بابن

  1. 1
  2. 2
  3. 3
  4. 4
  5. 5
  6. 6
  7. 7
  8. 8
  9. 9
  10. 10
  11. 11
  12. 12
  13. 13
  14. 14
  15. 15
  16. 16
  17. 17
  18. 18
  19. 19
  20. 20
  21. 21

نئين عهد نامي

يوحنا 6 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

پنج ھزار ماڻھن کي کارائڻ

1. ھن کان پوءِ عيسيٰ گليل يعني تبرياس ڍنڍ جي ھُن ڀر ھليو ويو.

2. ھڪڙو وڏو ميڙ سندس پٺيان ھليو، ڇالاءِ⁠جو ھنن اھي معجزا ڏٺا ھئا جيڪي ھن بيمارن تي ڪيا ھئا.

3. عيسيٰ ھڪڙي ٽڪريءَ تي چڙھي ويو، جتي ھو پنھنجي شاگردن سان گڏ ويھي رھيو.

4. يھودين جي عيد فصح ويجھي ھئي.

5. عيسيٰ نھاري ڏٺو تہ ماڻھن جو وڏو ميڙ ڏانھس اچي رھيو آھي. سو فلپس کي چيائين تہ ”اسين ھيترن ماڻھن کي کارائڻ لاءِ ايترو کاڌو ڪٿان آڻينداسون؟“

6. ھن اھو رڳو فلپس کي آزمائڻ لاءِ چيو، پر کيس اڳي ئي خبر ھئي تہ ڇا ڪرڻو آھي.

7. تنھن تي فلپس وراڻيس تہ ”جيڪڏھن ھرھڪ کي ٽڪر ڳڀو ئي ڏجي، تہ بہ انھن لاءِ ٻہ ⁠سؤ چانديءَ جي سڪن جون مانيون پوريون نہ پونديون.“

8. پوءِ اندرياس نالي ھڪ ٻي شاگرد، جيڪو شمعون پطرس جو ڀاءُ ھو تنھن چيو تہ

9. ”ھتي ھڪ ڇوڪرو آھي، جنھن کي جَوَن جون پنج مانيون ۽ ٻہ ڪُرڙيون آھن. پر ڇا اھي ھنن سڀني ماڻھن ۾ پوريون پئجي سگھنديون؟“

10. عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”ماڻھن کي ھيٺ ويھاريو.“ اتي گھڻو گاھہ ھو، سو سڀيئي ماڻھو ھيٺ ويھي رھيا. اھي اٽڪل پنج ھزار مرد ھئا.

11. عيسيٰ مانيون کڻي خدا جو شڪر ادا ڪيو ۽ ويٺل ماڻھن ۾ ورھايائين. ھن مڇي بہ ائين ئي ورھائي ۽ سڀني ماڻھن کي ايترو مليو جيترو کين کپندو ھو.

12. جڏھن سڀني کائي ڍءُ ڪيو، تڏھن عيسيٰ شاگردن کي چيو تہ ”بچيل ٽڪر ڳڀا ميڙي گڏ ڪريو، تہ جيئن ذرو بہ زيان نہ ٿئي.“

13. سو انھن اھي سڀيئي کڻي گڏ ڪيا، تہ جَوَن جي پنجن مانين جا ٽڪر ڳڀا، جيڪي کائڻ وارن بچايا ھئا سي ايترا تہ ٿيا جو ھنن ٻارھن کاريون ڀري کنيون.

14. عيسيٰ جو اھو معجزو ڏسي ماڻھو چوڻ لڳا تہ ”سچ⁠پچ ھي اھو نبي آھي، جيڪو ھن دنيا ۾ اچڻو آھي.“

15. پوءِ عيسيٰ ڏٺو تہ ”ھنن جو مطلب آھي تہ زوريءَ جھلي مون کي بادشاھہ بڻائين،“ تنھنڪري ھو اڪيلو ئي وري ٽڪرن ڏانھن نڪري ھليو ويو.

پاڻيءَ تي پنڌ ڪرڻ

16. جڏھن سانجھي ٿي تہ شاگرد ڍنڍ ڏانھن ويا.

17. رات ٿي ويئي ھئي پر عيسيٰ انھن وٽ نہ آيو ھو، سو ھو ٻيڙيءَ ۾ چڙھي ڍنڍ جي ھُن ڀر ڪفرناحوم ڏانھن روانا ٿيا.

18. ايتري ۾ طوفان اچي ڇٽڪيو ۽ ڍنڍ ۾ ڇوليون اٿڻ لڳيون.

