بابن

  1. 1
  2. 2
  3. 3
  4. 4
  5. 5
  6. 6
  7. 7
  8. 8
  9. 9
  10. 10
  11. 11
  12. 12
  13. 13
  14. 14
  15. 15
  16. 16
  17. 17
  18. 18
  19. 19
  20. 20
  21. 21
  22. 22
  23. 23
  24. 24
  25. 25
  26. 26
  27. 27
  28. 28

نئين عهد نامي

متي 15 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

وڏن جون ريتون ۽ رسمون

1. تنھن کان پوءِ يروشلم مان ڪي فريسي ۽ شريعت جا عالم عيسيٰ وٽ آيا ۽ چيائونس تہ

2. ”تنھنجا شاگرد وڏن جي ريتن رسمن کي ڇو ٿا ڀڃن؟ ڇالاءِ⁠جو ھو ماني کائڻ وقت سندن رسم موجب ھٿ ڪونہ ٿا ڌوئن.“

3. عيسيٰ جواب ڏنن تہ ”اوھين بہ پنھنجي ريتن رسمن جي ڪري خدا جو حڪم ڇو ٿا ڀڃو؟

4. ڇالاءِ⁠جو خدا فرمايو آھي تہ ’پنھنجي پيءُ ۽ ماءُ جي عزت ڪريو‘ ۽ ’جيڪوبہ پنھنجي پيءُ يا ماءُ جي گلا ڪري تہ ان کي اڦٽ ماريو وڃي.‘

5. پر اوھين ماڻھن کي سيکاريو ٿا تہ جيڪڏھن ڪنھن وٽ ڪا اھڙي شيءِ آھي جنھن سان ھو پنھنجي پيءُ يا ماءُ جي گھرج پوري ڪري سگھيو ٿي، پر ھو چوي ٿو تہ ’اھا خدا جي نذر ٿي چڪي آھي،‘

6. تہ پوءِ ڀلي پنھنجي پيءُ جي عزت نہ ڪري. اھڙيءَ طرح اوھين پنھنجي ريتن رسمن جي ڪري خدا جي ڪلام کي رد ڪريو ٿا.

7. اي رياڪارو! بيشڪ خدا يسعياہ نبيءَ جي معرفت اوھان بابت ڪيتري قدر نہ صحيح چيو آھي تہ

8. ’ھيءَ قوم پنھنجن چپن سان تہ مون کي عزت ڏئي ٿي،پر ھنن جي دل مون کي نہ ٿي گھري.

9. ھو منھنجي عبادت اجائي ٿا ڪن،ڇالاءِ⁠جو ھو ماڻھن جا حڪم ائين ٿا سيکارينڄڻ تہ اُھي منھنجا حڪم آھن.‘“

انسان کي پليت ڪرڻ واريون شيون

10. پوءِ عيسيٰ سڄي خلق کي پاڻ وٽ سڏي چيو تہ ”ٻڌو ۽ سمجھو

11. تہ جيڪابہ شيءِ وات مان اندر ٿي وڃي سا ماڻھوءَ کي پليت نہ ٿي ڪري. پر جيڪا شيءِ وات مان نڪري ٿي سا ئي ماڻھوءَ کي پليت ڪري ٿي.“

12. تڏھن شاگردن اچي چيس تہ ”اوھان کي خبر نہ آھي ڇا تہ اوھان جي ھن ڳالھہ جي ڪري فريسين کي سخت مٺيان لڳي آھي؟“

13. تنھن تي عيسيٰ وراڻيو تہ ”جيڪو سلو منھنجي آسمان واري پيءُ نہ پوکيو آھي سو ضرور پٽيو ويندو.

14. انھن بابت ڳڻتي نہ ڪريو ڇاڪاڻ⁠تہ ھو انڌا اڳواڻ آھن. جيڪڏھن انڌو انڌي جي اڳواڻي ڪندو تہ ٻئي وڃي کڏ ۾ ڪرندا.“

15. تنھن تي پطرس پڇيو تہ ”اسان کي ٻڌايو تہ انھيءَ مثال جي معنيٰ ڇا آھي.“

16. عيسيٰ چيو تہ ”اوھين بہ اڃا تائين بي⁠سمجھہ آھيو ڇا؟

17. ايتري بہ خبر نہ ٿي پئيوَ تہ جيڪي وات اندر وڃي ٿو سو پيٽ ۾ وڃي ٿو ۽ اتان نيٺ ٻاھر نڪري وڃي ٿو.

18. پر جيڪي شيون وات مان نڪرن ٿيون سي دل مان ٿيون اچن ۽ اھي ئي شيون انسان کي پليت ڪن ٿيون،

19. ڇالاءِ⁠جو انسان جي دل مان بڇڙا خيال نڪرن ٿا، جيڪي خون، زناڪاري، حرامڪاري، چوري، ڪوڙي شاھدي ۽ گلا ڪرائين ٿا.

