بابن

  1. 1
  2. 2
  3. 3
  4. 4
  5. 5
  6. 6
  7. 7
  8. 8
  9. 9
  10. 10
  11. 11
  12. 12
  13. 13
  14. 14
  15. 15
  16. 16
  17. 17
  18. 18
  19. 19
  20. 20
  21. 21

نئين عهد نامي

يوحنا 1 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

زندگيءَ جو ڪلام

1. دنيا جي شروعات کان اڳي ئي ڪلام موجود ھو، ڪلام خدا سان ھو ۽ ڪلام خدا ھو.

2. اھو ئي شروعات ۾ خدا سان ھو.

3. سڀيئي شيون ھن جي وسيلي پيدا ٿيون آھن ۽ جيڪا بہ شيءِ پيدا ٿي آھي، سا ھن کان سواءِ نہ بڻائي ويئي آھي.

4. ڪلام ئي زندگي ڏيندڙ ھو ۽ اھا زندگي ئي انسانن لاءِ روشني ھئي.

5. روشني اوندھہ ۾ چمڪي ٿي ۽ اوندھہ ڪڏھن بہ روشنيءَ تي غالب نہ آئي آھي.

6. يحيٰ نالي ھڪڙو شخص آيو، جيڪو خدا وٽان موڪليو ويو ھو.

7. اھو شاھد ٿي آيو تہ جيئن روشنيءَ بابت شاھدي ڏئي ۽ سڀيئي ماڻھو ان روشنيءَ تي ايمان آڻين.

8. ھو پاڻ تہ روشني نہ ھو، پر روشنيءَ بابت شاھدي ڏيڻ لاءِ آيو ھو.

9. اھا سچي روشني جيڪا ھر ھڪ انسان تي چمڪي ٿي سا اچڻ واري ھئي.

10. ڪلام دنيا ۾ ھو ۽ ھن جي ئي وسيلي دنيا پيدا ڪئي ويئي، تہ بہ دنيا ھن کي نہ سڃاتو.

11. ھو پنھنجن وٽ آيو، مگر پنھنجن کيس قبول نہ ڪيو.

12. پر جن بہ کيس قبول ڪيو يعني مٿس ايمان آندو، تن کي اھو حق ڏنائين تہ ھو خدا جا ٻار ٿين.

13. اھي رواجي طرح جسماني خواھش يا انساني مرضيءَ سان خدا جا ٻار نہ ٿيا، پر خدا خود کين پنھنجو ٻار بڻايو.

14. ڪلام انساني صورت ۾ آيو ۽ اچي اسان سان گڏ رھيو. اسان سندس جلوو ڏٺو، جيڪو ھن کي پيءُ جي ھڪڙي ئي فرزند ھئڻ ڪري مليو ۽ ھو فضل ۽ سچائيءَ سان ڀرپور ھو.

15. يحيٰ ھن بابت شاھدي ڏيندي وڏي واڪي چيو ھو تہ ”ھي اھو آھي، جنھن بابت مون چيو ھو تہ ’جيڪو منھنجي پٺيان ٿو اچي سو مون کان وڏو آھي، ڇالاءِ⁠جو ھو منھنجي پيدا ٿيڻ کان اڳي ئي موجود ھو.‘“

16. ھن جي فضل جي گھڻائيءَ جي ڪري اسان سڀني کي بخشش پٺيان بخشش ملي آھي.

17. شريعت موسيٰ جي معرفت ملي، پر فضل ۽ سچائي عيسيٰ مسيح جي معرفت مليا.

18. ڪنھن بہ ماڻھوءَ خدا کي ڪڏھن ڪونہ ڏٺو آھي پر سندس اڪيلي ئي فرزند، جيڪو سندس پاسي ۾ آھي، تنھن ئي کيس ظاھر ڪيو آھي.