19. جڏھن شاگرد پنج ڇھہ ڪلوميٽر ٻيڙي ڪاھي ويا، تڏھن ڏٺائون تہ عيسيٰ پاڻيءَ تي پنڌ ڪندو ٻيڙيءَ جي ويجھو پيو اچي. اھو ڏسي ھو ڏاڍو ڊڄي ويا.

20. پر عيسيٰ کين چيو تہ ”آءٌ آھيان، ڊڄو نہ.“

21. تڏھن خوشيءَ سان کيس ٻيڙيءَ ۾ چاڙھيائون ۽ ٻيڙي ھڪدم انھيءَ ھنڌ وڃي پھتي جتي کين وڃڻو ھو.

ماڻھن جو عيسيٰ کي ڳولڻ

22. ٻئي ڏينھن تي ماڻھن جو جيڪو ميڙ ڍنڍ جي ٻيءَ ڀر بيٺو ھو، تنھن ڏٺو تہ ڪالھہ اتي رڳو ھڪڙي ٻيڙي بيٺي ھئي ۽ کين اھا بہ خبر ھئي تہ عيسيٰ انھيءَ ٻيڙيءَ ۾ شاگردن سان گڏ نہ ويو ھو پر اھي اڪيلا ئي روانا ٿي ويا ھئا.

23. جڏھن تہ تبرياس شھر کان ڪي ٻيڙيون پوءِ ڪناري تي اچي لڳيون ھيون، جتي خداوند عيسيٰ خدا جو شڪر ادا ڪيو ھو ۽ پوءِ ماڻھن ماني کاڌي ھئي.

24. سو جڏھن ميڙ ڏٺو تہ اتي نہ عيسيٰ آھي ۽ نڪي سندس شاگرد آھن، تڏھن اھي پاڻ ٻيڙين ۾ چڙھي ڪفرناحوم ڏانھن ھن کي ڳولڻ ويا.

عيسيٰ زندگيءَ جي ماني

25. ماڻھن جڏھن عيسيٰ کي ڍنڍ جي ٻيءَ ڀر تي ڳولي لڌو تہ کيس چيائون تہ ”استاد! اوھين ھتي ڪڏھن آيا؟“

26. عيسيٰ وراڻين تہ ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ اوھين مون کي انھيءَ ڪري نہ ٿا ڳوليو جو اوھان معجزا ڏٺا آھن، پر انھيءَ ڪري ٿا ڳوليو جو اوھان مانيون کائي ڍءُ ڪيو آھي.

27. فاني کاڌي لاءِ محنت نہ ڪريو، بلڪ انھيءَ دائمي کاڌي لاءِ محنت ڪريو، جيڪو ھميشہ واري زندگيءَ تائين ٿو ھلي. اھو کاڌو ابن⁠آدم اوھان کي ڏيندو، ڇاڪاڻ⁠تہ پيءُ يعني خدا ھن کي اختياريءَ جي مُھر ڏني آھي.“

28. پوءِ انھن کانئس پڇيو تہ ”اسان کي خدا جا ڪم بجا آڻڻ لاءِ ڇا ڪرڻ گھرجي؟“

29. عيسيٰ وراڻيو تہ ”خدا جو ڪم اھو آھي تہ اوھين انھيءَ تي ايمان آڻيو، جنھن کي خدا موڪليو آھي.“

30. تنھن تي انھن پڇيس تہ ”پوءِ اوھين اسان کي ڪھڙو معجزو ٿا ڏيکاريو، جنھن کي ڏسي اسين اوھان تي ايمان آڻيون؟ اوھين ڇا ٿا ڪري ڏيکاريو؟

31. اسان جي ابن ڏاڏن تہ رڻ⁠پٽ ۾ مَنَ کاڌي ھئي. جيئن لکيل آھي تہ ’ھن کين کائڻ لاءِ آسمان مان ماني ڏني.‘“

32. عيسيٰ چيو تہ ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ آسمان واري ماني اوھان کي موسيٰ نہ ڏني، پر اھو منھنجو پيءُ آھي جيڪو آسمان مان سچي ماني ڏئي ٿو.

33. ڇالاءِ⁠جو جيڪا ماني خدا ڏئي ٿو سا اھا آھي جيڪا آسمان مان نازل ٿئي ٿي ۽ دنيا کي زندگي ڏئي ٿي.“

34. تنھن تي انھن عرض ڪيس تہ ”سائين! پوءِ اھا ماني اسان کي ھميشہ لاءِ ڏيو.“

35. عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”زندگيءَ جي ماني آءٌ آھيان. جيڪو مون وٽ اچي ٿو تنھن کي وري ڪڏھن بہ بک نہ لڳندي ۽ جيڪو مون تي ايمان آڻي ٿو، تنھن کي ڪڏھن بہ اڃ نہ لڳندي.

