بابن

  1. 1
  2. 2
  3. 3
  4. 4
  5. 5
  6. 6
  7. 7
  8. 8
  9. 9
  10. 10
  11. 11
  12. 12
  13. 13
  14. 14
  15. 15
  16. 16

نئين عهد نامي

رومين 15 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

ھڪ ٻئي جي مدد ڪريو

1. اسان مان جن جو ايمان مضبوط آھي سي رڳو پنھنجي مرضيءَ تي نہ ھلن، پر ڪمزور ايمان وارن جي ڪمزورين کي برداشت ڪن.

2. اسان مان ھر ھڪ کي پنھنجي پاڙيسريءَ جي مرضيءَ جو لحاظ رکڻ گھرجي، تہ جيئن ھن جي ايمان ۾ بہ واڌارو اچي.

3. ڇالاءِ⁠جو مسيح بہ پنھنجي مرضيءَ تي نہ ھليو، پر جيئن لکيل آھي تہ ”جن تو کي طعنا ھنيا تن جا طعنا مون تي اچي پيا.“

4. ڇاڪاڻ⁠تہ جيڪي⁠بہ ڳالھيون اڳي لکيون ويون آھن سي اسان جي سيکارڻ لاءِ لکيون ويون آھن، تہ جيئن صبر ۽ تسلي، جيڪا اسان کي پاڪ لکت جي وسيلي ملي آھي تنھن مان اميد حاصل ٿئي.

5. صبر ۽ تسلي ڏيڻ وارو خدا شل اوھان کي ھيءَ توفيق ڏئي جو اوھين عيسيٰ مسيح جي پيروي ڪري پاڻ ۾ ايڪي سان رھو،

6. انھيءَ لاءِ تہ جيئن اوھين يڪدل ۽ يڪ⁠زبان ٿي اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي خدا ۽ پيءُ جي واکاڻ ڪريو.

غير قومن لاءِ خوشخبري

7. سو جيئن مسيح اوھان کي قبول ڪيو تيئن اوھين بہ ھڪ ٻئي کي قبول ڪريو، تہ جيئن خدا جي واکاڻ ڪئي وڃي.

8. ڇالاءِ⁠جو آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ خدا جي سچائيءَ کي ظاھر ڪرڻ لاءِ مسيح يھودين جي خدمت ڪئي تہ جيئن انھيءَ سان ھو خدا جا اھي واعدا پورا ڪري جيڪي اسان جي ابن ڏاڏن سان ڪيا ويا ھئا،

9. ۽ غير قومون بہ خدا جي رحم ڪري سندس واکاڻ ڪن. جيئن لکيل آھي تہ”تنھنڪري آءٌ غير قومن ۾ تنھنجي تعريف ڪندس۽ تنھنجي نالي جا گيت ڳائيندس.“

10. وري چيل آھي تہ”اي غير قومون! خدا جي قوم سان گڏجيخوشي ڪريو.“

11. وري بہ چيل آھي تہ”اي غير قومون! اوھين سڀيئي خداوند جي واکاڻ ڪريو.اي سڀيئي قومون! اوھين سندس تعريف ڪريو.“

12. وري يسعياہ نبي بہ چوي ٿو تہ”يشيءَ جي اولاد مان ڪو ايندو،يعني ھو غير قومن تي حڪومت ڪرڻ لاءِ ايندو۽ اھي ھن ۾ اميد رکنديون.“

13. شل اميد بخشيندڙ خدا اوھان کي ايمان آڻڻ جي ڪري خوشي ۽ اطمينان سان ڀرپور ڪري، تہ جيئن پاڪ روح جي قدرت سان اوھين اميد ۾ وڌندا وڃو.

پولس جو دليريءَ سان لکڻ

14. اي منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! مون کي پڪ آھي تہ اوھين نيڪيءَ سان ڀريل آھيو، علم سان ڀرپور آھيو ۽ ھڪ ٻئي کي نصيحت ڪري سگھو ٿا.

15. پر ھن خط ۾ ڪٿي ڪٿي اوھان کي ياد ڏيارڻ لاءِ مون ڪجھہ دليريءَ سان لکيو آھي. خدا مون تي اھو ڪرم ڪيو آھي تہ

16. آءٌ عيسيٰ مسيح جو خادم ٿي غير قومن لاءِ ڪم ڪريان. سو آءٌ ڪاھنن وانگر خدا جي خوشخبريءَ جي تبليغ ڪريان ٿو، انھيءَ لاءِ تہ غير قومون، جن کي پاڪ روح پاڪ ڪيو آھي سي خدا جي آڏو نذراني جي صورت ۾ قبول پون.

