بابن

  1. 1
  2. 2
  3. 3
  4. 4
  5. 5
  6. 6
  7. 7
  8. 8
  9. 9
  10. 10
  11. 11
  12. 12
  13. 13
  14. 14
  15. 15
  16. 16
  17. 17
  18. 18
  19. 19
  20. 20
  21. 21

نئين عهد نامي

يوحنا 3 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

عيسيٰ ۽ نيڪديمس

1. اتي نيڪديمس نالي ھڪڙو فريسي ھو، جيڪو يھودين جو حاڪم ھو.

2. ھڪ رات ھو عيسيٰ وٽ آيو ۽ کيس چيائين تہ ”سائين! اسان کي خبر آھي تہ اوھين خدا جي طرفان استاد ٿي آيا آھيو، ڇالاءِ⁠جو جيڪي معجزا اوھين ڪريو ٿا سي جيڪر ڪوبہ نہ ڪري سگھي، جيستائين خدا ساڻس نہ ھجي.“

3. تنھن تي عيسيٰ وراڻيس تہ ”آءٌ تو کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيستائين ڪو ماڻھو نئين سر پيدا نہ ٿيندو، تيستائين خدا جي بادشاھت ڏسي نہ سگھندو.“

4. نيڪديمس پڇيس تہ ”ھڪ پوڙھو ماڻھو وري ٻيھر ڪيئن پيدا ٿي سگھندو؟ ڇا ائين ٿي سگھي ٿو جو ھو ٻيھر ماءُ جي پيٽ ۾ وڃي ۽ وري پيدا ٿئي؟“

5. تنھن تي عيسيٰ وراڻيس تہ ”آءٌ تو کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيستائين ڪو ماڻھو پاڻيءَ ۽ پاڪ روح مان پيدا نہ ٿيندو، تيستائين اھو خدا جي بادشاھت ۾ داخل ٿي نہ سگھندو.

6. انسان جسماني طرح پنھنجي ماءُ⁠پيءُ مان پيدا ٿيندو آھي، پر روحاني طرح پاڪ روح مان پيدا ٿيندو آھي.

7. تون انھيءَ ڪري عجب نہ کاءُ جو مون تو کي چيو تہ اوھان سڀني کي نئين سر پيدا ٿيڻ گھرجي.

8. جھڙيءَ طرح ھوا کي جيڏانھن وڻي ٿو تيڏانھن گھلي ٿي ۽ سندس آواز ٻڌڻ ۾ اچي ٿو، پر خبر نہ ٿي پوي تہ ڪٿان ٿي اچي ۽ ڪيڏانھن ٿي وڃي، تھڙيءَ طرح جيڪو پاڪ روح مان پيدا ٿيو آھي سو بہ ائين ئي آھي.“

9. تنھن تي نيڪديمس پڇيس تہ ”اھو ڪيئن ٿي سگھندو؟“

10. عيسيٰ وراڻيس تہ ”تون تہ بني اسرائيل جو وڏو استاد آھين ۽ تو کي ايتري بہ ڄاڻ نہ آھي؟

11. آءٌ تو کي سچ ٿو چوان تہ جيڪي اسين ڄاڻون ٿا، سو ڳالھايون ٿا ۽ جيڪي اسان ڏٺو آھي، تنھن جي شاھدي ڏيون ٿا. پر اوھان مان ڪوبہ اھڙو نہ آھي جيڪو اسان جي شاھدي قبول ڪري.

12. آءٌ اوھان کي ھن دنيا جون ڳالھيون ٿو ٻڌايان، پر اوھين ايمان نہ ٿا آڻيو. پوءِ اوھين ڪيئن ايمان آڻيندا جڏھن آءٌ اوھان کي آسمان جون ڳالھيون ٻڌائيندس؟

13. ڪوبہ آسمان ڏانھن مٿي چڙھي نہ ويو آھي، سواءِ انھيءَ جي جيڪو آسمان مان آيو آھي، يعني ابن⁠آدم.“

14. جيئن موسيٰ رڻ⁠پٽ ۾ نانگ کي مٿي چاڙھيو، تيئن ابن⁠آدم بہ ضرور مٿي چاڙھيو ويندو،

15. انھيءَ لاءِ تہ جيڪوبہ مٿس ايمان آڻي تنھن کي دائمي زندگي ملي.

16. ڇالاءِ⁠جو خدا دنيا سان ايترو تہ پيار ڪيو جو ھن پنھنجو ھڪڙو ئي فرزند ڏنو تہ جيڪوبہ مٿس ايمان آڻي سو برباد نہ ٿئي پر کيس دائمي زندگي ملي.

17. خدا پنھنجو فرزند دنيا ۾ انھيءَ لاءِ نہ موڪليو تہ ھو دنيا کي سزا ڏئي، پر انھيءَ لاءِ موڪليائين تہ ھن جي ئي وسيلي دنيا کي ڇوٽڪارو ملي.