36. مون اوھان کي ٻڌايو آھي تہ مون کي ڏسڻ کان پوءِ بہ اوھين ايمان نہ ٿا آڻيو.

37. جيڪي پيءُ مون کي ڏيندو سي سڀ مون وٽ ايندا ۽ جيڪو بہ مون وٽ ايندو تنھن کي آءٌ ڪڏھن بہ نہ موٽائيندس.

38. ڇالاءِ⁠جو آءٌ آسمان مان انھيءَ لاءِ نہ لھي آيو آھيان تہ پنھنجي مرضي ھلايان، بلڪ انھيءَ لاءِ تہ پنھنجي موڪلڻ واري جي مرضي پوري ڪريان.

39. جنھن مون کي موڪليو آھي تنھن جي مرضي اھا آھي تہ جيڪي ⁠بہ ھن مون کي ڏنا آھن تن مان ھڪ بہ نہ وڃايان، بلڪ آخرت جي ڏينھن تي انھن سڀني کي جيئرو ڪري اٿاريان.

40. ڇالاءِ⁠جو منھنجي پيءُ جي اھا مرضي آھي تہ جيڪو بہ سندس فرزند کي سڃاڻي ٿو ۽ مٿس ايمان ٿو آڻي، تنھن کي دائمي زندگي ملي ۽ آءٌ کيس آخرت جي ڏينھن تي جيئرو ڪري اٿاريندس.“

41. تنھن تي يھودي مٿس ڪرڪڻ لڳا، ڇاڪاڻ⁠تہ ھن چيو ھو تہ ”آءٌ اھا ماني آھيان، جيڪا آسمان مان نازل ٿي آھي.“

42. سو انھن چيو تہ ”ڇا ھي اھو عيسيٰ نہ آھي جيڪو يوسف جو پٽ آھي؟ اسين تہ سندس ماءُ⁠پيءُ کي بہ سڃاڻون ٿا. پوءِ ھي ھاڻي ڪيئن ٿو چوي تہ ’آءٌ آسمان مان نازل ٿيو آھيان؟‘“

43. عيسيٰ وراڻين تہ ”ڪرڪڻ بند ڪريو.

44. ڪوبہ ماڻھو مون وٽ تيستائين نہ ٿو اچي سگھي جيستائين پيءُ، جنھن مون کي موڪليو آھي سو کيس نہ ڇڪي. آءٌ آخرت جي ڏينھن تي کيس جيئرو ڪري اٿاريندس.

45. نبين جي صحيفن ۾ لکيل آھي تہ ’انھن سڀني کي خدا سيکاريندو.‘ جيڪوبہ پيءُ کان ٻڌي ٿو ۽ کانئس سکي ٿو سو ئي مون وٽ اچي ٿو.

46. ان جي معنيٰ اھا نہ آھي تہ ڪنھن ماڻھوءَ پيءُ کي ڏٺو آھي، پر رڳو انھيءَ ئي پيءُ کي ڏٺو آھي، جيڪو خدا جي طرفان آيو آھي.

47. آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيڪو بہ ايمان آڻي ٿو تنھن جي ئي زندگي دائمي آھي.

48. آءٌ زندگيءَ جي ماني آھيان.

49. اوھان جي ابن ڏاڏن رڻ⁠پٽ ۾ مَنَ کاڌي ھئي، تڏھن بہ مري ويا.

50. پر جيڪا ماني آسمان مان نازل ٿئي ٿي، سا اھڙي آھي جنھن کي جيڪو بہ کائيندو سو نہ مرندو.

51. آءٌ اھا زندہ ماني آھيان جيڪا آسمان مان نازل ٿي آھي. جيڪڏھن ڪو ھن مانيءَ مان کائيندو تہ اھو ھميشہ زندہ رھندو. جيڪا ماني آءٌ ڏيندس سا منھنجو جسم آھي، جيڪو آءٌ ڏيان ٿو تہ جيئن ھن دنيا کي زندگي ملي.“

52. تنھن تي يھودي پاڻ ۾ سخت بحث ڪرڻ لڳا تہ ”ھي ماڻھو پنھنجو جسم اسان کي کائڻ لاءِ ڪيئن ڏيندو؟“

53. عيسيٰ وراڻين تہ ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو چوان تہ جيستائين اوھين ابن⁠آدم جو گوشت نہ کائيندا ۽ سندس رت نہ پيئندا، تيستائين اوھان ۾ زندگي نہ ھوندي.

