بابن

  1. 1
  2. 2
  3. 3
  4. 4
  5. 5
  6. 6
  7. 7
  8. 8
  9. 9
  10. 10
  11. 11
  12. 12
  13. 13
  14. 14
  15. 15
  16. 16
  17. 17
  18. 18
  19. 19
  20. 20
  21. 21
  22. 22

نئين عهد نامي

مڪاشفو 12 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

عورت ۽ ازدھا

1. پوءِ آسمان ۾ ھڪڙو وڏو عجيب نشان ڏسڻ ۾ آيو، يعني ھڪ عورت نظر آئي، جيڪا سج سان ڍڪيل ھئي ۽ چنڊ انھيءَ جي پيرن ھيٺان ھو، ٻارھن تارن جو تاج سندس مٿي تي رکيل ھو.

2. اُھا پيٽ ڀرئي سان ھئي ۽ ويم جي سورن جي ڪري رڙيون پئي ڪيائين، ڇالاءِ⁠جو ٻار ڄڻڻ تي ھئي.

3. ان سان گڏ آسمان ۾ ھڪڙو ٻيو بہ نشان نظر آيو، يعني ھڪڙو وڏو ڳاڙھو ازدھا، جنھن کي ست مٿا ۽ ڏھہ سڱ ھئا، سندس مٿن تي ست تاج ھئا.

4. انھيءَ جي پڇ آسمان جي تارن جو ٽيون حصو ڇڪي زمين تي ڪيرائي وڌو. ازدھا انھيءَ عورت جي اڳيان وڃي بيھي رھيو، جيڪا ٻار ڄڻڻ تي ھئي تہ جنھن مھل ھوءَ ٻار ڄڻي تہ سندس ٻار کي ڳڙڪائي ڇڏي.

5. عورت کي پٽ ڄائو، يعني اھو ٻار جيڪو سڀني قومن تي لوھہ جي لٺ سان حڪم ھلائيندو. اھو ٻار ھڪدم خدا ۽ سندس تخت ڏانھن کڄي ويو.

6. عورت بيابان ڏانھن ڊوڙي ويئي، جتي خدا ھن جي لاءِ ھڪ جاءِ تيار ڪري ڇڏي ھئي، تہ جيئن اُتي ھڪ ھزار ٻہ ⁠سؤ سٺ ڏينھن تائين سندس سار سنڀال ٿي سگھي.

7. ان کان پوءِ آسمان ۾ جنگ لڳي، ميڪائيل ۽ سندس ملائڪ انھيءَ ازدھا سان وڙھڻ لاءِ نڪتا. ازدھا ۽ سندس ملائڪ بہ انھن سان وڙھيا،

8. پر کين شڪست آئي. تنھنڪري آسمان ۾ انھن جي ڪابہ جاءِ نہ رھي.

9. اھو وڏو ازدھا يعني قديم نانگ، جيڪو ابليس ۽ شيطان بہ سڏبو آھي ۽ جيڪو ساري جھان کي گمراھہ ٿو ڪري، سو زمين تي اڇلايو ويو ۽ سندس ملائڪ بہ ساڻس گڏ ھيٺ اڇلايا ويا.

10. پوءِ مون آسمان مان ھڪڙو وڏو آواز ٻڌو، جنھن چيو تہ”ھاڻي اسان جي خدا جو ڇوٽڪارو،قدرت ۽ بادشاھت۽ سندس مسيح جي اختياري آئي آھي.ڇالاءِ⁠جو اسان جي ڀائرن ۽ ڀينرن تي الزام ھڻڻ وارو،جيڪو رات ڏينھناسان جي خدا جي آڏومٿن الزام ھڻي رھيو ھو،سو ھيٺ اڇلايو ويو آھي.

11. پر اسان جا ڀائر ۽ ڀيڻونگھيٽي جي رت جي وسيلي۽ پنھنجي شاھديءَ جي ڪريمٿس غالب پيا،ڇالاءِ⁠جو ھنن موت تائين بہپنھنجو ساھہ پيارو نہ ڪيو.

12. تنھنڪري اي آسمانو ۽ آسمانن جا رھاڪو!اوھين خوشيون ڪريو.پر اي زمين ۽ سمنڊ!اوھان لاءِ افسوس آھي،ڇالاءِ⁠جو ابليس ڏاڍيءَ ڪاوڙ ماناوھان ڏانھن لھي آيو آھي،انھيءَ ڪري جو خبر اٿس تہسندس وقت باقي ٿورو وڃي بچيو آھي.“

13. جڏھن انھيءَ ازدھا ڏٺو تہ کيس زمين تي ڪيرايو ويو آھي، تڏھن ھو انھيءَ عورت کي ستائڻ لڳو جنھن کي پٽ ڄائو ھو.

14. پر عورت کي وڏي عقاب جا ٻہ پر ڏنا ويا، تہ جيئن ھوءَ بيابان ۾ پنھنجيءَ جاءِ تي پھچي وڃي ۽ نانگ کان محفوظ رھي، جتي ساڍن ٽن سالن تائين سندس پرورش ٿيڻي ھئي.

15. پوءِ نانگ انھيءَ عورت جي پٺيان پنھنجي وات مان درياءَ وانگر پاڻي وھايو تہ جيئن کيس وھڪري ۾ وھائي ڇڏي.

16. پر زمين انھيءَ عورت جي مدد ڪئي ۽ پنھنجو وات کولي انھيءَ درياءَ جي پاڻيءَ کي پي ويئي، جيڪو ازدھا پنھنجي وات مان وھايو ھو.

17. ازدھا کي عورت تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي. تنھنڪري ھو عورت جي باقي اولاد سان جنگ ڪرڻ لاءِ ھليو ويو، يعني انھن سان جيڪي خدا جي حڪمن تي ٿي ھليا ۽ عيسيٰ جي شاھدي ٿي ڏنائون.

18. پوءِ اھو ازدھا سمنڊ جي واريءَ تي وڃي ويٺو.