بابن

  1. 1
  2. 2
  3. 3
  4. 4
  5. 5
  6. 6
  7. 7
  8. 8
  9. 9
  10. 10
  11. 11
  12. 12
  13. 13
  14. 14
  15. 15
  16. 16

نئين عهد نامي

رومين 11 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

بني اسرائيل تي خدا جي رحمت

1. تڏھن آءٌ پڇان ٿو تہ ڇا خدا پنھنجيءَ قوم کي رد ڪيو؟ نہ، بلڪل نہ. آءٌ پاڻ بہ تہ بني اسرائيل مان آھيان ۽ ابراھيم جي اولاد بنيامين جي قبيلي مان آھيان.

2. خدا پنھنجي انھيءَ قوم کي رد ڪونہ ڪيو، جنھن کي اڳي ئي چونڊيو ھئائين. اوھين پاڻ پاڪ ڪتاب جي انھيءَ لکت بابت ڄاڻو ٿا، جنھن ۾ الياس بني اسرائيل جي خلاف خدا وٽ فرياد ٿو ڪري.

3. الياس چوي ٿو تہ ”اي خداوند! ھنن تنھنجي نبين کي ماريو آھي ۽ تنھنجين قربان⁠گاھن کي برباد ڪري ڇڏيو اٿئون، باقي آءٌ اڪيلو ئي وڃي بچيو آھيان ۽ منھنجي پٺيان بہ ھٿ ڌوئي ڪڍ لڳا آھن.“

4. پر خدا کيس ڪھڙو جواب ڏنو؟ ھن جواب ڏنو تہ ”مون پنھنجي لاءِ ست ھزار ماڻھو بچائي ڇڏيا آھن، جن بعل بت جي اڳيان سجدو نہ ڪيو آھي.“

5. ھاڻي بہ اھڙيءَ طرح ڪي ٿورا ماڻھو وڃي بچيا آھن جن کي خدا پنھنجي فضل سان چونڊيو آھي.

6. خدا جي چونڊ سندس فضل موجب ڪيل آھي، نہ ڪنھن ماڻھوءَ جي عملن موجب. ڇالاءِ⁠جو جيڪڏھن خدا جي چونڊ ڪنھن ماڻھوءَ جي عملن موجب ھجي ھا تہ پوءِ خدا جو فضل سچو فضل نہ ليکجي ھا.

7. انھيءَ مان ڪھڙو نتيجو نڪتو؟ اھو تہ بني اسرائيل جنھن شيءِ جي ڳولا ۾ ھئا، سا کين نہ ملي. پر اھا خدا جي چونڊيلن کي ملي ويئي ۽ باقي ٻيا سخت⁠دل ڪيا ويا.

8. جيئن لکيل آھي تہ”خدا انھن جي دل ۽ عقل تي تالو لڳائي ڇڏيو،۽ اڄ ڏينھن تائين اھي اکين سان ڏسي۽ ڪنن سان ٻڌي نہ ٿا سگھن.“

9. دائود بہ چوي ٿو تہ”شل اھي پنھنجي عيد وارن ڏينھن تيڦاسجن ۽ پڪڙجن،يعني اھي ٿاٻو کائي ڪري پون۽ کين سزا ملي.

10. شل انھن جون اکيون انڌيون ٿين،تہ جيئن ھو ڏسي نہ سگھن،۽ سندن پٺيون تڪليفن سان ھميشہ لاءِ جھڪي پون.“

11. پوءِ آءٌ پڇان ٿو تہ جڏھن يھودين ٿاٻو کاڌو تہ ڇا اھي برباد ٿي ويا؟ نہ، بلڪل نہ. پر انھن جي ڏوھہ ڪرڻ ڪري غير قومن کي ڇوٽڪارو ملي ويو، تہ جيئن يھودي انھن تي ساڙ کائين.

