بابن

  1. 1
  2. 2
  3. 3
  4. 4
  5. 5
  6. 6
  7. 7
  8. 8
  9. 9
  10. 10
  11. 11
  12. 12
  13. 13
  14. 14
  15. 15
  16. 16
  17. 17
  18. 18
  19. 19
  20. 20
  21. 21

نئين عهد نامي

يوحنا 4 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

عيسيٰ ۽ ھڪ سامري عورت

1. فريسين ٻڌو تہ عيسيٰ يحيٰ کان وڌيڪ شاگرد ڪري رھيو آھي ۽ بپتسما ڏيئي رھيو آھي.

2. حقيقت ۾ عيسيٰ پاڻ ڪنھن کي بہ بپتسما نہ ٿي ڏني، پر سندس شاگرد ڏيئي رھيا ھئا.

3. جڏھن عيسيٰ کي انھيءَ ڳالھہ جي خبر پئي تڏھن يھوديہ کي ڇڏي، موٽي گليل ڏانھن ھليو ويو.

4. رستي تي ھن کي سامريہ مان لنگھڻو پيو.

5. پوءِ ھو سامريہ جي سوخار نالي ھڪڙي شھر ڏانھن ويو، جيڪو انھيءَ ٻنيءَ جي ڀر ۾ ھو جا يعقوب پنھنجي پٽ يوسف کي ڏني ھئي.

6. انھيءَ ٻنيءَ ۾ يعقوب جو کوھہ ھو. عيسيٰ مسافريءَ جي ڪري ٿڪجي پيو ھو، سو کوھہ جي ڀرسان ويھي رھيو. اھو اٽڪل ٻنپھرن جو وقت ھو.

9. تنھن تي انھيءَ سامري عورت کيس وراڻيو تہ ”تون يھودي ٿي ڪري مون سامري عورت کان ڪيئن ٿو پيئڻ لاءِ پاڻي گھرين؟“ ڇالاءِ⁠جو يھودي ماڻھو اھي ٿانوَ بہ ڪم نہ آڻيندا ھئا، جيڪي سامري استعمال ڪندا ھئا.

10. عيسيٰ کيس وراڻيو تہ ”جيڪڏھن تو کي خدا جي بخشش جي خبر ھجي ھا ۽ ڄاڻين ھا تہ تو کان پاڻي گھرڻ وارو ڪير آھي، تہ تون جيڪر ھن کان گھرين ھا ۽ ھو تو کي زندگيءَ جو پاڻي ڏئي ھا.“

11. عورت چيو تہ ”سائين! اوھان وٽ تہ ڪو ڏول ڪونھي ۽ کوھہ بہ اونھو آھي. پوءِ اوھين زندگيءَ جو پاڻي ڪٿان آڻيندا؟

12. ڇا اوھين اسان جي ڏاڏي يعقوب کان بہ وڏا آھيو، جنھن ھيءُ کوھہ اسان کي ڏنو ھو؟ ھن مان ھو پاڻ، سندس پٽ ۽ سندس مال سڀيئي پاڻي پيئندا ھئا.“

13. عيسيٰ وراڻيو تہ ”جيڪو ھي پاڻي پيئي ٿو تنھن کي وري اڃ لڳي ٿي.

14. پر جيڪو پاڻي آءٌ ڏيندس سو جيڪڏھن ڪو پيئندو تہ ان کي وري اڃ نہ لڳندي. جيڪو پاڻي آءٌ کيس ڏيندس سو ان ۾ ھڪ چشمو ٿي پوندو، جنھن مان زندگيءَ جو پاڻي نڪرندو جو کيس دائمي زندگي ڏيندو.“

15. انھيءَ عورت چيو تہ ”پوءِ اي سائين! مون کي اھو پاڻي ڏيو تہ جيئن مون کي وري اڃ نہ لڳي ۽ نہ وري ھيترو پنڌ ڪري ھتي پاڻي ڀرڻ اچان.“

16. عيسيٰ چيس تہ ”وڃ ۽ پنھنجي مڙس کي وٺي اچ.“

17. تنھن تي عورت چيو تہ ”مون کي تہ مڙس آھي ئي ڪونہ.“ عيسيٰ چيس تہ ”تو سچ چيو تہ تو کي مڙس ڪونھي.

18. ڇالاءِ⁠جو تون پنج مڙس ڪري چڪي آھين ۽ ھاڻي جنھن شخص وٽ تون رھين ٿي، سو تنھنجو مڙس نہ آھي.“

19. عورت چيس تہ ”سائين! آءٌ سمجھان ٿي تہ اوھين ڪي نبي آھيو.

