بابن

  1. 1
  2. 2
  3. 3
  4. 4
  5. 5
  6. 6
  7. 7
  8. 8
  9. 9
  10. 10
  11. 11
  12. 12
  13. 13
  14. 14
  15. 15
  16. 16
  17. 17
  18. 18
  19. 19
  20. 20
  21. 21

نئين عهد نامي

يوحنا 13 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

شاگردن جا پير ڌوئڻ

1. ھاڻ جڏھن تہ عيسيٰ کي اھا خبر ھئي تہ ’منھنجي اھا گھڙي اچي ويئي آھي جو آءٌ ھيءَ دنيا ڇڏي پيءُ ڏانھن وڃان،‘ تنھن ھوندي بہ جيڪي ھن دنيا ۾ پنھنجا ھيس تن کي آخري گھڙيءَ تائين پيار ڪندو آيو.عيد فصح کان ھڪ ڏينھن اڳ ۾

2. عيسيٰ ۽ سندس شاگرد رات جي ماني کائي رھيا ھئا. انھيءَ وقت کان اڳ ئي شمعون جي پٽ يھوداہ اسڪريوتيءَ جي دل ۾ شيطان اھا ڳالھہ وجھي ڇڏي ھئي تہ ھو عيسيٰ سان دغا ڪري.

3. عيسيٰ کي خبر ھئي تہ ’پيءُ مون کي سڀ ڪجھہ ھٿ ۾ ڏنو آھي.‘ کيس اھا بہ خبر ھئي تہ ’آءٌ خدا جي طرفان آيو آھيان ۽ خدا ڏانھن موٽي وڃي رھيو آھيان.‘

4. تڏھن عيسيٰ مانيءَ تان اٿيو ۽ پنھنجو جبو لاھي ٽوال چيلھہ سان ٻڌائين.

5. پوءِ ڪجھہ پاڻي ٿالھہ ۾ وجھي پنھنجي شاگردن جا پير ڌوئڻ لڳو ۽ چيلھہ سان ٻڌل ٽوال سان سندن پير اُگھڻ لڳو.

6. جڏھن شمعون پطرس وٽ آيو تہ ھن چيس تہ ”اي خداوند! ڇا اوھين منھنجا بہ پير ڌوئيندا؟“

7. عيسيٰ وراڻيس تہ ”تون ھاڻي نہ ٿو سمجھين تہ آءٌ ڇا ڪري رھيو آھيان، پر پوءِ تو کي خبر پوندي.“

8. پطرس چيس تہ ”آءٌ پنھنجا پير اوھان کان ڪڏھن بہ نہ ڌئاريندس.“ عيسيٰ چيس تہ ”جيڪڏھن تون پنھنجا پير نہ ٿو ڌئارين تہ پوءِ تنھنجو مون ۾ ڪوبہ حصو نہ رھندو.“

9. تنھن تي شمعون پطرس چيس تہ ”اي خداوند! پوءِ منھنجا رڳو پير نہ ڌوئو، بلڪ منھنجا ھٿ ۽ مٿو بہ ڌوئو.“

10. عيسيٰ چيس تہ ”جيڪو وھنتل آھي تنھن کي پيرن ڌوئارڻ کانسواءِ ٻي ڪابہ گھرج نہ آھي، ڇالاءِ⁠جو ھو سڄو ئي پاڪ آھي. سو اوھين بہ پاڪ آھيو پر سڀيئي نہ.“

11. ان جو سبب اھو ھو جو عيسيٰ کي اڳي ئي خبر ھئي تہ ڪير ساڻس دغا ڪندو، تنھنڪري ھن چيو تہ ”اوھين سڀيئي پاڪ نہ آھيو.“

12. جڏھن عيسيٰ شاگردن جا پير ڌوئي چڪو تہ جبو پائي وري پنھنجي جاءِ تي اچي ويٺو. ھن کانئن پڇيو تہ ”ڇا اوھان سمجھيو تہ مون اوھان لاءِ ڇا ڪيو؟

13. اوھين مون کي استاد ۽ خداوند ڪري ٿا سڏيو، سو برابر آھي، ڇاڪاڻ⁠تہ آءٌ اھو ئي آھيان.

14. ھاڻي مون استاد ۽ خداوند ھوندي بہ اوھان جا پير ڌوتا آھن، سو اوھان کي بہ ھڪٻئي جا پير ڌوئڻ گھرجن.

15. مون اوھان جي لاءِ اھو نمونو ڏنو آھي، تہ جيئن اوھين بہ ائين ئي ڪريو جيئن مون اوھان سان ڪيو آھي.

16. آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ غلام پنھنجي مالڪ کان وڏو نہ آھي ۽ نہ وري موڪليل پنھنجي موڪليندڙ کان.

17. ھاڻي اوھين ڪيترا نہ سڀاڳا ٿيندا جيڪڏھن اھي ڳالھيون سمجھي انھن تي عمل ڪندا.“

عيسيٰ سان دغا ڪرڻ لاءِ اڳڪٿي

18. ”آءٌ اوھان سڀني بابت نہ ٿو ڳالھايان. جن کي مون چونڊيو آھي تن کي آءٌ ڄاڻان ٿو. پر پاڪ لکت پوري ٿيڻ گھرجي، جنھن ۾ لکيل آھي تہ ’جيڪو منھنجي ماني کائي ٿو، سو ئي منھنجي خلاف ٿيندو.‘

19. ھاڻي انھيءَ ڳالھہ جي ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي آءٌ اوھان کي ٻڌائي ٿو ڇڏيان تہ جڏھن ائين ٿئي تہ اوھين ايمان آڻيو تہ آءٌ اھو ئي آھيان.

20. آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيڪو منھنجي موڪليل کي قبول ڪندو، سو ڄڻ مون کي قبول ٿو ڪري ۽ جيڪو مون کي قبول ٿو ڪري سو انھيءَ کي قبول ٿو ڪري جنھن مون کي موڪليو آھي.“

21. جڏھن عيسيٰ ھي چئي چڪو، تڏھن دل ۾ پريشان ٿيڻ لڳو ۽ شاھدي ڏيندي چيائين تہ ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ اوھان مان ھڪڙو مون کي پڪڙائيندو.“

22. تنھن تي شاگرد وائڙا ٿي ويا ۽ ھڪٻئي کان پڇڻ لڳا تہ ”اھو اشارو ڪنھن ڏانھن آھي؟“

23. شاگردن مان ھڪڙو جنھن سان عيسيٰ جو پيار ھو، سو عيسيٰ جي سيني ڏانھن جھُڪي کائي رھيو ھو.

24. شمعون پطرس ھن کي اشارو ڏيئي چيو تہ ”ھن کان پڇ تہ اھو ڪير آھي، جنھن بابت ھو ڳالھائي رھيو آھي.“

25. پوءِ ھن ائين ئي عيسيٰ جي ويجھو ھوندي کانئس پڇيو تہ ”اي خداوند! اھو ڪير آھي؟“

26. عيسيٰ وراڻيو تہ ”آءٌ جنھن ماڻھوءَ کي ٿالھيءَ مان گرھہ ٻوڙي ڏيندس، سو ئي اھو آھي.“ پوءِ ھن مانيءَ جو گرھہ ٻوڙي شمعون اسڪريوتيءَ جي پٽ يھوداہ کي ڏنو.

27. جيئن ئي يھوداہ گرھہ ورتو تيئن ئي شيطان منجھس گھڙيو. عيسيٰ کيس چيو تہ ”جيڪو تو کي ڪرڻو آھي سو جلدي ڪري وٺ.“

28. ھاڻي جن بہ اتي ويٺي کاڌو، تن مان ڪنھن بہ نہ سمجھيو تہ ڪھڙي مطلب سان عيسيٰ يھوداہ اسڪريوتيءَ کي ائين چيو.

29. ڪن ائين پئي سمجھيو تہ جيئن تہ يھوداہ وٽ پئسن جي ڳوٿري رھندي آھي، تنھنڪري عيسيٰ چويس ٿو تہ ’عيد جي لاءِ جيڪي شيون وٺڻيون اٿيئي سي وٺ،‘ يا وري ’ڪجھہ غريبن کي ڏي.‘

30. پوءِ تہ يھوداہ گرھہ وٺي سڌو ٻاھر نڪري ھليو ويو. انھيءَ مھل رات جو وقت ھو.

ھڪ نئون حڪم

31. يھوداہ جي وڃڻ کان پوءِ عيسيٰ چيو تہ ”ھاڻي ابن⁠آدم جو جلوو ظاھر ٿيو آھي ۽ خدا جو جلوو بہ ھن جي معرفت ظاھر ٿيو.

32. جيڪڏھن خدا جو جلوو ابن⁠آدم جي معرفت ظاھر ٿيندو تہ خدا بہ ھن کي پاڻ جلوو ڏيندو، بلڪ اِجھو، ھاڻي ٿو ڏئيس.

33. اي منھنجا ٻارؤ! آءٌ اوھان سان گھڻو وقت نہ رھندس. اوھين مون کي ڳوليندا، پر آءٌ اوھان کي ھاڻي ٻڌايان ٿو، جيئن مون يھودي اڳواڻن کي ٻڌايو ھو تہ اوھين اتي اچي نہ سگھندا جتي آءٌ وڃي رھيو آھيان.

34. آءٌ اوھان کي ھڪ نئون حڪم ٿو ڏيان تہ ھڪٻئي سان پيار ڪريو. جيئن مون اوھان سان پيار ڪيو آھي، تيئن اوھان کي بہ ھڪٻئي سان پيار ڪرڻ گھرجي.

35. جيڪڏھن اوھين ھڪٻئي سان پيار ڪندا تہ پوءِ سڀني کي خبر پوندي تہ اوھين منھنجا شاگرد آھيو.“

پطرس جي انڪار بابت اڳڪٿي

36. شمعون پطرس عيسيٰ کان پڇيو تہ ”اي خداوند! تون ڪيڏانھن وڃي رھيو آھين؟“ عيسيٰ وراڻيس تہ ”جتي آءٌ وڃي رھيو آھيان اتي تون مون سان ھاڻي نہ ٿو ھلي سگھين، پر پوءِ تون اتي ايندين.“

37. پطرس پڇيس تہ ”اي خداوند! آءٌ تو سان ھاڻي ڇو نہ ٿو ھلي سگھان؟ آءٌ تہ تنھنجي لاءِ پنھنجي جان بہ ڏيڻ لاءِ تيار آھيان.“

38. عيسيٰ وراڻيس تہ ”ڇا تون سچ⁠پچ منھنجي لاءِ پنھنجي جان ڏيندين؟ آءٌ تو کي سچ ٿو ٻڌايان تہ ڪڪڙ جي ٻانگ ڏيڻ کان اڳ ۾ تون منھنجو ٽي دفعا انڪار ڪندين.“