17. تنھنڪري عيسيٰ مسيح جي وسيلي آءٌ خدا جي خدمت ڪرڻ ۾ فخر ٿو ڪريان.

18. آءٌ رڳو انھن ڪمن بابت دليريءَ سان ڳالھايان ٿو، جيڪي مسيح قول ۽ فعل جي وسيلي مون کان ڪرايا، تہ جيئن غير قومون خدا جون تابعدار ٿين.

19. يعني اھي ڪم جيڪي ڪرامتن، معجزن جي طاقت ۽ پاڪ روح جي قدرت سان ڪيا ويا. اھڙيءَ طرح مون يروشلم کان وٺي ويندي اِلرڪم تائين چئني پاسن مسيح جي خوشخبريءَ جي چڱيءَ طرح منادي ڪئي آھي.

20. مون اھو پڪو ارادو ڪيو آھي تہ جتي مسيح جو نالو اڳي نہ ورتو ويو آھي اُتي سندس خوشخبريءَ جي منادي ڪريان، انھيءَ لاءِ تہ ڪنھن ٻئي ماڻھوءَ جي وڌل بنياد تي عمارت نہ اڏيان.

21. جيئن لکيل آھي تہ”جن کي ھن جي خبر نہ آھي سي ڏسندا۽ جن نہ ٻڌو آھي سي سمجھندا.“

پولس جو روم وڃڻ جو ارادو

22. انھيءَ ڪري مون کي اوھان ڏانھن اچڻ کان ڪيترائي دفعا روڪيو ويو.

23. پر ھاڻي ھنن علائقن ۾ رھڻ لاءِ منھنجي ڪابہ ضرورت ڪانہ رھي آھي ۽ ڪيترن ئي ورھين کان سڪ اٿم تہ اوھان ڏانھن اچان.

24. سو جڏھن آءٌ اسپين ڏانھن ويندس، تڏھن اميد آھي تہ رستي تي اوھان وٽان ٿيندو ويندس. پوءِ جڏھن اوھان جي محبت مان منھنجي دل ڪجھہ قدر ڀرجي تہ اوھين مون کي اسپين ڏانھن روانو ڪري ڇڏجو.

25. پر في⁠الحال آءٌ ايمان وارن جي خدمت ڪرڻ لاءِ يروشلم ڏانھن وڃي رھيو آھيان.

26. ڇالاءِ⁠جو مڪدونيا ۽ اخيا وارن ڀائرن جي مرضي آھي تہ ھو يروشلم جي ايمان وارن ۾ جيڪي غريب آھن تن لاءِ چندو موڪلين.

27. انھن پاڻ اھو فيصلو ڪيو آھي. پر حقيقت ۾ بہ مٿن اھو فرض ھو، ڇالاءِ⁠جو يروشلم جي ايمان وارن، غير قومن کي پنھنجي روحاني برڪتن ۾ ڀائيوار ڪيو ھو. سو غير قومن تي واجب آھي تہ ھو پنھنجن مالي برڪتن سان انھن جي مدد ڪن.

28. جڏھن آءٌ اھو ضروري ڪم ختم ڪندس ۽ جيڪو انھن لاءِ چندو گڏ ٿيو سو انھن جي حوالي ڪندس، تڏھن آءٌ اسپين ڏانھن ويندس ۽ رستي تي اوھان سان بہ ملندو ويندس.

29. آءٌ ڄاڻان ٿو تہ جڏھن آءٌ اوھان وٽ ايندس تہ مسيح جي ڪامل برڪت کنيو ايندس.

30. اي منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ خداوند عيسيٰ مسيح جو واسطو ڏيئي ۽ پاڪ روح جي محبت ياد ڏياري اوھان کي منٿ ٿو ڪريان تہ مون سان گڏجي دل ⁠وَ جان سان خدا کان منھنجي لاءِ دعا گھرو،

31. تہ خدا مون کي يھوديہ ۾ انھن ماڻھن کان بچائي، جن عيسيٰ مسيح تي ايمان نہ آندو آھي ۽ يروشلم ۾ ايمان وارن وٽ منھنجي خدمت قبول پوي.

32. پوءِ خدا جي مرضيءَ موجب خوشيءَ سان اوھان وٽ اچان ۽ اوھان سان گڏ آرام حاصل ڪريان.

33. ھاڻي اطمينان ڏيڻ وارو خدا شل اوھان سڀني سان ھجي. آمين.