بابن

  1. 1

نئين عهد نامي

يهوداہ 1 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

سلام

1. ھي خط عيسيٰ مسيح جي ٻانھي ۽ يعقوب جي ڀاءُ يھوداہ جي طرفان آھي. ھي انھن ڏانھن لکجي ٿو، جيڪي چونڊيا ويا آھن ۽ ساڻن پيءُ خدا جو پيار آھي ۽ عيسيٰ مسيح جي وسيلي حفاظت ۾ آھن.

2. شل اوھان تي رحم، سلامتي ۽ پيار جھجھي انداز ۾ ھجي.

ڪوڙا استاد

3. پيارا دوستو! مون کي اوھان ڏانھن انھيءَ ڇوٽڪاري جي باري ۾ لکڻ جو تمام گھڻو چاھہ ھو، جنھن ۾ اسان سڀ شريڪ آھيون. سو مون اھو لکڻ ضروري سمجھيو تہ اوھان کي ھمتايان تہ انھيءَ ايمان لاءِ سخت مقابلو ڪريو، جيڪو خدا ھميشہ لاءِ پنھنجي قوم کي ڏيئي ڇڏيو آھي.

4. ڇالاءِ⁠جو ڪي ماڻھو لڪي ڇپي اوھان منجھہ گھڙي آيا آھن. اُھي قديم زماني کان پاڪ ڪلام موجب ھن سزا لاءِ مقرر ڪيا ويا ھئا. ھو بدڪار ماڻھو آھن، جيڪي خدا جي فضل کي ڦيرائي پنھنجي شھوت⁠پرستيءَ جو بھانو بڻائين ٿا. اُھي اسان جي ھڪڙي ئي مالڪ ۽ خداوند عيسيٰ مسيح جو انڪار ٿا ڪن.

5. جيتوڻيڪ اوھين اڳي ئي اھو سڀ ڄاڻو ٿا، تنھن ھوندي بہ آءٌ اوھان کي ياد ڏيارڻ ٿو چاھيان تہ ڪيئن خداوند ھڪ قوم کي مصر ملڪ مان بچائي ورتو ۽ پوءِ وري جن ايمان نہ آندو تن کي تباھہ ڪيائين.

6. اھڙيءَ طرح جن ملائڪن پنھنجي اختيار واري حيثيت قائم نہ رکي پر پنھنجي خاص رھڻ جي جاءِ ڇڏي ڏني، تن کي خدا ابدي زنجيرن سان قيد ڪري عظيم ڏينھن واري عدالت تائين اونداھيءَ منجھہ رکيو آھي.

7. ساڳئي نموني سدوم ۽ عموراہ ۽ انھن جي آس⁠پاس وارا شھر زناڪاري ۽ بدفعليءَ جي پٺيان پيا. اُھي دائمي باھہ جي سزا پيا ڀوڳين تہ جيئن ٻين لاءِ عبرت جو مثال ٿين.

8. بلڪل ساڳئي نموني اھي ماڻھو بہ پنھنجن خوابن خيالن ۾ محو ٿي پنھنجن جسمن کي ناپاڪ ٿا ڪن، اختياريءَ کي حقير ٿا ڄاڻن ۽ عظيم آسماني ھستين جي بي⁠حرمتي ٿا ڪن.

9. مگر وڏي ملائڪ ميڪائيل جڏھن موسيٰ جي لاش بابت شيطان سان جھيڙو ۽ تڪرار پئي ڪيو، تڏھن کيس ايتري ھمت نہ ٿي جو شيطان تي ڦٽڪار ڪري سگھي. پر رڳو ايترو چيائين تہ ”خداوند تو تي ملامت ڪري.“

10. پر ھي ماڻھو انھن ڳالھين تي ڦٽڪار ٿا ڪن، جن کي ھو نہ ٿا ڄاڻن ۽ جن ڳالھين کي ھو بي⁠عقل جانورن وانگر طبعي ٿا سمجھن. اھي ئي کين تباھہ ڪن ٿيون.

11. افسوس آھي انھن تي! ڇالاءِ⁠جو ھو قابيل جي واٽ تي ھليا، نفعي جي خاطر بلعام جھڙي گمراھيءَ ۾ ڪاھي پيا ۽ قوراہ وانگر بغاوت ڪري برباد ٿيا.

