بابن

  1. 1
  2. 2
  3. 3
  4. 4
  5. 5
  6. 6
  7. 7
  8. 8
  9. 9
  10. 10
  11. 11
  12. 12
  13. 13
  14. 14
  15. 15
  16. 16

نئين عهد نامي

رومين 10 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

1. اي ڀائرو ۽ ڀينرون! منھنجي دلي خواھش آھي تہ شل بني اسرائيل کي ڇوٽڪارو ملي ۽ انھيءَ لاءِ آءٌ خدا جي در دعاڳو آھيان.

2. ڇاڪاڻ⁠تہ آءٌ ھنن لاءِ اھا شاھدي ٿو ڏيان تہ کين خدا جي لاءِ ڏاڍو جذبو آھي، پر سمجھہ ڪانہ اٿن.

3. انھن کي ڄاڻ نہ ھئي تہ ڪھڙيءَ طرح خدا ماڻھن کي پاڻ ڏانھن سچار ڪري ٿو، پر انھن پنھنجي منھن ڪوشش ڪئي، تنھنڪري اھي خدا جي سچائيءَ جا تابعدار نہ ٿيا.

4. مسيح جي اچڻ سان شريعت پوري ٿي، انھيءَ لاءِ تہ جيڪو بہ مٿس ايمان آڻيندو تنھن کي خدا ڏانھن سچار بڻايو ويندو.

ڇوٽڪارو سڀني جي لاءِ

5. شريعت تي عمل ڪرڻ سان خدا ڏانھن سچار ٿيڻ جي باري ۾ موسيٰ لکي ٿو تہ ”شريعت جي حڪمن تي عمل ڪرڻ سان ماڻھو جيئرو رھندو.“

6. پر جيڪو ايمان جي وسيلي خدا ڏانھن سچار ٿو بڻجي، تنھن بابت چيل آھي تہ ”تون پنھنجي دل ۾ ائين نہ چئُہ تہ ڪير آسمان تي چڙھندو.“ ان جو مطلب ٿيندو مسيح کي ھيٺ لاھي آڻڻ.

7. يا ”ائين نہ چئُہ تہ ڪير پاتال ۾ لھي ويندو.“ ان جو مطلب ٿيندو مسيح کي مئلن مان موٽائي آڻڻ.

8. پر ھيئن چئُہ تہ ”خدا جو ڪلام تنھنجي ويجھو آھي، بلڪ تنھنجي چپن تي ۽ تنھنجي دل ۾ آھي.“ يعني ايمان جو اُھو پيغام جنھن جي اسين تبليغ ڪريون ٿا تہ

9. جيڪڏھن تون زبان سان اقرار ڪرين تہ ”عيسيٰ خداوند آھي“ ۽ دل ۾ ايمان آڻين تہ ”خدا کيس مئلن مان جيئرو ڪيو“ تہ پوءِ تو کي ڇوٽڪارو ملندو.

10. ڇالاءِ⁠جو دل سان ايمان آڻڻ ڪري ماڻھو خدا ڏانھن سچار بڻايو وڃي ٿو ۽ زبان سان اقرار ڪرڻ ڪري ڇوٽڪارو ملي ٿو.

11. ڇالاءِ⁠جو اھو لکيل آھي تہ ”جيڪو بہ ھن تي ايمان آڻيندو تنھن کي مايوس نہ ڪيو ويندو.“

12. ھن ۾ ھر ھڪ اچي وڃي ٿو، ڇالاءِ⁠جو يھودين ۽ غير قومن ۾ ڪوبہ فرق نہ آھي. خدا سڀني جو خداوند آھي ۽ جيڪو بہ کيس پڪاري ٿو تنھن تي گھڻي نعمت نازل ڪري ٿو.

13. جيئن لکيل آھي تہ ”جيڪو بہ خداوند جو نالو وٺي پڪاريندو تنھن کي ڇوٽڪارو ملندو.“

14. پر اھي کيس ڪيئن پڪاريندا جنھن تي انھن ايمان ئي نہ آندو آھي؟ اھي مٿس ڪيئن ايمان آڻيندا جنھن جي باري ۾ ھنن ٻڌو ئي نہ آھي؟ اھي ڪيئن ٻڌي سگھندا جيڪڏھن ڪو پيغام ٻڌائڻ وارو ئي ڪونہ آھي؟

15. اھي پيغام جي تبليغ ڪيئن ڪندا جيڪڏھن ھو موڪليا ئي نہ ويا آھن؟ جيئن لکيل آھي تہ ”جيڪي چڱيون ڳالھيون ٻڌائڻ اچن ٿا تن جا قدم ڪھڙا نہ سڳورا آھن.“

16. پر بني اسرائيل جي سڀني ماڻھن اھا خوشخبري ڌيان ڏيئي نہ ٻڌي، ڇالاءِ⁠جو يسعياہ پاڻ چيو تہ ”اي خداوند! اسان جي پيغام تي ڪنھن ايمان آندو؟“

17. اھڙيءَ طرح ايمان پيغام ٻڌڻ سان اچي ٿو ۽ اھو پيغام آھي مسيح جو ڪلام.

18. پر آءٌ پڇان ٿو تہ ڇا انھن پيغام نہ ٻڌو؟ انھن ضرور ٻڌو، جيئن لکيل آھي تہ”انھن جو آواز سڄيءَ دنيا ۾ پکڙجي ويو،انھن جو پيغام ڌرتيءَ جي ڇيڙن تائين وڃي پھتو.“

19. آءٌ وري پڇان ٿو تہ ڇا بني اسرائيل جي ماڻھن کي خبر نہ ھئي؟ موسيٰ جي وسيلي خدا اڳي ئي چيو تہ”آءٌ اوھان کي انھن ماڻھن جي وسيلي غيرت ڏياريندس،جيڪي ڪا قوم ئي نہ آھن.آءٌ اوھان کي ان قوم جي وسيلي ڪاوڙائيندس،جيڪا بي⁠سمجھہ آھي.“

20. يسعياہ جي وسيلي ھو صاف صاف چوي ٿو تہ”جن مون کي نہ ڳوليو،تن مون کي لڌو.جيڪي مون لاءِ پڇن بہ نہ پيا،تن کي مون ڏيکاري ڏني.“

21. پر بني اسرائيل بابت ھو چوي ٿو تہ ”آءٌ سڄو ڏينھن ھڪڙي نافرمان ۽ ضدي قوم ڏانھن پنھنجا ھٿ ڊگھيريندو رھيس.“