بابن

  1. 1
  2. 2
  3. 3
  4. 4
  5. 5
  6. 6
  7. 7
  8. 8
  9. 9
  10. 10
  11. 11
  12. 12
  13. 13
  14. 14
  15. 15
  16. 16

نئين عهد نامي

رومين 1 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

1. ھي خط عيسيٰ مسيح جي غلام پولس جي طرفان آھي، جنھن کي خدا رسول ڪري چونڊيو ۽ کيس پنھنجي خوشخبري ٻڌائڻ لاءِ خاص طور مقرر ڪيو آھي.

2. خدا ھن خوشخبريءَ جو واعدو اڳي ئي پاڪ لکتن ۾ پنھنجن نبين جي معرفت ڪيو ھو.

3. اھا خوشخبري سندس فرزند، يعني اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح بابت آھي، جيڪو جسماني لحاظ کان تہ دائود جي نسل مان پيدا ٿيو،

4. پر پاڪيزگيءَ واري روح جي لحاظ کان ھو خدا جي وڏي قدرت وارو فرزند ثابت ٿيو، جڏھن ھو مئلن مان وري جيئرو ٿي اٿيو.

5. انھيءَ جي ئي معرفت خدا مون تي اھو ڪرم ڪيو جو آءٌ مسيح جي خاطر رسول مقرر ٿيس، انھيءَ لاءِ تہ آءٌ سڀني قومن جي ماڻھن کي ھي پيغام ڏيان تہ ھو ايمان آڻين ۽ فرمانبردار ٿين.

6. انھن ماڻھن ۾ اوھين بہ شامل آھيو، جن کي خدا عيسيٰ مسيح جو پوئلڳ ٿيڻ لاءِ چونڊيو آھي.

7. ھي خط انھن سڀني ڏانھن آھي، جيڪي روم شھر ۾ خدا جا پيارا آھن ۽ پاڪ ٿيڻ لاءِ چونڊيا ويا آھن. شل اوھان تي اسان جي پيءُ خدا ۽ خداوند عيسيٰ مسيح جي طرفان فضل ۽ سلامتي ھجي.

پولس جي روم وڃڻ جي تمنا

8. سڀ کان پھريائين آءٌ اوھان سڀني لاءِ عيسيٰ مسيح جي معرفت پنھنجي خدا جو شڪر ادا ٿو ڪريان، ڇاڪاڻ⁠تہ اوھان جي ايمان جون ڳالھيون سڄيءَ دنيا ۾ ٿي رھيون آھن.

9. خدا، جنھن جي فرزند جي خوشخبري ٻڌائڻ ۾ آءٌ پنھنجي دل⁠وجان سان سندس خدمت ٿو ڪريان، سو منھنجو شاھد آھي تہ آءٌ اوھان کي ھردم پنھنجي دعائن ۾ ياد ڪريان ٿو،

10. ۽ ھميشہ اھو عرض ڪندو رھندو آھيان تہ خدا ڪري جو مون کي ڪنھن نہ ڪنھن سبب اوھان وٽ اچڻ جو موقعو ملي.

11. مون کي اوھان سان ملڻ جي ڏاڍي سڪ آھي، انھيءَ لاءِ تہ اوھان کي ڪا روحاني بخشش پھچايان، جنھن جي وسيلي اوھين پنھنجي ايمان ۾ وڌيڪ مضبوط ٿيو،

12. يعني منھنجو مطلب آھي تہ اسان ٻنھي کي مدد ملندي، اوھان جي ايمان سان مون کي ۽ منھنجي ايمان سان اوھان کي.

13. اي منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! اوھان کي خبر ھئڻ گھرجي تہ مون ڪيترائي دفعا اوھان ڏانھن اچڻ جو ارادو ڪيو ھو، پر ھيستائين ڪنھن نہ ڪنھن سبب ڪري اچي نہ سگھيس. جيئن منھنجو ڪم غير قوم جي ٻين ماڻھن ۾ ڪامياب ٿيو آھي، تيئن منھنجي مرضي آھي تہ اوھان ۾ بہ ڪامياب ٿئي.

14. مون تي سڀني جو فرض آھي، توڙي جو اھي سڌريل ھجن يا اڻ⁠سڌريل، پڙھيل ھجن يا اڻ⁠پڙھيل.

15. تنھنڪري منھنجي اھا تمنا آھي تہ آءٌ پنھنجي وس آھر اوھان روم وارن کي بہ خوشخبري ٻڌايان.

خوشخبريءَ جي قدرت

16. مون کي خوشخبريءَ ۾ پورو ڀروسو آھي، ڇاڪاڻ⁠تہ اھا ڇوٽڪاري ڏيڻ لاءِ سڀني ايمان آڻيندڙن جي واسطي خدا جي قدرت آھي، پھريائين يھودين لاءِ پوءِ غير قومن لاءِ.

