جي عجيب تعليم تي لڳي گمراھہ نہ ٿيو. ڇالاءِ⁠جو اوھان جي لاءِ اھو چڱو آھي تہ دلين کي فضل جي وسيلي پختو رکو، نڪي انھن رسمي کاڌن جي وسيلي، جن مان انھن جي کائڻ وارن کي ڪوبہ فائدو حاصل ڪونہ ٿيو.

10. اسان جي تہ ھڪڙي اھڙي قربان⁠گاھہ آھي، جنھن مان پھرين عھد جي ڪاھنن کي کائڻ جو ڪوبہ حق ڪونھي.

11. ڇالاءِ⁠جو جن جانورن جو رت سردار ڪاھن گناھن جي ڪفاري جي لاءِ مقدس ترين جاءِ ۾ کڻي ٿو وڃي، تن جا بدن خيمي⁠گاھہ جي ٻاھران ساڙيا ٿا وڃن.

12. انھيءَ ڪري عيسيٰ بہ شھر جي دروازي جي ٻاھران ڏک سٺو، تہ جيئن پنھنجي رت جي وسيلي پنھنجيءَ امت کي پاڪ ڪري.

13. تنھنڪري اچو تہ اسين سندس خواري پاڻ تي کڻي خيمي⁠گاھہ کان ٻاھر ھن وٽ ھلون.

14. ڇالاءِ⁠جو ھتي اسان جو ڪو قائم رھڻ وارو شھر ڪونھي، بلڪ اسين اھڙي شھر جي ڳولا ۾ آھيون جيڪو اچڻ وارو آھي.

15. تنھنڪري اچو تہ اسين عيسيٰ جي وسيلي سدائين خدا جي واکاڻ جي قرباني ڪندا رھون، يعني انھيءَ زبان جو ڦل نذر ڪريون، جيڪا سندس نالي جو اقرار ٿي ڪري.

16. پر نيڪي ڪرڻ ۽ ھڪ ٻئي جي مدد ڪرڻ کي نہ وساريو، ڇالاءِ⁠جو اھڙيون قربانيون خدا کي پسند آھن.

17. اوھين پنھنجي اڳواڻن جا فرمانبردار ۽ تابعدار ٿي رھو، ڇالاءِ⁠جو اھي اوھان جي روحاني فائدي لاءِ حساب ڏيندڙن وانگر سجاڳ ٿا رھن. سندن فرمانبرداري ڪريو، تہ جيئن ھو اھو ڪم خوشيءَ سان ڪن ۽ نہ رنج سان، نہ تہ اوھان کي ڪوبہ فائدو ڪونہ ٿيندو.

18. اسان جي لاءِ دعا گھرندا رھو، ڇالاءِ⁠جو اسان کي پڪ آھي تہ اسان جي نيت صاف آھي ۽ اسين ھر طرح ايمانداريءَ سان زندگي گذارڻ ٿا چاھيون.

19. آءٌ اوھان کي خاص طور ھن ڪري منٿ ٿو ڪريان تہ اوھين دعا ڪريو، تہ جيئن آءٌ جلد اوھان وٽ وري اچي سگھان.

آخر ۾ دعا سلام

20. اطمينان ڏيندڙ خدا دائمي عھد جي رت جي وسيلي، اسان جي خداوند عيسيٰ کي رڍن جو وڏو ڌنار ڪري مئلن مان وري جياري اٿاريو.

21. شل اھو ئي خدا ھر چڱي ڪم ۾ پنھنجي مرضي پوري ڪرڻ لاءِ اوھان کي ڪامل ڪري، شل ھو اسان ۾ عيسيٰ مسيح جي وسيلي اھو ڪجھہ پيدا ڪري، جيڪو کيس پسند آھي. سندس واکاڻ ھميشہ ھميشہ تائين قائم رھي. آمين.

22. اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوھان کي گذارش ٿو ڪريان تہ ھن نصيحت جي ڳالھہ کي برداشت ڪريو، ڇالاءِ⁠جو مون اوھان ڏانھن مختصر طور لکيو آھي.

23. آءٌ اوھان کي ٻڌائڻ ٿو چاھيان تہ اسان جو ڀاءُ تيمٿيس آزاد ڪيو ويو آھي. جيڪڏھن ھو جلد آيو تہ ساڻس گڏ آءٌ بہ اوھان سان اچي ملندس.

24. پنھنجي سڀني اڳواڻن ۽ سڀني ايمان وارن کي سلام ڏجو. اٽليءَ وارا بہ اوھان کي سلام ٿا چون.

25. شل اوھان سڀني تي فضل ھجي. آمين.