بابن

  1. 1
  2. 2
  3. 3
  4. 4
  5. 5
  6. 6
  7. 7
  8. 8
  9. 9
  10. 10
  11. 11
  12. 12
  13. 13
  14. 14
  15. 15
  16. 16
  17. 17
  18. 18
  19. 19
  20. 20
  21. 21
  22. 22

نئين عهد نامي

مڪاشفو 15 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

آخري آفتن وارا ملائڪ

1. پوءِ مون آسمان ۾ ھڪڙو ٻيو وڏو عجيب نشان ڏٺو، يعني ست ملائڪ جن وٽ ست آفتون ھيون. اھي آفتون آخري آھن، ڇالاءِ⁠جو انھن تي خدا جو غضب پورو ٿئي ٿو.

2. مون ھڪڙو شيشي جھڙو سمنڊ ڏٺو، جنھن ۾ باھہ گڏيل ھئي ۽ جيڪي انھيءَ حيوان، سندس بت ۽ سندس نالي جي عدد تي غالب پيا ھئا سي خدا جا ڏنل تنبورا کنيو انھيءَ شيشي جي سمنڊ وٽ بيٺا ھئا.

3. اُھي خدا جي ٻانھي موسيٰ جو راڳ ۽ گھيٽي جو راڳ ڳائي رھيا ھئا ۽ چون پيا تہ”اي خداوند خدا، قادرِمطلق!تنھنجا ڪم وڏا ۽ عجيب آھن.اي قومن جا بادشاھہ!تنھنجون واٽون سڌيون ۽ سچيون آھن.

4. اي خداوند! تو کان ڪير نہ ڊڄندو؟تنھنجي نالي جي واکاڻ ڪير نہ ڪندو؟ڇالاءِ⁠جو رڳو تون ئي پاڪ آھين.سڀيئي قومون اچي تنھنجي اڳيان سجدو ڪنديون،ڇالاءِ⁠جو تنھنجي انصاف جا ڪم ظاھر ٿيا آھن.“

5. انھن ڳالھين کان پوءِ مون آسمان ڏانھن ڏٺو، جنھن ۾ مقدس خيمي جي مقدس ترين جاءِ کليل نظر آئي.

6. انھيءَ مان اُھي ست ملائڪ نڪتا، جن وٽ ست آفتون ھيون. اُھي صاف ۽ اڇيون چمڪندڙ پوشاڪون پھريل ھئا ۽ سندن ڇاتين تي سونا سينابند ٻڌل ھئا.

7. پوءِ انھن چئن ساھوارن مان ھڪڙي انھن ستن ملائڪن کي ست سونا پيالا ڏنا، جيڪي سدائين زندہ خدا جي غضب سان ڀريل ھئا.

8. اھو ھيڪل خدا جي جلال ۽ سندس قدرت جي دونھين سان ڀرجي ويو ۽ جيستائين انھن ستن ملائڪن جون ست آفتون پوريون نہ ٿيون، تيستائين ڪوبہ انھيءَ ھيڪل ۾ گھڙي نہ ٿي سگھيو.