يحيٰ بپتسما ڏيڻ واري جي شاھدي

19. يحيٰ جي شاھدي ھن طرح آھي تہ جڏھن يروشلم جي يھودي اڳواڻن يحيٰ ڏانھن ڪاھن ۽ لاوي موڪليا، جن اچي کانئس پڇيو تہ ”تون ڪير آھين؟“

20. تڏھن يحيٰ جواب ڏيڻ کان انڪار نہ ڪيو، بلڪ کليو کلايو صاف چئي ڏنائين تہ ”آءٌ مسيح نہ آھيان.“

21. انھن پڇيس تہ ”پوءِ تون ڪير آھين؟ ڇا تون الياس نبي آھين؟“ يحيٰ وراڻين تہ ”نہ، آءٌ الياس نہ آھيان.“ انھن چيو تہ ”ڇا ڀلا تون اھو نبي آھين، جيڪو اچڻو آھي؟“ يحيٰ وراڻين تہ ”نہ.“

22. تنھن تي انھن چيس تہ ”پوءِ ٻڌاءِ تہ تون ڪير آھين؟ اسان کي جواب وٺي انھن کي ٻڌائڻو آھي جن اسان کي موڪليو آھي. تون پنھنجي بابت ڇا ٿو چوين؟“

23. تنھن تي يحيٰ يسعياہ نبيءَ جا ھي لفظ ورجايا تہ”آءٌ اھو آواز آھيان، جو رڻ⁠پٽ ۾ پڪاري ٿو تہ’خداوند جي لاءِ واٽ سڌي ڪريو.‘“

24. جن کي موڪليو ويو ھو تن مان ڪي فريسي ھئا.

25. سو انھن يحيٰ کان پڇيو تہ ”جيڪڏھن تون نہ مسيح آھين، نہ الياس نبي آھين ۽ نڪي اھو نبي آھين تہ پوءِ تون ڇو ٿو بپتسما ڏين؟“

26. يحيٰ جواب ڏنو تہ ”آءٌ پاڻيءَ سان بپتسما ڏيان ٿو. اوھان منجھہ ڪو اھڙو آھي جنھن کي اوھين نہ ٿا سڃاڻو،

27. ۽ ھو مون کان پوءِ اچي رھيو آھي. پر آءٌ انھيءَ لائق بہ نہ آھيان جو سندس جتيءَ جون ڪھيون کوليان.“

28. اھي سڀ ڳالھيون بيت⁠عنياہ ۾ اردن درياءَ جي اڀرندي پاسي ٿيون، جتي يحيٰ بپتسما ڏيئي رھيو ھو.

خدا جو گھيٽو

29. ٻئي ڏينھن تي يحيٰ عيسيٰ کي پاڻ ڏانھن ايندي ڏسي چيو تہ ”ڏسو، ھي خدا جو گھيٽو آھي، جيڪو دنيا جا گناھہ کڻي وڃي ٿو.

30. ھي اھو ئي آھي جنھن بابت مون چيو ھو تہ منھنجي پٺيان ھڪ اھڙو شخص ٿو اچي جيڪو مون کان وڏو آھي، ڇالاءِ⁠جو ھو منھنجي پيدا ٿيڻ کان اڳي ئي موجود ھو.

31. مون کيس نہ ٿي سڃاتو. پر آءٌ پاڻيءَ سان بپتسما ڏيندو آيس، انھيءَ لاءِ تہ ھو بني اسرائيل جي اڳيان ظاھر ٿئي.“

32. يحيٰ شاھدي ڏيندي چيو تہ ”مون پاڪ روح کي ڪبوتر وانگر آسمان مان لھندي ۽ مٿس ويھندي ڏٺو آھي.

33. مون اڃا تائين بہ کيس نہ سڃاتو ھو، پر خدا جنھن مون کي پاڻيءَ سان بپتسما ڏيڻ لاءِ موڪليو آھي تنھن مون کي چيو تہ ’تون جنھن ماڻھوءَ تي روح کي لھندو ۽ ويھندو ڏسين سو ئي اٿيئي جيڪو ماڻھن کي پاڪ روح سان بپتسما ڏيندو.‘

34. مون اھو ڏٺو آھي ۽ شاھدي ٿو ڏيان تہ ھيءُ خدا جو فرزند آھي.“

عيسيٰ جا پھريان شاگرد

35. ٻئي ڏينھن تي وري يحيٰ پنھنجي ٻن شاگردن سان گڏ بيٺو ھو

36. تہ اتي ھن عيسيٰ کي لنگھندي ڏٺو. تنھن تي ھن عيسيٰ ڏانھن نھاري چيو تہ ”ڏسو، اھو اٿوَ خدا جو گھيٽو.“

37. ٻنھي شاگردن يحيٰ جي اھا ڳالھہ ٻڌي عيسيٰ جي پٺيان ھلڻ شروع ڪيو.