12. يھودين جو ڏوھہ دنيا جي لاءِ فائدي وارو ٿئي ٿو ۽ سندن نقصان غيرقومن لاءِ فائديمند ٿئي ٿو. پر جڏھن سڀ يھودي فرمانبردار ٿيندا تہ خدا جي ڪيڏي نہ وڏي رحمت ٿيندي.

غير قومن لاءِ ڇوٽڪارو

13. اي غير قومن وارؤ! ھاڻي آءٌ اوھان سان ڳالھائي رھيو آھيان، ڇالاءِ⁠جو آءٌ غير قومن ڏانھن رسول ڪري موڪليو ويو آھيان ۽ آءٌ پنھنجي ھن ڪم ۾ فخر محسوس ٿو ڪريان،

14. انھيءَ لاءِ تہ شايد آءٌ پنھنجي قوم وارن کي غيرت ڏياريان ۽ اھڙيءَ طرح انھن مان ڪن کي ڇوٽڪارو ملي.

15. پر جيڪڏھن انھن کي ڪڍي ڇڏڻ ڪري دنيا جو خدا سان ميلاپ ٿئي ٿو تہ پوءِ انھن کي خدا جي وري قبول ڪرڻ سان ڇا ٿيندو؟ اھو مئلن لاءِ زندگيءَ جي برابر ٿيندو.

16. جيڪڏھن خدا کي ڏنل نذراني جو پھريون چاڻو پاڪ آھي تہ سڄو ڳوھيل اٽو بہ پاڪ آھي ۽ جيڪڏھن ڪنھن وڻ جي پاڙ پاڪ آھي تہ سندس ٽاريون بہ پاڪ آھن.

17. پوکيل زيتون جون ڪي ٽاريون ڀڄي پيون ۽ اوھين غير قوم ھڪ جھنگلي زيتون جي ٽارين وانگر ساڻس پيوند ڪيا ويا، ھاڻي اوھين ان ساڳئي پوکيل زيتون جي پاڙ مان سڻڀي رس حاصل ڪريو ٿا.

18. تہ پوءِ اوھين پاڻ کي انھن ٽارين کان وڌيڪ نہ سمجھو جيڪي ڀڄي پيون آھن. اوھين پاڻ کي ڪيئن وڌيڪ سمجھندا؟ اوھين تہ رڳو ٽاريون آھيو. اوھين پاڙ جي پرورش نہ ٿا ڪريو پر پاڙ اوھان جي پرورش ڪري ٿي.

19. شايد اوھين چوندا تہ ”ٽاريون انھيءَ لاءِ ڀڳيون تہ جيئن اسين پيوند ٿيون.“

20. ھائو، اھو صحيح آھي. پر اھي انھيءَ ڪري ڀڳيون ويون، ڇاڪاڻ⁠تہ انھن ايمان نہ آندو ۽ اوھين انھيءَ جاءِ تي بيٺا آھيو، ڇالاءِ⁠جو اوھان ايمان آندو آھي. سو اوھان کي انھيءَ تي فخر نہ، بلڪ خوف ڪرڻ گھرجي.

21. ڇالاءِ⁠جو خدا يھودين کي بہ نہ ڇڏيو، جيڪي اصلي ٽارين وانگر ھئا، تہ پوءِ ھو اوھان کي ڪيئن ڇڏيندو؟

22. ڏسو، خدا ڪيڏو نہ مھربان ۽ سخت آھي. ھو انھن تي سخت آھي جيڪي گمراھہ ٿيا. پر اوھان تي ايستائين مھربان آھي جيستائين اوھين سندس مھربانيءَ تي قائم رھندا. پر جيڪڏھن اوھين قائم نہ رھندا تہ اوھين بہ ڀڳل ٽارين وانگر ٿيندا.

23. يھودي بہ جيڪڏھن وري ايمان آڻيندا تہ انھن کي بہ پيوند ڪيو ويندو، ڇالاءِ⁠جو خدا انھن کي وري پيوند ڪرڻ جي طاقت رکي ٿو.