54. جيڪو بہ منھنجو گوشت ٿو کائي ۽ منھنجو رت ٿو پيئي، تنھن جي زندگي دائمي آھي ۽ آءٌ کيس آخرت جي ڏينھن تي جيئرو ڪري اٿاريندس.

55. ڇالاءِ⁠جو منھنجو گوشت سچ⁠پچ کائڻ جي شيءِ آھي ۽ منھنجو رت سچ⁠پچ پيئڻ جي شيءِ آھي.

56. جيڪوبہ منھنجو گوشت کائي ٿو ۽ منھنجو رت پيئي ٿو، سو مون ۾ رھي ٿو ۽ آءٌ ھن ۾ رھان ٿو.

57. جھڙيءَ طرح زندہ پيءُ مون کي موڪليو آھي ۽ آءٌ ھن جي ڪري زندہ آھيان، تھڙيءَ طرح جيڪو بہ مون کي کائي ٿو سو منھنجي ڪري زندہ رھندو.

58. ھيءَ اھا ماني آھي جيڪا آسمان مان نازل ٿي آھي. ھيءَ ماني اھڙي نہ آھي جھڙي اوھان جي ابن ڏاڏن کاڌي ۽ مري ويا، پر جيڪو ھيءَ ماني کائيندو سو ھميشہ زندہ رھندو.“

59. ھي ڳالھيون ھن ڪفرناحوم جي عبادت⁠خاني ۾ تعليم ڏيندي ٻڌايون ھيون.

گھڻن شاگردن جو عيسيٰ کي ڇڏي وڃڻ

60. ڪيترن ئي شاگردن اھو ٻڌو ۽ چيائون تہ ”ھيءَ ڳالھہ ڏاڍي ڏکي آھي. اھا ڪير ٻڌي سگھندو؟“

61. عيسيٰ پاڻ سمجھي ويو تہ سندس شاگرد ھن ڳالھہ تي ڪُرڪي رھيا آھن، تنھنڪري انھن کي چيائين تہ ”ھيءَ ڳالھہ اوھان کي گمراھہ ٿي ڪري ڇا؟

62. ڀلا جيڪڏھن اوھين ابن⁠آدم کي آسمان ڏانھن وري چڙھندي ڏسو جتي ھو اڳي ئي ھو، تہ پوءِ ڪيئن ٿا ڀانئيو؟

63. زندگي ڏيڻ وارو تہ روح آھي، انساني جسم ڪابہ شيءِ ڪانھي. ھي ڳالھيون جيڪي مون اوھان کي ٻڌايون آھن سي روح بہ آھن ۽ زندگي بہ.

64. تڏھن بہ اوھان مان ڪيترا ئي ايمان نہ ٿا آڻين.“ جيئن تہ عيسيٰ شروعات کان ئي ڄاتو ٿي تہ ڪھڙا ڪھڙا ايمان نہ آڻيندا ۽ ڪير ساڻس دغا ڪندو.

65. ھن وڌيڪ چيو تہ ”انھيءَ سبب ڪري تہ مون اوھان کي ٻڌايو آھي تہ ايستائين ڪوبہ مون وٽ اچي نہ ٿو سگھي، جيستائين پيءُ کانئس ائين نہ ٿو ڪرائي.“

66. تنھن تي سندس ڪيترا ئي شاگرد پٺتي موٽي ھليا ويا ۽ وري ھن سان گڏ ھلڻ جي نہ ڪيائون.

67. تنھنڪري عيسيٰ ٻارھن شاگردن کي چيو تہ ”اوھين بہ مون کي ڇڏي ويندا ڇا؟“

68. شمعون پطرس وراڻيو تہ ”اي خداوند! اوھان کي ڇڏي ڪنھن ڏانھن وينداسون؟ اوھان وٽ اھي ڳالھيون آھن جن ۾ دائمي زندگي آھي.

69. اسين تہ ايمان آڻي چڪا آھيون ۽ ڄاڻيون ٿا تہ اوھين ئي خدا جي طرفان پاڪ ھستي آھيو.“

70. عيسيٰ انھن کان پڇيو تہ ”ڇا مون اوھان ٻارھن کي نہ چونڊيو آھي؟ تڏھن بہ اوھان ۾ ھڪڙو شيطان آھي.“

71. ھو يھوداہ بابت ڳالھائي رھيو ھو، جيڪو شمعون اسڪريوتيءَ جو پٽ ھو، ڇالاءِ⁠جو يھوداہ ٻارھن شاگردن مان ھوندي بہ اڳتي ھلي ساڻس دغا ڪرڻ وارو ھو.