بابن

  1. 1
  2. 2
  3. 3
  4. 4
  5. 5
  6. 6
  7. 7
  8. 8
  9. 9
  10. 10
  11. 11
  12. 12
  13. 13
  14. 14
  15. 15
  16. 16
  17. 17
  18. 18
  19. 19
  20. 20
  21. 21

نئين عهد نامي

يوحنا 16 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

1. اھي سڀ ڳالھيون مون اوھان کي انھيءَ لاءِ ٻڌايون آھن تہ جيئن اوھين گمراھہ نہ ٿيو.

2. ماڻھو اوھان کي عبادت⁠خانن مان ڪڍي ڇڏيندا ۽ اھو بہ وقت ايندو جڏھن ڪو اوھان کي ماري وجھندو ۽ ائين سمجھندو تہ ’آءٌ خدا جي خدمت ٿو ڪريان.‘

3. اھي ھي ڪم انھيءَ ڪري ڪندا، ڇالاءِ⁠جو انھن نہ پيءُ کي ۽ نڪي مون کي سڃاتو آھي.

4. پر مون اھي ڳالھيون اوھان کي انھيءَ لاءِ ٻڌايون آھن تہ جڏھن اھا گھڙي اچي تہ اوھين ياد ڪريو تہ مون انھن بابت اڳي ئي اوھان کي ٻڌائي ڇڏيو ھو.“”مون شروعات ۾ اھي ڳالھيون اوھان کي انھيءَ ڪري نہ ٻڌايون جو آءٌ اوھان سان گڏ ھوس.

پاڪ روح جو ڪم

5. مگر ھاڻي آءٌ انھيءَ ڏانھن وڃي رھيو آھيان جنھن مون کي موڪليو آھي. پر اڃا تائين اوھان مان ڪنھن بہ مون کان اھو نہ پڇيو آھي تہ ’تون ڪيڏانھن وڃي رھيو آھين؟‘

6. منھنجي ھنن ڳالھين ٻڌائڻ جي ڪري اوھين ڏک سان ڀرجي ويا آھيو.

7. پر آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ اوھان لاءِ اھو وڌيڪ چڱو آھي تہ آءٌ ھليو وڃان، ڇاڪاڻ⁠تہ جيڪڏھن آءٌ نہ ويندس تہ اھو مددگار اوھان وٽ نہ ايندو. پر جيڪڏھن آءٌ ويندس تہ پوءِ ھن کي اوھان ڏانھن ضرور موڪليندس.

8. جڏھن ھو ايندو تڏھن سڄيءَ دنيا کي گناھہ، سچائيءَ ۽ انصاف جي نسبت ڏوھاري ٺھرائيندو:

9. گناھہ جي نسبت ھيئن جو ماڻھو مون تي ايمان نہ ٿا آڻين،

10. سچائيءَ جي نسبت ھيئن جو آءٌ پنھنجي پيءُ ڏانھن وڃي رھيو آھيان، تنھنڪري اوھين مون کي وڌيڪ نہ ڏسندا

11. ۽ انصاف جي نسبت ھيئن جو دنيا جي سردار جو فيصلو ٿي چڪو آھي.

12. مون کي اڃا اوھان سان گھڻيون ئي ڳالھيون ڪرڻيون آھن، پر ھاڻي اوھين سھي ڪين سگھندا.

13. جڏھن سچ جو پاڪ روح ايندو، تڏھن ھو اوھان کي سموري سچ ڏانھن وٺي ويندو. ھو پنھنجي طرفان ڪجھہ بہ نہ ڳالھائيندو، پر جيڪي ڳالھيون ٻڌندو سي ئي چوندو ۽ جيڪي ٿيڻو آھي سو اوھان کي کولي ٻڌائيندو.

14. ھو منھنجو جلوو ظاھر ڪندو، ڇاڪاڻ⁠تہ منھنجون ڳالھيون اوھان کي کولي ٻڌائيندو.

15. جيڪي ڪجھہ منھنجي پيءُ جو آھي سو منھنجو آھي. اھو ئي سبب آھي جو مون اوھان کي چيو تہ پاڪ روح منھنجون ڳالھيون اوھان کي کولي ٻڌائيندو.“

خوشي ۽ غم

16. ”ٿوريءَ دير کان پوءِ اوھين مون کي ڪين ڏسندا ۽ وري ٿوريءَ دير کان پوءِ اوھين مون کي ڏسندا.“

17. تڏھن سندس شاگردن مان ڪي پاڻ ۾ چوڻ لڳا تہ ”ھن جو مطلب ڇا آھي جو ھو اسان کي چوي ٿو تہ ’ٿوريءَ دير کان پوءِ اوھين مون کي ڪين ڏسندا ۽ وري ٿوريءَ دير کان پوءِ اوھين مون کي ڏسندا‘؟ ھو ھيئن بہ چوي ٿو تہ ’اھو انھيءَ ڪري جو آءٌ پنھنجي پيءُ وٽ وڃي رھيو آھيان.‘