24. اوھين غير قومون انھيءَ جھنگلي وڻ جي ڀڳل ٽارين وانگر آھيو، جيڪي پوکيل زيتون سان غير طبعي طور پيوند ڪيون ويون آھن. يھودي پوکيل زيتون جي وڻ وانگر آھن، تہ پوءِ ھو ڪيترو نہ آسانيءَ سان پنھنجي اصلي زيتون جي وڻ سان پيوند ٿي سگھندا جنھن جون ھو ٽاريون آھن.

سڀني تي خدا جي رحمت

25. اي منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! ھڪ ڳجھو راز آھي. آءٌ سمجھان ٿو تہ اھو اوھان کي ڄاڻڻ گھرجي، شايد اھو اوھان کي فخر ڪرڻ کان بچائي. اھو راز ھيئن آھي تہ بني اسرائيل ۾ ڪجھہ سنگدلي پيدا ٿي آھي. پر اھا رڳو ايستائين رھندي جيستائين سڀ غير قومون خدا ڏانھن ڦري پون.

26. اھڙيءَ طرح سڀ بني اسرائيل ڇوٽڪارو حاصل ڪندا، جيئن لکيل آھي تہ”صيئون مان ڇوٽڪارو ڏيندڙ ايندو.ھو يعقوب جي اولاد مانسندن بڇڙاين کي پري ڪندو.

27. جڏھن آءٌ ھنن جا گناھہ ميٽي ڇڏيندس،تڏھن ساڻن منھنجو اھو ھڪڙو عھد ٿيندو.“

28. خوشخبريءَ جي تبليغ تي يھودي خدا جا دشمن ٿيا ۽ اھو اوھان لاءِ فائدي وارو ٿيو. پر خدا جا چونڊيل ھئڻ سبب ۽ پنھنجن بزرگن جي ڪري اھي خدا جا پيارا آھن.

29. ڇالاءِ⁠جو خدا جون بخششون ۽ سندس ڪيل چونڊ تبديل ٿيندڙ نہ آھي.

30. اھو انھيءَ ڪري جو جھڙيءَ طرح اوھين گذريل وقت ۾ خدا جي نافرماني ڪندا ھئا، پر ھاڻي يھودين جي نافرمانيءَ سبب اوھان تي خدا جي رحمت ٿي.

31. سو تھڙيءَ طرح ھاڻي ھو بہ نافرمان ٿيا آھن، تہ جيئن اوھان تي رحم ٿيو تيئن ھو بہ رحم حاصل ڪن.

32. ڇالاءِ⁠جو خدا سڀني انسانن کي نافرمانيءَ واري ڦندي ۾ ڦاسڻ ڏنو، تہ جيئن ھو سڀني تي رحم ڪري.

خدا جي واکاڻ

33. خدا جي نعمت ڪيڏي نہ وڏي آھي! سندس ڏاھپ ۽ علم ڪيڏو نہ اونھو آھي! سندس فيصلا ڪيڏا نہ سمجھہ کان ٻاھر آھن ۽ سندس رستن جو پتو ئي پئجي نہ ٿو سگھي!

34. جيئن لکيل آھي تہ”خداوند جي ارادي جي ڪنھن کي خبر آھي؟ڪير سندس صلاحڪار ٿي سگھي ٿو؟

35. ڇا ڪنھن کيس اڳ ۾ ڪا شيءِ ڏني آھي،جو بدلي ۾ ھو کيس ڪجھہ ڏئي؟“

36. ڇالاءِ⁠جو سڀيئي شيون خدا جون ئي پيدا ڪيل آھن، انھيءَ جي ڪري ئي وجود ۾ آھن ۽ انھيءَ جي لاءِ ئي آھن. شل خدا جي ھميشہ واکاڻ ھجي. آمين.