38. عيسيٰ ڦري انھن کي پنھنجي پويان ايندي ڏسي چيو تہ ”اوھان کي ڇا گھرجي؟“ تنھن تي انھن جواب ڏنو تہ ”اي ربي (يعني استاد)! اوھين ڪٿي رھو ٿا؟“

39. عيسيٰ جواب ڏنو تہ ”ھلي ڏسو.“ پوءِ اھي ساڻس گڏ ھليا ۽ اھا جاءِ ڏٺائون جتي ھو رھندو ھو ۽ اھو ڏينھن ھن سان گڏ گذاريائون. اھو اٽڪل ٽپھريءَ جو وقت ھو.

40. جن ٻن ڄڻن يحيٰ جي ڳالھہ ٻڌي ھئي ۽ عيسيٰ جي پٺيان ھلڻ لڳا ھئا، تن ۾ ھڪڙو شمعون پطرس جو ڀاءُ اندرياس ھو.

41. جلد ئي اندرياس پنھنجي ڀاءُ شمعون پطرس کي ڳولي لڌو ۽ کيس ٻڌايائين تہ ”اسان مسيح کي ڏٺو آھي.“ (مسيح جي معنيٰ ”مسح ڪيل“ آھي.)

42. پوءِ ھو شمعون کي عيسيٰ وٽ وٺي آيو. عيسيٰ ھن ڏانھن نھاري چيو تہ ”تون يوحنا جو پٽ شمعون آھين، تون ڪيفا جي نالي سان سڏبين.“

فلپس ۽ نٿن⁠ايل کي سڏڻ

43. ٻئي ڏينھن تي عيسيٰ گليل ڏانھن وڃڻ جو ارادو ڪيو. ھو وڃي فلپس سان مليو ۽ کيس چيائين تہ ”منھنجي پٺيان اچ.“

44. فلپس بيت⁠صيدا شھر جو ويٺل ھو، جتي اندرياس ۽ پطرس بہ رھندا ھئا.

45. فلپس نٿن⁠ايل سان مليو ۽ کيس ٻڌايائين تہ ”جنھن بابت موسيٰ توريت ۾ ذڪر ڪيو آھي ۽ ٻين نبين پڻ لکيو آھي، سو اسان کي ملي ويو آھي. اھو يوسف جو پٽ عيسيٰ آھي ۽ ناصرت کان آيو آھي.“

46. نٿن⁠ايل ھن کي چيو تہ ”ناصرت مان بہ ڪا چڱي شيءِ نڪري سگھي ٿي ڇا؟“ تنھن تي فلپس چيس تہ ”ڀلا ھلي ڏس.“

47. جڏھن عيسيٰ نٿن⁠ايل کي پاڻ ڏانھن ايندي ڏٺو، تڏھن سندس بابت چيائين تہ ”اِجھو، ھي بني اسرائيل جو سچو ماڻھو اٿوَ، ھن ۾ ڪابہ ڏنگائي ڪانہ آھي.“

48. تنھن تي نٿن⁠ايل کانئس پڇيو تہ ”اوھين مون کي ڪيئن ٿا سڃاڻو؟“ عيسيٰ وراڻيس تہ ”فلپس جي تو کي سڏڻ کان اڳ ۾ مون تو کي انجير جي وڻ ھيٺان ڏٺو ھو.“

49. نٿن⁠ايل چيو تہ ”استاد! اوھين تہ خدا جا فرزند آھيو. اوھين بني اسرائيل جا بادشاھہ آھيو.“

50. عيسيٰ چيس تہ ”ڇا تون انھيءَ ڪري ايمان ٿو آڻين جو مون تو کي ٻڌايو تہ مون تو کي انجير جي وڻ ھيٺ ڏٺو ھو؟ تون ھن کان بہ وڏيون ڳالھيون ڏسندين.“

51. پوءِ وڌيڪ چيائين تہ ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ اوھين آسمان کلندو ڏسندا ۽ خدا جا ملائڪ ابن⁠آدم تي نازل ٿيندا ۽ مٿي ويندا ڏسندا.“