بابن

  1. 1
  2. 2
  3. 3
  4. 4
  5. 5
  6. 6
  7. 7
  8. 8
  9. 9
  10. 10
  11. 11
  12. 12
  13. 13
  14. 14
  15. 15
  16. 16

نئين عهد نامي

رومين 13 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

حڪومت جي تابعداري

1. ھر ڪنھن شخص کي ملڪ جي حڪومتن جو تابعدار رھڻ گھرجي، ڇالاءِ⁠جو اھڙي ڪابہ حڪومت ڪانھي جا خدا جي طرفان نہ ھجي. جيڪي ⁠بہ حڪومتون آھن سي خدا جي طرفان مقرر ٿيل آھن.

2. تنھنڪري جيڪو بہ حڪومت جي مخالفت ڪري ٿو سو خدا جي حڪم جي مخالفت ٿو ڪري ۽ جيڪي خدا جي حڪم جي مخالفت ڪندا سي پنھنجي سزا ڀوڳيندا.

3. چڱن ڪمن ڪندڙن کي حاڪمن کان ڊڄڻ نہ گھرجي، بلڪ انھن کي ڊڄڻ گھرجي جيڪي بڇڙا ڪم ٿا ڪن. سو جيڪڏھن تون حاڪم کان ڊڄڻ نہ ٿو گھرين، تہ پوءِ چڱا ڪم ڪر تہ ھو تنھنجي نيڪي ڪندو.

4. ڇالاءِ⁠جو ھو تنھنجي ڀلي لاءِ خدا جو خادم آھي. پر جيڪڏھن تون بڇڙا ڪم ڪرين ٿو تہ ھن کان ڊڄ، ڇالاءِ⁠جو ھو بنا سبب تلوار نہ ٿو کڻي. ھو خدا جو خادم آھي ۽ سندس غضب موجب بدڪار کي سزا ٿو ڏئي.

5. تنھنڪري نہ رڳو سزا ملڻ جي ڊپ کان، بلڪ پنھنجي ضمير جي خاطر اوھان کي حڪومتن جو تابعدار رھڻ گھرجي.

6. اھو ئي سبب آھي جو اوھين محصول ڏيندا آھيو، ڇالاءِ⁠جو حڪومتون جڏھن پنھنجا فرض پورا ٿيون ڪن تہ ڄڻڪ اھي خدا جي لاءِ ڪم ڪن ٿيون.

7. سڀني جو حق ادا ڪريو. جنھن کي ڍل ڏيڻي ھجي تنھن کي ڍل ڏيو، جنھن کي محصول ڏيڻو ھجي تنھن کي محصول ڏيو، جنھن کان ڊڄڻ گھرجي تنھن کان ڊڄو ۽ جنھن جي عزت ڪرڻ گھرجي تنھن جي عزت ڪريو.

ھڪ ٻئي جا فرض

8. سواءِ ھڪ ٻئي جي پيار جي ڪنھن جا بہ قرضدار نہ ٿيو، ڇالاءِ⁠جو جيڪو ٻين سان پيار ڪري ٿو، سو شريعت جا حڪم پورا ٿو ڪري.

9. شريعت جا حڪم آھن تہ ”زنا نہ ڪر، خون نہ ڪر، چوري نہ ڪر ۽ لالچ نہ ڪر.“ ٻيا جيڪي حڪم آھن سي ھن ھڪڙيءَ ڳالھہ ۾ اچي وڃن ٿا تہ ”تون پنھنجي پاڙيسريءَ سان پاڻ جھڙو پيار ڪر.“

10. جيڪو پنھنجي پاڙيسريءَ سان پيار ڪري ٿو سو ان سان بڇڙائي نہ ٿو ڪري. تنھنڪري پيار ڪرڻ ئي پوري شريعت تي عمل ڪرڻ آھي.

11. اوھين وقت کي سڃاڻي ائين ڪريو، ڇالاءِ⁠جو ھاڻي اھو وقت اچي پھتو آھي، جنھن ۾ اوھان کي ننڊ مان سجاڳ ٿيڻ گھرجي، ڇاڪاڻ⁠تہ جنھن وقت اسان ايمان آندو ھو تنھن وقت جي نسبت ھاڻي اسان جو ڇوٽڪارو وڌيڪ ويجھو آھي.

12. رات گھڻي گذري چڪي آھي ۽ ڏينھن ٿيڻ وارو آھي. تنھنڪري اچو تہ اونداھيءَ جا ڪم ڇڏي سوجھري جا ھٿيار ٻڌون.

13. اھڙيءَ طرح فضيلت سان ھلون جيئن ڏينھن جو ھلبو آھي. نہ ناچ رنگ ۽ نہ نشي ۾، نہ زناڪاري ۽ نہ شھوت⁠پرستيءَ ۾، نہ جھيڙي ۽ نہ حسد ۾ ھلون.

14. پر خداوند عيسيٰ مسيح کي پوشاڪ وانگر ڍڪيو ۽ جسماني خواھشن جي پورائيءَ لاءِ خيال نہ پچايو.