بابن

  1. 1
  2. 2
  3. 3
  4. 4
  5. 5
  6. 6
  7. 7
  8. 8
  9. 9
  10. 10
  11. 11
  12. 12
  13. 13
  14. 14
  15. 15
  16. 16
  17. 17
  18. 18
  19. 19
  20. 20
  21. 21
  22. 22

نئين عهد نامي

مڪاشفو 10 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

ملائڪ ۽ ننڍڙو ڪتاب

1. پوءِ مون ھڪڙي زورآوار ملائڪ کي آسمان مان لھندي ڏٺو، جيڪو ڪڪر سان ڍڪيل ھو ۽ سندس مٿي تي انڊلٺ ھئي. ھن جو منھن سج جھڙو ھو ۽ سندس ٽنگون باھہ جي ٿنڀن جھڙيون ھيون.

2. ھن جي ھٿ ۾ ھڪڙو ننڍڙو کليل ڪتاب ھو. ھن پنھنجو ساڄو پير سمنڊ تي ۽ کاٻو پير زمين تي رکيو.

3. پوءِ ھن وڏي آواز سان اھڙي رڙ ڪئي جھڙي شينھن جي گجگوڙ ۽ جڏھن ھن رڙ ڪئي تہ گجگوڙن جا ست آواز ٿيا.

4. جڏھن گجگوڙن جا ست آواز ٻڌڻ ۾ آيا تہ مون لکڻ جو ارادو ڪيو. پر آسمان مان ھڪڙو آواز ٻڌم جنھن چيو تہ ”جيڪي ڳالھيون انھن ستن گجگوڙن ڪيون، تن کي راز ۾ رک ۽ لک نہ.“

5. ان کان پوءِ جنھن ملائڪ کي مون سمنڊ ۽ زمين تي بيٺو ڏٺو، تنھن پنھنجو ساڄو ھٿ آسمان ڏانھن کنيو،

6. ۽ سدائين زندہ خدا جنھن آسمان، زمين، سمنڊ ۽ جيڪي منجھن آھي تن کي پيدا ڪيو آھي، انھيءَ جو قسم کڻي چيائين تہ ”ھاڻي وڌيڪ دير نہ ٿيندي.

7. پر انھيءَ وقت جڏھن ستون ملائڪ توتارو وڄائڻ وارو ھوندو تڏھن خدا جو راز پورو ٿيندو، جيڪو ھن پنھنجي ٻانھن يعني نبين تي ظاھر ڪيو ھو.“

8. پوءِ جيڪو آواز مون آسمان مان ٻڌو ھو، تنھن وري مون کي چيو تہ ”وڃ ۽ جيڪو ملائڪ سمنڊ ۽ زمين تي بيٺو آھي، تنھن جي ھٿ مان اھو کليل ڪتاب وڃي وٺ.“

9. آءٌ انھيءَ ملائڪ وٽ ويس ۽ کيس چيم تہ ”اھو ننڍڙو ڪتاب مون کي ڏي.“ ھن مون کي چيو تہ ”وٺ ۽ کاءُ، اھو تنھنجو پيٽ ڪڙو ڪندو، پر تنھنجو وات اھڙو مٺو ٿيندو جھڙي ماکي.“

10. مون اھو ننڍڙو ڪتاب ملائڪ کان ورتو ۽ کاڌم. اھو منھنجي وات ۾ ماکيءَ جھڙو مٺو لڳو. پر جڏھن کائي بس ڪيم تہ منھنجو پيٽ ڪڙو ٿي پيو.

11. پوءِ مون کي چيو ويو تہ ”تو کي ھڪ دفعو وري اُمتن، قومن، ٻولين ۽ بادشاھن جي باري ۾ پيشنگوئي ڪرڻي پوندي.“