18. جيڪو بہ مٿس ايمان آڻي ٿو تنھن کي سزا نہ ٿي ملي، پر جيڪو ايمان نہ ٿو آڻي تنھن کي تہ سزا اڳي ئي ملي چڪي آھي، ڇالاءِ⁠جو ھن خدا جي اڪيلي فرزند تي ايمان نہ آندو.

19. سزا جو سبب ھي آھي تہ روشني تہ دنيا ۾ اچي چڪي آھي پر ماڻھن اونداھيءَ کي روشنيءَ کان وڌيڪ پسند ڪيو، ڇالاءِ⁠جو سندن ڪم بڇڙا ھئا.

20. جيڪو بہ بڇڙا ڪم ڪري ٿو تنھن کي روشنيءَ کان نفرت آھي ۽ روشنيءَ ڏانھن نہ ٿو اچي، ڇالاءِ⁠جو ھن جي مرضي نہ آھي تہ سندس بڇڙا ڪم روشنيءَ ۾ پڌرا ٿين.

21. پر جيڪو سچ تي ھلي ٿو سو روشنيءَ ڏانھن اچي ٿو، انھيءَ لاءِ تہ سندس ڪم ظاھر ٿين، جيڪي ھن خدا جي مرضيءَ موجب ڪيا آھن.

عيسيٰ ۽ يحيٰ

22. ھن کان پوءِ عيسيٰ ۽ سندس شاگرد يھوديہ جي علائقي ۾ آيا. ھو اتي انھن سان ڪجھہ وقت رھيو ۽ بپتسما ڏيڻ لڳو.

23. يحيٰ بہ شاليم جي ويجھو عينون ۾ بپتسما ڏيئي رھيو ھو، ڇاڪاڻ⁠تہ اتي پاڻي گھڻو ھو. ماڻھو وٽس آيا پئي ۽ ھن کين بپتسما پئي ڏني.

24. ان وقت تائين يحيٰ کي جيل ۾ نہ وڌو ويو ھو.

25. يحيٰ جي ڪن شاگردن جو ھڪ يھودي اڳواڻ سان پاڪائيءَ جي رسم بابت بحث ٿيو.

26. اھي يحيٰ وٽ ويا ۽ کيس چيائون تہ ”استاد! اوھان کي اھو ماڻھو ياد آھي جيڪو اردن درياءَ جي ھُن ڀر اوھان سان گڏ ھو ۽ جنھن بابت اوھان شاھدي ڏني ھئي؟ اھو ھاڻي ماڻھن کي بپتسما ڏيئي رھيو آھي ۽ ھر ڪو انھيءَ ڏانھن وڃي رھيو آھي.“

27. تنھن تي يحيٰ ھي جواب ڏنو تہ ”ڪنھن انسان وٽ ايترو ٿي سگھي ٿو جيترو خدا کيس عطا ڪيو آھي.

28. اوھين خود شاھدي ڏيئي سگھو ٿا تہ مون چيو ھو تہ ’آءٌ مسيح نہ آھيان، پر آءٌ انھيءَ کان اڳ موڪليل آھيان.‘

29. گھوٽ اھو آھي جنھن جي ڪنوار آھي. پر گھوٽ جو دوست جيڪو سندس بيٺو ٻُڌي، سو سندس آواز تي ڏاڍو خوش ٿو ٿئي. آءٌ انھيءَ گھوٽ جو دوست آھيان ۽ ھاڻي منھنجي خوشي پوري ٿي آھي.

30. اھو ضروري آھي تہ ھو وڌي ۽ آءٌ گھٽجان.“

31. جيڪو مٿان اچي ٿو سو سڀني کان مٿاھون آھي. جيڪو دنيا جو آھي سو دنيا سان واسطو رکي ٿو ۽ ائين ڳالھائي ٿو جيئن ڪو دنيا وارو ڳالھائي. جيڪو آسمان کان اچي ٿو سو سڀني کان مٿاھون آھي.

32. ھو انھيءَ جي شاھدي ڏئي ٿو جيڪو ھن پاڻ ڏٺو ۽ ٻڌو آھي، پر سندس شاھدي ڪوبہ قبول نہ ٿو ڪري.

33. جنھن بہ ماڻھوءَ اھا شاھدي قبول ڪئي، تنھن ڄڻ اھا تصديق ڪئي تہ خدا سچو آھي.

34. جنھن کي خدا موڪليو آھي سو خدا جا لفظ ڳالھائي ٿو، ڇالاءِ⁠جو خدا کيس پنھنجو روح بي⁠حساب عطا ڪري ٿو.

35. پيءُ فرزند سان پيار ڪري ٿو ۽ کيس سڀڪا اختياري ڏيئي ڇڏي اٿس.

36. جيڪو بہ فرزند تي ايمان آڻي ٿو تنھن کي دائمي زندگي مليل آھي. پر جيڪو فرزند کي قبول نہ ٿو ڪري تنھن کي اھا زندگي ڪڏھن بہ نہ ملندي، اٽلندو خدا جو غضب مٿس رھي ٿو.