18. انھيءَ ٿوريءَ دير جو مطلب ڇا آھي؟ اسان کي تہ انھن ڳالھين جي خبر نہ ٿي پوي.“

19. عيسيٰ ڄاتو پئي تہ سندس شاگرد کانئس ڪجھہ پڇڻ گھرن ٿا، سو کين چيائين تہ ”ڇا اوھين ھڪٻئي کان اھو پڇي رھيا آھيو جيڪو مون چيو تہ ’ٿوريءَ دير کان پوءِ اوھين مون کي ڪين ڏسندا ۽ وري ٿوريءَ دير کان پوءِ اوھين مون کي ڏسندا؟‘

20. آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ اوھين روئندا ۽ پٽيندا پر دنيا خوش ٿيندي. اوھان کي ڏک ٿيندو پر اوھان جو ڏک خوشيءَ ۾ بدلجي ويندو.

21. جڏھن عورت ٻار ڄڻڻ تي ھوندي آھي تڏھن ھوءَ سورن ۾ ھوندي آھي، ڇالاءِ⁠جو اھا ھن جي لاءِ سورن جي گھڙي آھي. پر جڏھن ٻار ڄڻيندي آھي تڏھن کانئس سڀ سور وسري ويندا آھن، ڇالاءِ⁠جو ھوءَ خوش ٿيندي آھي تہ ھن ھڪ ٻار کي دنيا ۾ جنم ڏنو آھي.

22. اوھان سان بہ ائين ئي ٿيندو. ھاڻي اوھان جي سورن جو وقت آھي. پر آءٌ اوھان سان وري ضرور ملندس. تڏھن اوھين ڏاڍا خوش ٿيندا ۽ اوھان جي اھا خوشي اوھان کان ڪوبہ کسي نہ سگھندو.

23. جڏھن اھو ڏينھن ايندو تڏھن اوھين مون کان ڪجھہ بہ نہ گھرندا. پر آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ پيءُ اوھان کي اھو سڀ ڪجھہ ڏيندو، جيڪو اوھين کانئس منھنجي نالي تي گھرندا.

24. ھن وقت تائين اوھان منھنجي نالي تي ڪجھہ ⁠بہ ڪين گھريو آھي، سو گھرو تہ مليوَ، تہ جيئن اوھان جي خوشي پوري ٿئي.“

دنيا تي فتح

25. ”ھن وقت تائين مون اوھان کي اھي ڳالھيون مثالن ۾ پئي ٻڌايون آھي، پر اھو وقت ايندو جڏھن آءٌ اوھان سان مثالن ۾ نہ ڳالھائيندس، پر اوھان سان پيءُ بابت صاف صاف ڳالھائيندس.

26. انھيءَ ڏينھن اوھين منھنجي نالي تي گھرندا. آءٌ اوھان کي ائين نہ ٿو چوان تہ اوھان لاءِ پيءُ کي ڪو سوال ڪندس،

27. ڇالاءِ⁠جو پيءُ پاڻ اوھان سان انھيءَ لاءِ پيار ڪري ٿو جو اوھان مون سان پيار ڪيو آھي ۽ ايمان آندو اٿوَ تہ آءٌ پيءُ وٽان آيو آھيان.

28. آءٌ پيءُ وٽان نڪري دنيا ۾ آيس ۽ ھاڻي دنيا کي ڇڏي پيءُ ڏانھن موٽي وڃان ٿو.“

29. تنھن تي شاگردن کيس چيو تہ ”ھاڻي تہ اوھين صاف صاف ڳالھائي رھيا آھيو ۽ مثالن ۾ نہ ٿا ڳالھايو.

30. ھاڻي اسين ڄاڻون ٿا تہ اوھان کي سڀني ڳالھين جي خبر آھي ۽ ضروري نہ آھي تہ اوھان کان ڪو سوال جواب ڪيو وڃي. انھيءَ سبب جو اسان ايمان آندو آھي تہ اوھين خدا وٽان آيا آھيو.“

31. تنھن تي عيسيٰ کين وراڻيو تہ ”ڇا اوھين ھاڻي ايمان آڻيو ٿا؟

32. تہ پوءِ ڏسو، اھا گھڙي اچي رھي آھي، بلڪ اچي پھتي آھي جڏھن اوھين سڀيئي ڇڙوڇڙ ٿي ويندا ۽ ھر ڪو پنھنجي پنھنجي گھر ھليو ويندو ۽ مون کي اڪيلو ڇڏي ڏيندا. پر حقيقت ۾ آءٌ اڪيلو نہ آھيان، ڇاڪاڻ⁠تہ پيءُ مون سان گڏ آھي.

33. مون اھي ڳالھيون اوھان کي انھيءَ لاءِ ٻڌايون آھن تہ جيئن مون سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري اوھان کي اطمينان ملي. ھن دنيا ۾ اوھان کي ڏک ملندا پر دلجاءِ ڪريو جو مون دنيا تي فتح حاصل ڪئي آھي.“