20. اسان جا وڏا تہ ھن جبل تي عبادت ڪندا ھئا، پر اوھين يھودي چئو ٿا تہ ’جنھن جاءِ تي عبادت ڪرڻ گھرجي سا يروشلم ۾ آھي.‘“

21. عيسيٰ چيس تہ ”اي مائي! مون تي اعتبار ڪرين تہ اھا گھڙي اچي رھي آھي جڏھن اوھين پيءُ جي عبادت نہ ھن جبل تي ۽ نڪي يروشلم ۾ ڪندا.

22. اوھين سامري انھيءَ جي عبادت ڪريو ٿا جنھن کي اوھين نہ ٿا سڃاڻو. اسين يھودي انھيءَ جي عبادت ڪريون ٿا جنھن کي اسين ڄاڻون ٿا، ڇالاءِ⁠جو يھودين منجھان ئي ڇوٽڪارو آھي.

23. پر اھا گھڙي اچي رھي آھي، بلڪ ھاڻي اچي پھتي آھي، جڏھن سچا عبادت ڪندڙ روح ۽ سچائيءَ سان پيءُ جي عبادت ڪندا ۽ پيءُ بہ اھڙن عبادت ڪندڙن کي چاھي ٿو.

24. خدا روح آھي ۽ عبادت ڪندڙن کي بہ روح ۽ سچائيءَ سان سندس عبادت ڪرڻ گھرجي.“

25. تنھن تي عورت عيسيٰ کي چيو تہ ”مون کي خبر آھي تہ مسيح اچڻو آھي. جڏھن اھو ايندو تڏھن اسان کي سڀ ڳالھيون ٻڌائيندو.“

26. عيسيٰ چيس تہ ”اھو تہ آءٌ آھيان، جيڪو تو سان ويٺو ڳالھايان.“

27. ايتري ۾ عيسيٰ جا شاگرد موٽي آيا ۽ اھو ڏسي عجب ۾ پئجي ويا تہ ھو عورت ذات سان ويٺو ڳالھائي. پر انھن مان ڪنھن بہ انھيءَ عورت کان نہ پڇيو تہ ”تو کي ڇا گھرجي؟“ ۽ نہ عيسيٰ کي چيائون تہ ”توھين ھن سان ڇو ٿا ڳالھايو؟“

28. پوءِ اھا عورت پنھنجو دلو اتي ڇڏي شھر ڏانھن موٽي ويئي ۽ ماڻھن کي چيائين تہ

29. ”ھلو ۽ ھڪ شخص تہ ڏسو، جنھن اھو سڀ ڪجھہ ٻڌايو جيڪي مون ڪيو آھي. ڇا اھو مسيح تہ نہ آھي؟“

30. پوءِ اھي شھر مان نڪري عيسيٰ وٽ آيا.

31. ساڳئي وقت سندس شاگردن عرض ڪيس تہ ”اي استاد! ڪجھہ کائو.“

32. پر ھن کين چيو تہ ”مون وٽ کائڻ لاءِ اھو کاڌو آھي، جنھن جي اوھان کي ڪابہ خبر نہ آھي.“

33. تنھن تي سندس شاگرد ھڪٻئي کان پڇڻ لڳا تہ ”ھن لاءِ ڪنھن کاڌو آندو آھي؟“

34. عيسيٰ کين چيو تہ ”منھنجو کاڌو اھو آھي تہ انھيءَ جي مرضي پوري ڪريان جنھن مون کي موڪليو آھي ۽ سندس ڪم پورو ڪريان.

35. اوھين چئو ڪين ٿا تہ لاباري ۾ چار مھينا پيا آھن؟ پر آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ اکيون کوليو ۽ پوکن ڏانھن نھاريو جو اھي لاباري لاءِ ھاڻي بلڪل تيار آھن.

36. جيڪو لابارو ڪري ٿو تنھن کي مزوري ملي ٿي ۽ دائمي زندگيءَ لاءِ فصل گڏ ڪري ٿو، تہ جيئن جنھن ماڻھوءَ پوکيو آھي ۽ جنھن لڻيو آھي سي ٻئي گڏجي خوشي ڪن.

