بابن

  1. 1
  2. 2
  3. 3
  4. 4
  5. 5
  6. 6
  7. 7
  8. 8
  9. 9
  10. 10
  11. 11
  12. 12
  13. 13
  14. 14
  15. 15
  16. 16

نئين عهد نامي

رومين 6 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

گناھن جي ڪري مئل، پر مسيح جا ھئڻ ڪري زندہ

1. تہ پوءِ ڇا اسين ائين چئون تہ گناھہ ڪندا رھون تہ جيئن خدا جو فضل وڌيڪ ٿئي؟

2. نہ، بلڪل نہ. اسين گناھہ جي نسبت مئل آھيون تہ پوءِ ڪيئن ان ۾ وڌيڪ جيئرا رھي سگھنداسين؟

3. ڇا اوھان کي اھا خبر نہ آھي تہ اسين جيڪي بہ بپتسما وٺي عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيا ھئاسين، سي انھيءَ ئي بپتسما سان سندس مرڻ ۾ بہ ھڪ ٿيا ھئاسين؟

4. تنھنڪري اسين سندس مرڻ ۾ بپتسما جي وسيلي ھن سان گڏ دفن ٿي ويا ھئاسين، انھيءَ لاءِ تہ جيئن مسيح پنھنجي پيءُ جي جلوي سان مئلن مان جياريو ويو تيئن اسين بہ نئين زندگيءَ ۾ گذاريون.

5. جيڪڏھن اسين مسيح جي مرڻ ۾ ساڻس گڏ شامل ھئاسين، تہ ساڳيءَ طرح سندس جيئري ٿي اٿڻ ۾ بہ ضرور شامل ٿينداسين.

6. ڇالاءِ⁠جو اسان کي خبر آھي تہ اسان جي اڳين انسانيت مسيح سان گڏ صليب تي چاڙھي ويئي، تہ جيئن اسان جون گناھہ ڪرڻ واريون نفساني خواھشون ناس ٿي وڃن ۽ اڳتي اسين گناھہ جي غلاميءَ کان ڇٽي پئون،

7. ڇاڪاڻ⁠تہ جيڪو مري ويو سو گناھہ کان ڇٽي ويو.

8. جيڪڏھن اسين مسيح سان گڏجي ھڪ ٿي مئا آھيون، تہ پوءِ اسان جو ايمان آھي تہ ساڻس گڏ جيئرا بہ ضرور ٿينداسين.

9. اسان کي اھا بہ خبر آھي تہ مسيح مئلن مان جيئرو ٿي اٿيو آھي ۽ وري مرڻ جو نہ آھي، ڇالاءِ⁠جو ھاڻي موت جو مٿس ڪوبہ اختيار نہ آھي.

10. جڏھن ھو مئو تہ گناھہ جي نسبت ھڪڙو ئي دفعو مئو، پر ھاڻي جڏھن ھو جيئرو آھي تہ خدا جي نسبت جيئرو آھي.

11. اھڙيءَ طرح اوھين بہ پاڻ کي گناھہ جي نسبت مئل سمجھو، پر خدا جي نسبت عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري پاڻ کي جيئرو سمجھو.

12. تنھنڪري اوھين پنھنجي ھن فاني جسم ۾ گناھہ کي حڪمراني ڪرڻ نہ ڏيو، متان اوھين گناھہ جي خواھشن جي تابعداري ڪريو.

13. پنھنجي جسم جي عضون کي گناھہ جي حوالي نہ ڪريو، متان اھي بڇڙائيءَ جا ھٿيار ٿين. پر پاڻ کي مئلن مان جيئرو سمجھي خدا جي حوالي ڪريو تہ جيئن اوھان جي جسم جا عضوا سچائيءَ جا ھٿيار ٿين.

14. ڇالاءِ⁠جو ھاڻي گناھہ جو اوھان تي ڪوبہ اختيار نہ آھي، انھيءَ لاءِ تہ ھاڻي اوھين شريعت جي تابع نہ پر خدا جي فضل جي تابع آھيو.

سچائيءَ جا غلام

15. پوءِ ڇا اسين گناھہ ڪريون، انھيءَ لاءِ تہ ھاڻي اسين شريعت جي نہ پر خدا جي فضل جي تابع آھيون؟ نہ، بلڪل نہ.

16. اوھان کي خبر آھي تہ جيڪڏھن اوھين غلامن وانگر ڪنھن جي تابعداري ڪريو ٿا تہ اوھين انھيءَ ماڻھوءَ جا غلام آھيو. ھاڻي جيڪڏھن اوھين گناھہ جي تابعداري ڪندا تہ ان جو نتيجو موت آھي. پر جيڪڏھن خدا جي تابعداري ڪندا تہ ھو اوھان کي سچار ڪري قبول ڪندو.

17. خدا جو شڪر آھي جو جيتوڻيڪ اوھين گناھہ جا غلام ھئا، پر جيڪا تعليم اوھان کي ڏني ويئي تنھن جي اوھان دل⁠وجان سان تابعداري ڪئي.

18. اوھين گناھہ جي غلاميءَ کان آزاد ٿيا آھيو ۽ ھاڻي اوھين سچائيءَ جا غلام ٿيا آھيو.

19. جيئن تہ مون کي اوھان جي انساني ڪمزورين جي خبر آھي، سو آءٌ اوھان کي عام رواجي لفظن ۾ چوان ٿو تہ جيئن اڳي اوھان بڇڙائي ڪرڻ لاءِ پاڻ کي حرامڪاريءَ ۽ بدڪاريءَ جي غلاميءَ ۾ ڏيئي ڇڏيو ھو، تيئن ھاڻي پاڪ ٿيڻ لاءِ پاڻ کي سچائيءَ جي غلاميءَ ۾ ڏيئي ڇڏيو.

20. جڏھن اوھين گناھہ جا غلام ھئا، تڏھن سچائيءَ جي نسبت آزاد ھئا.

21. سو جن ڪمن جي ڪري اوھين ھن مھل شرمسار آھيو، تن مان انھيءَ وقت اوھان کي ڪھڙو فائدو مليو؟ ڪجھہ بہ نہ، ڇالاءِ⁠جو انھن ڪمن جو نتيجو موت آھي.

22. پر ھاڻي اوھين گناھن کان آزاد ڪيا ويا آھيو ۽ خدا جا غلام ٿيا آھيو، جنھن جو اجر اوھان جي پاڪائي آھي ۽ جنھن جو نتيجو آھي دائمي زندگي.

23. ڇالاءِ⁠جو گناھہ جو اجر موت آھي. پر خدا جي بخشش اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي معرفت دائمي زندگي آھي.