بابن

  1. 1
  2. 2
  3. 3
  4. 4
  5. 5
  6. 6
  7. 7
  8. 8
  9. 9
  10. 10
  11. 11
  12. 12
  13. 13
  14. 14
  15. 15
  16. 16
  17. 17
  18. 18
  19. 19
  20. 20
  21. 21
  22. 22

نئين عهد نامي

مڪاشفو 17 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

ھڪ مشھور ڪسبياڻي

1. پوءِ انھن ستن ملائڪن مان جن وٽ ست پيالا ھئا، ھڪڙي اچي مون کي چيو تہ ”ھيڏانھن اچ تہ تو کي ڏيکاريان تہ انھيءَ مشھور ڪسبياڻيءَ کي ڪھڙي سزا ڏني ويندي، يعني انھيءَ وڏي شھر کي جيڪو گھڻن دريائن جي ڀرسان اڏيل آھي.

2. انھيءَ سان دنيا جي بادشاھن زناڪاري ڪئي ۽ زمين جا رھاڪو ھن جي زناڪاريءَ جي مئي مان پي ڪري نشئي ٿي پيا ھئا.“

3. اھو ملائڪ مون کي رويا جي حالت ۾ بيابان ڏانھن وٺي ويو. اُتي مون ھڪڙي عورت ڏٺي، جيڪا ڳاڙھي رنگ جي حيوان تي ويٺي ھئي. انھيءَ حيوان کي ست مٿا ۽ ڏھہ سڱ ھئا ۽ سڄو ڪفر جي نالن سان ڀريو پيو ھو.

4. انھيءَ عورت کي واڱڻائي ۽ قرمزي رنگ جي پوشاڪ پھريل ھئي ۽ اھا عورت سون، ھيرن جواھرن ۽ موتين سان سينگاريل ھئي. انھيءَ کي ھٿ ۾ ھڪڙو سونو پيالو ھو، جيڪو سندس گندگي ۽ زناڪاريءَ جي ناپاڪ شين سان ڀريل ھو.

5. انھيءَ عورت جي پيشانيءَ تي ھڪڙو نالو لکيل ھو جيڪو ھڪ راز آھي يعني ”وڏو شھر بابل، ڪسبياڻين ۽ زمين جي براين جي ماءُ.“

6. مون انھيءَ عورت کي خدا جي قوم وارن جي رت ۽ عيسيٰ جي شھيدن جو رت پيئڻ سان الوٽ ڏٺو.آءٌ انھيءَ عورت کي ڏسي ڏاڍو حيران ٿي ويس.

7. تنھن تي انھيءَ ملائڪ مون کي چيو تہ ”تون حيران ڇو ٿيو آھين؟ آءٌ تو کي انھيءَ عورت ۽ انھيءَ ستن مٿن ۽ ڏھن سڱن واري حيوان جنھن تي ھوءَ سوار آھي، تن ٻنھي جو راز بيان ڪري ٻڌائيندس.

8. اھو حيوان جيڪو تو ڏٺو، سو اڳي ھو ۽ ھاڻي ڪونھي. پر اوڙاھہ مان نڪري اچڻ تي آھي ۽ پوءِ برباد ٿي ويندو. زمين جا رھاڪو ۽ جن جا نالا دنيا جي شروعات کان وٺي زندگيءَ جي ڪتاب ۾ لکيل نہ آھن، سي انھيءَ حيوان جو حال ڏسي عجب ۾ پئجي ويندا، ڇاڪاڻ⁠تہ اھو حيوان اڳي ھو ۽ ھاڻي ڪونھي پر ھن کان پوءِ ايندو.

9. انھيءَ کي سمجھڻ لاءِ سياڻپ گھرجي. اھي ست مٿا ست جبل آھن، جن تي اھا عورت ويٺي آھي. اھي ست بادشاھہ بہ آھن.

10. انھن مان پنج ڪري پيا آھن، ھڪڙو موجود آھي ۽ ٻيو اڃا آيو ئي ڪونھي ۽ جڏھن اھو ايندو تہ ضرور ٿوري وقت تائين رھندو.

11. جيڪو حيوان اڳي ھو ۽ ھاڻي ڪونھي، سو پاڻ اٺون بادشاھہ آھي ۽ انھن ستن مان ئي پيدا ٿيو آھي. اھو پاڻ ئي برباد ٿي ويندو.

12. جيڪي ڏھہ سڱ تو ڏٺا سي اُھي ڏھہ بادشاھہ آھن، جن کي اڃا تائين بادشاھي ڪانہ ملي آھي. پر انھيءَ حيوان سان گڏ کين ھڪڙي ڪلاڪ تائين بادشاھن جھڙو اختيار ملندو.

13. انھن ڏھن ئي جي ھڪڙي راءِ ھوندي ۽ اھي پنھنجي طاقت ۽ اختيار انھيءَ حيوان کي ڏيئي ڇڏيندا.

14. اُھي گھيٽي سان جنگ ڪندا، پر گھيٽو مٿن غالب پوندو، ڇالاءِ⁠جو ھو خداوندن جو خداوند ۽ بادشاھن جو بادشاھہ آھي ۽ جيڪي ھن جا سڏيل، چونڊيل ۽ وفادار آھن سي بہ مٿن غالب پوندا.“

15. پوءِ ملائڪ چيو تہ ”جيڪي درياءَ تو ڏٺا، جن جي ڀرسان اھا ڪسبياڻي ويٺي آھي، سي اُمتون، ميڙ، قومون ۽ ٻوليون آھن.

16. جيڪو حيوان ۽ سندس ڏھہ سڱ تو ڏٺا، سي انھيءَ ڪسبياڻيءَ کان نفرت ڪندا ۽ کيس برباد ۽ اگھاڙو ڪري ڇڏيندا، سندس گوشت کائي ويندا ۽ کيس باھہ ۾ ساڙي ڇڏيندا.

17. انھيءَ جو سبب اھو آھي جو خدا انھن جي دلين ۾ اھا ڳالھہ وجھندو تہ اھي سندس مقصد پورو ڪن ۽ ھڪڙي ئي راءِ تي اچي بيھن تہ اھي پنھنجي پنھنجي بادشاھي انھيءَ حيوان کي ڏين، جيستائين خدا جون ڳالھيون پوريون ٿين.

18. اھا عورت جيڪا تو ڏٺي سا اھو وڏو شھر آھي، جيڪو دنيا جي بادشاھن تي حڪومت ٿو ڪري.“