20. اھي ئي تہ شيون آھن جيڪي انسان کي پليت ڪن ٿيون. پر اڻ⁠ڌوتل ھٿن سان کائڻ ماڻھوءَ کي پليت نہ ٿو ڪري.“

ھڪ عورت جو ايمان

21. پوءِ عيسيٰ اتان روانو ٿي صور ۽ صيدا شھرن جي علائقي ڏانھن ويو.

22. اتان جي ھڪ ڪنعاني عورت ھن وٽ آئي ۽ رڙ ڪري چيائينس تہ ”اي سائين! اي ابن دائود! مون تي رحم ڪريو. منھنجي ڌيءَ کي ڀوت آھي، جيڪو کيس ڏاڍو ھلاک ٿو ڪري.“

23. پر عيسيٰ ان عورت کي ڪو جواب نہ ڏنو. سندس شاگردن وٽس اچي منٿ ڪري چيس تہ ”ھن کي روانو ڪريو جو ھوءَ اسان جي پٺيان رڙيون ڪندي اچي ٿي.“

24. تنھن تي عيسيٰ چين تہ ”آءٌ رڳو بني اسرائيل جي گھراڻي جي گمراھہ ٿيل رڍن لاءِ موڪليو ويو آھيان.“

25. پر ھوءَ اچي عيسيٰ جي پيرن تي ڪري پيئي ۽ چيائينس تہ ”اي سائين! منھنجي مدد ڪريو.“

26. عيسيٰ چيس تہ ”اھو واجب نہ آھي جو ٻارن جي ماني کڻي ڪتن کي اڇلائي ڏجي.“

27. پر عورت جواب ڏنو تہ ”اھو تہ برابر آھي پر ڪتا بہ تہ مالڪن جي دسترخوان جا ڪريل ٽڪر کائيندا آھن.“

28. تنھن تي عيسيٰ چيس تہ ”اي عورت! تون تہ وڏي ايمان واري آھين. جيڪو تون گھرين ٿي اھو تو لاءِ ڪيو ويندو.“ انھيءَ وقت ئي ان عورت جي ڌيءَ چڱي ڀلي ٿي پيئي.

گھڻن ماڻھن کي شفا ڏيڻ

29. عيسيٰ اتان روانو ٿي گليل ڍنڍ جي ڪناري سان ھلڻ لڳو. پوءِ ھو ھڪڙي ٽڪر تي چڙھي ويو ۽ اُتي ويھي رھيو.

30. ماڻھن جا وڏا ميڙ وٽس آيا جن پاڻ سان منڊا، انڌا، ٽُنڊا، گونگا ۽ ٻيا ڪيترا ئي بيمار آندا. انھن کي عيسيٰ جي پيرن وٽ ويھاريائون ۽ ھن کين شفا ڏيئي چڱو ڀلو ڪري ڇڏيو.

31. جڏھن انھن ڏٺو تہ گونگا ڳالھائين ٿا، ٽُنڊا سڄا ٿي پيا آھن، منڊا گھمن ٿا ۽ انڌا ڏسن ٿا تڏھن ھو ڏاڍا حيران ٿي ويا ۽ بني اسرائيل جي خدا جي واکاڻ ڪرڻ لڳا.

چار ھزار ماڻھن کي کارائڻ

32. عيسيٰ پنھنجن شاگردن کي پاڻ وٽ سڏي چيو تہ ”مون کي ھنن ماڻھن لاءِ ڏاڍو ڏک ٿو ٿئي، ڇاڪاڻ⁠تہ ھي ٽن ڏينھن کان وٺي مون سان گڏ آھن ۽ ھاڻي وٽن ڪجھہ بہ ڪونھي جو کائين. آءٌ نہ ٿو چاھيان تہ اھي بکيا ھليا وڃن، ڇو⁠تہ متان ھي رستي تي ساڻا ٿي پون.“

33. تنھن تي شاگردن چيس تہ ”ھتي سڃ ۾ اسين ھيڏي ساري خلق کي کارائڻ لاءِ ايتري ماني ڪٿان آڻينداسين؟“

34. عيسيٰ پڇين تہ ”اوھان وٽ ڪيتريون مانيون آھن؟“ انھن جواب ڏنو تہ ”ست مانيون ۽ ٿوريون ڪُرڙيون.“

35. تنھن تي عيسيٰ ماڻھن کي حڪم ڏنو تہ ”زمين تي ويھو.“

36. پوءِ ھن ست ئي مانيون ۽ مڇيون ھٿن تي کڻي انھن ۾ برڪت گھري ۽ ڀڃي ٽڪر ٽڪر ڪندو شاگردن کي ڏيندو ويو ۽ شاگرد خلق کي ڏيندا ويا.

37. انھن سڀني کائي ڍءُ ڪيو، تڏھن بہ ٽڪر ڳڀا ايترا تہ بچيا جو شاگردن ست کاريون ڀري کنيون.

38. جن ماڻھن کاڌو تن جو تعداد عورتن ۽ ٻارن کان سواءِ چار ھزار ھو.

39. پوءِ عيسيٰ ماڻھن کي روانو ڪري ڇڏيو ۽ پاڻ ٻيڙيءَ ۾ چڙھي مگدن جي علائقي ڏانھن ھليو ويو.