37. ھيءَ چوڻي سچي آھي تہ ’پوکي ھڪڙو ٿو ۽ لڻي ٻيو ٿو.‘

38. مون اوھان کي موڪليو آھي تہ ان ٻنيءَ ۾ فصل جو لابارو ڪريو جتي اوھان ڪم نہ ڪيو آھي. پر ٻين اتي ڪم ڪيو آھي ۽ اوھان انھن جي ڪم مان فائدو ورتو آھي.“

39. انھيءَ شھر جي ڪيترن ئي سامرين عيسيٰ تي ايمان آندو، ڇالاءِ⁠جو ان عورت شاھدي ڏني ھئي تہ ”جيڪي ڪجھہ مون ڪيو آھي سو سڀ ھن مون کي ٻڌايو آھي.“

40. پوءِ جڏھن اھي سامري وٽس آيا، تڏھن عرض ڪيائونس تہ ”اسان وٽ ھلي مھمان ٿيو.“ سو عيسيٰ اتي ٻہ ڏينھن ٽڪي پيو.

41. ٻين بہ ڪيترن ئي سندس ڪلام جي ڪري مٿس ايمان آندو.

42. پوءِ اھي ان عورت کي چوڻ لڳا تہ ”ھاڻي اسان تنھنجي چوڻ تي ئي مٿس ايمان نہ ٿا آڻيون، پر اسان پاڻ کيس ٻڌو آھي ۽ ڄاڻون ٿا تہ حقيقت ۾ ھيءُ ئي دنيا جو ڇوٽڪارو ڏيندڙ آھي.“

عملدار جي پٽ کي شفا ڏيڻ

43. عيسيٰ ٻہ ڏينھن ترسڻ کان پوءِ اتان روانو ٿي گليل ڏانھن ھليو ويو.

44. ھڪ دفعي عيسيٰ پاڻ چيو ھو تہ ”ڪنھن بہ نبيءَ کي پنھنجي وطن ۾ عزت نہ ٿي ملي.“

45. جڏھن ھو گليل ۾ پھتو تہ اتي جي ماڻھن سندس آڌرڀاءُ ڪيو، ڇاڪاڻ⁠تہ اھي بہ عيد فصح جي موقعي تي يروشلم ڏانھن ويا ھئا ۽ اتي عيسيٰ جيڪي ڪجھہ ڪيو سو سڀ ڏٺو ھئائون.

46. پوءِ عيسيٰ گليل جي شھر قانا ۾ موٽي آيو، جتي ھن پاڻيءَ کي مئي بڻايو ھو. اتي ھڪ عملدار ھو جنھن جو پٽ ڪفرناحوم ۾ بيمار ھو.

47. جڏھن ھن ٻڌو تہ عيسيٰ يھوديہ کان گليل ۾ آيو آھي، تڏھن ھو عيسيٰ وٽ آيو ۽ عرض ڪيائينس تہ ”مھرباني ڪري ھلو ۽ منھنجي پٽ کي شفا ڏيو، ڇالاءِ⁠جو ھو مرڻ تي آھي.“

48. تنھن تي عيسيٰ کيس چيو تہ ”اوھين تيستائين ايمان نہ آڻيندا، جيستائين معجزا ۽ ڪرامتون نہ ڏسندا.“

49. عملدار وراڻيو تہ ”سائين! مون سان ھلو، متان منھنجو ٻچڙو مري نہ وڃي.“

50. عيسيٰ کيس چيو تہ ”وڃ تنھنجو پٽ نہ مرندو.“ جيئن عيسيٰ چيس تيئن ھن بہ يقين ڪيو ۽ گھر ڏانھن روانو ٿيو.

51. عملدار اڃا گھر ڏانھن وڃي رھيو ھو تہ سندس نوڪر رستي تي گڏيس ۽ ٻڌايائونس تہ ”تنھنجو پٽ خوش ٿي ويو آھي.“

52. تنھن تي ھن نوڪرن کان پڇيو تہ ”اھا ڪھڙي مھل ھئي جڏھن منھنجو پٽ چڱو ڀلو ٿيڻ لڳو.“ انھن چيو تہ ”ڪالھہ منجھند جو ھڪ بجي کيس بخار ڇڏي ويو.“

53. تنھن تي پڻس کي ياد آيو تہ برابر اھو ئي وقت ھو جڏھن عيسيٰ کيس چيو ھو تہ ”تنھنجو پٽ نہ مرندو.“ سو انھيءَ عملدار ۽ سندس گھر جي سڀني ڀاتين ايمان آندو.

54. ھي عيسيٰ جو ٻيو معجزو ھو، جيڪو ھن يھوديہ کان گليل ۾ اچڻ کان پوءِ ڏيکاريو ھو.