17. ڇاڪاڻ⁠تہ انھيءَ خوشخبريءَ مان اھو ظاھر آھي تہ خدا ماڻھن کي پاڻ ڏانھن ڪيئن سچار ٿو ڪري. اھو رڳو ايمان جي ئي وسيلي شروعات کان وٺي پڇاڙيءَ تائين ٿئي ٿو. جيئن لکيل آھي تہ”جنھن کي ايمان جي وسيلي خدا ڏانھن سچار ڪيو ويو آھي،تنھن کي ئي زندگي ملندي.“

انسانذات جي بي⁠ديني

18. جيڪي ماڻھو پنھنجي بڇڙائيءَ جي ڪري سچ کي لڪائي ٿا ڇڏين، تن جي اھڙي بي⁠ديني ۽ بڇڙائيءَ تي آسمان مان خدا جو غضب نازل ٿئي ٿو.

19. ڇاڪاڻ⁠تہ جو ڪجھہ خدا بابت انسانن کي معلوم ٿي سگھي ٿو، سو سندن لاءِ صاف ظاھر آھي، جو اھو خدا پاڻ انھن تي ظاھر ڪيو آھي.

20. خدا جون ڏسڻ ۾ نہ ايندڙ صفتون، يعني سندس دائمي قدرت ۽ ذات دنيا جي شروعات کان وٺي سندس خلقيل شين مان ظاھر ظھور پيون ڏسجن. تنھنڪري انھن کي ڪوبہ بھانو نہ آھي.

21. ڇالاءِ⁠جو انھن خدا کي سڃاڻي بہ سندس خدائيءَ جي لائق وڏائي بيان نہ ڪئي ۽ نڪي سندس شڪرگذاري ڪيائون، بلڪ پنھنجن اجاين خيالن ۾ منجھي پيا ۽ سندن بي⁠سمجھہ دلين تي اوندھہ ڇانئجي ويئي.

22. ھو پاڻ کي سياڻو تہ سڏائين پيا، پر حقيقت ۾ بي⁠عقل ھئا.

23. انھن غير فاني خدا جي جلوي جي بجاءِ فاني انسانن، پکين، چوپاين ۽ جيت⁠جڻن کي خدا سمجھيو.

24. سو خدا انھن کي سندن دلين جي خواھشن موجب گندين عادتن ۾ ڇڏي ڏنو، تہ جيئن اھي پاڻ ۾ ھڪٻئي سان بي⁠حيائيءَ جا ڪم ڪن.

25. انھن سچي خدا جي بدران ڪوڙ کي قبول ڪيو ۽ خدا جي خلقيل شين کي عزت ڏيئي انھن جي پوڄا ڪئي، پر انھيءَ خالق کي ڇڏي ڏنائون، جنھن جي واکاڻ ھميشہ ٿيندي رھندي. آمين.

26. تنھنڪري خدا انھن کي سندن گندين خواھشن ۾ ڇڏي ڏنو، ڇالاءِ⁠جو انھن جي زالن پنھنجو فطري ڪم ڇڏي پاڻ ۾ ھڪ ٻئي سان بدفعلي ڪئي.

27. اھڙيءَ طرح مردن بہ زالن سان فطري ڪم ڇڏي ڏنو. ھو شھوت ۾ مست ٿي ويا ۽ پاڻ ۾ ھڪ ٻئي سان بدفعلي ڪيائون. انھيءَ شھوت⁠پرستيءَ جي کين جوڳي سزا ملي.

28. جھڙيءَ طرح ھنن خدا کي سڃاڻڻ کان منھن موڙيو، تھڙيءَ طرح خدا بہ کين بڇڙن ڪمن ۾ ڇڏي ڏنو، تہ جيئن ھو گمراھيءَ جا ڪم ڪندا رھن.

29. ھو ھر طرح جي بڇڙائي، بدي، لالچ، بدنيتي، ريس، خون، جھيڙي، ٺڳي ۽ ساڙ سان ڀرجي ويا. ھو چغلخور،

30. گلاخور، خدا کان نفرت ڪندڙ، بي⁠ادب، مغرور، ٻٽاڪي، برايون پيدا ڪندڙ، ماءُ⁠پيءُ جا نافرمان،

31. بي⁠سمجھہ، واعدو نہ پاڙيندڙ، بي⁠قربا ۽ بي⁠رحم ٿي پيا.

32. جيتوڻيڪ انھن کي خدا جي انھيءَ حڪم جي ڄاڻ آھي تہ جيڪي ماڻھو ھي ڪم ڪن ٿا سي موت جي لائق آھن، تنھن ھوندي بہ اھي نہ رڳو پاڻ ھي ڪم ڪن ٿا، پر جيڪي ٻيا اھي ڪم ڪن ٿا تن کان بہ راضي آھن.