12. ھي بدڪار ماڻھو اوھان جي محبت ڀرين مجلسن لاءِ نقصانڪار آھن، جيڪي بنا ڪنھن ڊپ⁠ڊاءَ جي رڳو پنھنجي پيٽ ڀرڻ لاءِ اوھان سان گڏ کائين پيئن ٿا. اِھي بي⁠آب ڪڪر آھن، جن کي ھوائون کنيو اُڏائينديون وتن. اِھي سرءُ جا وڻ آھن جيڪي پوريءَ طرح مئل آھن، يعني بي⁠ڦل ۽ پاڙؤن پٽيل آھن.

13. اِھي سمنڊ جون بي⁠قابو ڇوليون آھن، جيڪي پنھنجي بي⁠شرميءَ جي گَج ٿيون اڇلائين. ھو ڀٽڪندڙ تارا آھن، جن لاءِ ھميشہ گھُگھُہ اوندھہ رکي ويئي آھي.

14. انھن ماڻھن جي باري ۾ ئي حنوڪ، جيڪو آدم جي ستين پيڙھيءَ ۾ ھو، اڳڪٿي ڪري چيو تہ ”ياد رکو، خداوند پنھنجي لکين ملائڪن سان اچي ٿو.

15. ھو انھيءَ لاءِ ٿو اچي تہ جيئن ھر ھڪ سان انصاف ڪري ۽ انھن سڀني بدڪارن کي سزا ڏئي، جن بدڪاريءَ جو طريقو اختيار ڪري بدڪاريءَ جا ڪم ڪيا. ھو انھن سڀني سخت ڳالھين لاءِ کين ڏوھاري ٺھرائيندو، جيڪي ھنن وڏن گنھگارن سندس برخلاف ڪيون آھن.“

16. اُھي ماڻھو ڪُرڪندڙ، شڪايت ڪندڙ ۽ پنھنجين برين خواھشن تي ھلندڙ آھن. اِھي پنھنجي لاءِ ٻٽاڪون ھڻندڙ ۽ پنھنجي فائدي لاءِ ٻين جي خوشامند ڪندڙ آھن.

تاڪيد ۽ نصيحتون

17. پر اي عزيزو! اھي ڳالھيون ياد رکو، جيڪي اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي رسولن اڳي ئي ٻڌائي ڇڏيون آھن.

18. اُھي اوھان کي چوندا ھئا تہ ”آخري زماني ۾ ڪي ٺٺوليون ڪندڙ ماڻھو ھوندا، جيڪي پنھنجين بدڪاريءَ وارين خواھشن جي پيروي ڪندا.“

19. ھي اُھي ماڻھو آھن جيڪي جدايون ٿا وجھن. ھي نفس⁠پرست آھن جن ۾ پاڪ روح نہ آھي.

20. پر اي عزيزو! اوھين پنھنجي نھايت ئي پاڪ ايمان ۾ مضبوط ٿيندا رھو ۽ پاڪ روح جي مدد سان دعا گھرندا رھو.

21. پنھنجو پاڻ کي خدا جي پيار ۾ قائم رکو ۽ ھميشہ جي زندگيءَ لاءِ اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي رحم جا منتظر رھو.

22. جيڪي ماڻھو شڪ شبھو رکن ٿا، تن تي رحم ڪجو.

23. ڪن کي ڇڪي باھہ مان ڪڍي بچايو ۽ ٻين تي خوف کائيندي رحم ڪريو. پر جسماني خواھشن وسيلي پليت ٿيل ڪپڙن کان بہ نفرت ڪجو.

واکاڻ

24. خدا جيڪو اوھان کي ٿاٻي کائڻ کان بچائي سگھي ٿو ۽ پنھنجي جلال واري حضور ۾ نھايت خوشيءَ سان بي⁠عيب ڪري بيھاري سگھي ٿو،

25. انھيءَ واحد خدا، اسان جي ڇوٽڪاري ڏيندڙ کي، اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي وسيلي جلال ۽ عظمت، قدرت ۽ اختيار سونھي، جيئن ازل کان ھو، ھاڻي آھي ۽ ھميشہ تائين ھوندو. آمين.