بابن

  1. 1
  2. 2
  3. 3
  4. 4
  5. 5
  6. 6
  7. 7
  8. 8
  9. 9
  10. 10
  11. 11
  12. 12
  13. 13
  14. 14
  15. 15
  16. 16
  17. 17
  18. 18
  19. 19
  20. 20
  21. 21
  22. 22

نئين عهد نامي

مڪاشفو 1 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

ديباچو

1. ھن ڪتاب ۾ انھن ڳالھين جو بيان آھي، جيڪي عيسيٰ مسيح ظاھر ڪيون. اھو مڪاشفو خدا ھن کي انھيءَ لاءِ ڏنو تہ پنھنجي ٻانھن کي اھي ڳالھيون ڏيکاري جيڪي جلد ٿيڻ واريون آھن. مسيح پنھنجي ملائڪ جي وسيلي پنھنجي غلام يوحنا تي اھي ڳالھيون ظاھر ڪيون.

2. پوءِ يوحنا انھن ڳالھين جي گواھي ڏني جيڪي ھن ڏٺيون، يعني خدا جو ڪلام ۽ عيسيٰ مسيح جي شاھدي.

3. سڀاڳو آھي اھو شخص، جيڪو ھن پيشنگوئيءَ جون ڳالھيون پڙھي ٿو ۽ اھي جيڪي ٻڌن ٿا ۽ انھيءَ ۾ لکيل ڳالھين تي عمل ڪن ٿا. ڇالاءِ⁠جو انھن ڳالھين جي پوري ٿيڻ جو وقت ويجھو آھي.

ڪليسيائن ڏانھن سلام

4. ھي پيغام يوحنا جي طرفان ايشيا پرڳڻي جي ستن ڪليسيائن ڏانھن آھي. شال اوھان تي انھيءَ جو فضل ۽ اطمينان ھجي، جيڪو آھي، جيڪو ھو ۽ جيڪو اچڻو آھي. اھي برڪتون اوھان ڏانھن انھن ستن روحن وٽان بہ آھن جيڪي خدا جي تخت جي اڳيان آھن،

5. ۽ عيسيٰ مسيح وٽان بہ آھن جيڪو سچو شاھد، جيڪي مئلن مان جيئرا ٿيا تن ۾ پھريتو ۽ دنيا جي بادشاھن تي حڪم ھلائيندڙ آھي.ھو اسان کي پيار ٿو ڪري ۽ ھن پنھنجو رت وھائي اسان کي گناھن کان ڇوٽڪارو ڏنو آھي.

6. ھن اسان کي ڪاھنن جي ھڪڙي بادشاھت بڻايو تہ جيئن اسين سندس خدا ۽ پيءُ جي خدمت ڪري سگھون. شل انھيءَ جي وڏائي ۽ قدرت ھميشہ تائين قائم رھي. آمين.

7. ڏسو، ھو ڪڪرن تي ٿو اچي،ھر ھڪ اک ھن کي ڏسندي.اھي بہ کيس ڏسندا جن ھن کي چيڀاٽي ماريو،۽ دنيا جون سڀ قومونساڻس پنھنجي ڪئي تي ماتم ڪنديون، بيشڪ. آمين.

8. خداوند خدا، جيڪو آھي، جيڪو ھو ۽ جيڪو اچڻو آھي، اھو قادرِمطلق فرمائي ٿو تہ ”آءٌ اول ۽ آخر آھيان.“

يوحنا کي مسيح جو ديدار

9. آءٌ يوحنا اوھان جو ڀاءُ ۽ عيسيٰ جي مصيبت، بادشاھت ۽ صبر ۾ اوھان سان شريڪ آھيان. آءٌ خدا جي ڪلام ٻڌائڻ ۽ عيسيٰ جي شاھدي ڏيڻ ڪري انھيءَ ٻيٽ ۾ قيد ھوس جيڪو پتمس ٿو سڏجي.

10. خداوند واري ڏينھن آءٌ رويا جي حالت ۾ اچي ويس ۽ پنھنجي پٺيان ھڪڙو اھڙو وڏو آواز ٻڌم جيڪو توتاري جي آواز وانگر ھو،

11. جنھن چيو تہ ”جيڪي تون ڏسين ٿو، سو ڪتاب ۾ لک ۽ اھو ستن ئي ڪليسيائن ڏانھن ڏياري موڪل، يعني اِفسس، سمرنا، پرگمن، ٿواتيرہ، سرديس، فلدلفيا ۽ لوديڪيا ڏانھن.“

12. آءٌ پوئتي مڙيس تہ جيئن اھو ڏسي سگھان جنھن مون سان ٿي ڳالھايو، تڏھن مون ست سونا شمعدان ڏٺا.

13. انھن شمعدانن جي وچ ۾ مون ابن⁠آدم جھڙو ھڪڙو شخص ڏٺو، جو پيرن تائين ھڪ ئي پوشاڪ پھريل ھو ۽ ڇاتيءَ تي ھڪڙو سونو سينابند ٻڌل ھوس.

14. انھيءَ جو مٿو ۽ وار اھڙا اڇا ھئا جھڙو کير، بلڪ نور جھڙا. سندس اکيون مشعل وانگر ٻرن پيون.

15. انھيءَ جا پير صاف پتل جھڙا ھئا جيڪو پتل ڄڻ تہ بٺيءَ مان تپي اُجرو ٿي نڪتل ھجي، سندس آواز زور سان وھندڙ پاڻيءَ جھڙو ھو.

16. ھن جي ساڄي ھٿ ۾ ست تارا ھئا ۽ وات مان ھڪڙي ٻہ⁠منھين تلوار ٿي نڪتس ۽ سندس شڪل چمڪندڙ سج جھڙي ھئي.

17. جڏھن مون ھن کي ڏٺو تہ سندس پيرن تي ڪري مُڙدي وانگر پئجي رھيس. ھن پنھنجو ساڄو ھٿ مون تي رکي چيو تہ ”ڊڄ نہ، آءٌ اول ۽ آخر آھيان.

18. آءٌ جيئرو آھيان، مري تہ ويو ھوس، پر ڏس آءٌ ھميشہ تائين جيئرو رھندس. موت ۽ عالم ارواح جون ڪنجيون مون وٽ آھن.

19. تنھنڪري جيڪي تو ھن وقت ڏٺو ۽ اُھي ڳالھيون جيڪي ھن کان پوءِ جلد ٿيڻيون آھن، سي سڀيئي لک.

20. اُھي ست تارا جيڪي تو منھنجي ساڄي ھٿ ۾ ڏٺا تن جو ۽ ستن سونن شمعدانن جو راز ھي آھي تہ ست تارا ستن ڪليسيائن جا ملائڪ آھن ۽ ست شمعدان ست ڪليسيائون آھن.“