بابن

  1. 1
  2. 2
  3. 3
  4. 4
  5. 5
  6. 6
  7. 7
  8. 8
  9. 9
  10. 10
  11. 11
  12. 12
  13. 13
  14. 14
  15. 15
  16. 16
  17. 17
  18. 18
  19. 19
  20. 20
  21. 21
  22. 22
  23. 23
  24. 24
  25. 25
  26. 26
  27. 27
  28. 28

نئين عهد نامي

متي 22 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

شاديءَ جي دعوت جو مثال

1. عيسيٰ وري ماڻھن سان مثالن ۾ ڳالھائڻ لڳو.

2. ھن چيو تہ ”آسمان واري بادشاھت ھڪڙي اھڙي بادشاھہ مثل آھي، جنھن پنھنجي پٽ جي شاديءَ جي دعوت ڪئي.

3. ھن دعوتين ڏانھن پنھنجا نوڪر موڪليا تہ ھو دعوت تي اچن، پر اھي اچڻ نہ پيا گھرن.

4. تنھن تي ھن ٻيا نوڪر موڪليا تہ جن کي دعوت مليل آھي، تن کي چون تہ ’ھاڻي ماني تيار آھي، منھنجا ڍڳا ۽ متارا وھڙا ذبح ٿي چڪا آھن ۽ ھر شيءِ تيار آھي، سو دعوت کائڻ لاءِ ھليا اچو.‘

5. پر دعوتين ڪوبہ ڌيان نہ ڏنو ۽ پنھنجن ڪمن سان ھليا ويا، ڪو پنھنجي ٻنيءَ تي ھليو ويو، ڪو پنھنجي واپار تي ھليو ويو،

6. ڪن وري سندس نوڪرن کي پڪڙي، انھن کي مار ڏني ۽ قتل ڪري ڇڏيائون.

7. تنھن تي بادشاھہ اچي ڏاڍو ڪاوڙيو ۽ پنھنجا سپاھي موڪليائين تہ انھن قاتلن کي مارين ۽ سندن شھر ساڙي ڇڏين.

8. پوءِ ھن پنھنجن نوڪرن کي سڏي چيو تہ ’شاديءَ جي ماني تيار آھي پر جن کي دعوت ڏني ويئي ھئي سي ان جا لائق نہ ھئا.

9. تنھن ڪري ھاڻي اوھين وڏن رستن جي چونڪن تي وڃو ۽ جيترا بہ ماڻھو ڏسو تن سڀني کي شاديءَ جي دعوت ڏيو.‘

10. تنھن تي اھي نوڪر رستن تي ويا ۽ جيڪي ⁠بہ چڱا مَٺا ماڻھو منھن پين تن سڀني کي آڻي گڏ ڪيائون. شاديءَ جي دعوت واري جاءِ ماڻھن سان ڀرجي ويئي.

11. جڏھن بادشاھہ شاديءَ جي مھمانن کي ڏسڻ لاءِ اندر آيو تہ اُتي ھُن ھڪڙو اھڙو ماڻھو ڏٺو جنھن کي شاديءَ جا ڪپڙا پيل ڪين ھئا.

12. تنھن تي انھيءَ کان پڇيائين تہ ’ميان، تون شاديءَ جي ڪپڙن کان سواءِ ھتي ڪيئن آيو آھين؟‘ پر ھن ڪڇيو ئي ڪين.

13. تڏھن بادشاھہ نوڪرن کي حڪم ڏنو تہ ’ھن جا ھٿ پير ٻڌي ٻاھر اونداھيءَ ۾ اڇلائي ڇڏيوس، جتي ھو رڙيون ڪري ۽ ڏند ڪرٽي.‘“

14. مسيح آخر ۾ چيو تہ ”ڇالاءِ⁠جو دعوتي تہ گھڻا ھوندا آھن پر چونڊيل ٿورا ھوندا آھن.“

محصول ڏيڻ بابت سوال

15. فريسين وڃي پاڻ ۾ صلاح ڪئي تہ ”ڪھڙيءَ طرح عيسيٰ کي ڳالھائڻ ۾ ڦاسايون.“

16. پوءِ انھن پنھنجا شاگرد ۽ ھيروديس جي پارٽيءَ جا ڪي ماڻھو عيسيٰ ڏانھن موڪليا، جن اچي چيو تہ ”استاد! اسان کي خبر آھي تہ اوھين سچا آھيو ۽ سچائيءَ سان خدا جو رستو ٿا ڏيکاريو. اوھين ڪنھن جي بہ پرواھہ ڪانہ ٿا ڪريو ۽ ڪنھن بہ ماڻھوءَ جي ظاھري ڏيک⁠ويک تي ڌيان نہ ٿا ڏيو.

17. پوءِ اسان کي ٻڌايو تہ اوھين ڇا ٿا سمجھو؟ قيصر کي محصول ڏيڻ اسان لاءِ جائز آھي يا نہ؟“

18. عيسيٰ انھن جي بڇڙي نيت کي ڄاڻي ورتو، تنھنڪري چيائين تہ ”اي رياڪارو! اوھين مون کي ڦاسائڻ جي ڪوشش ڇو ٿا ڪريو؟

19. مون کي ھڪڙو سڪو ڏيکاريو جنھن سان محصول ڏيندا آھيو.“ اھي وٽس ھڪڙو چانديءَ جو سڪو کڻي آيا.

20. تنھن تي عيسيٰ پڇين تہ ”ھيءَ ڪنھن جي مُھر ۽ اکر آھن؟“

21. انھن جواب ڏنو تہ ”قيصر جا.“ تڏھن عيسيٰ کين چيو تہ ”چڱو، جيڪو قيصر جو آھي سو قيصر کي ڏيو ۽ جيڪو خدا جو آھي سو خدا کي ڏيو.“

22. جڏھن انھن ھي ٻڌو تہ عجب ۾ پئجي ويا ۽ ھن کي ڇڏي اتان ھليا ويا.

مرڻ کان پوءِ جيئري ٿيڻ بابت سوال

23. انھيءَ ساڳئي ڏينھن تي ڪي صدوقي جن جو عقيدو آھي تہ موت کان پوءِ ماڻھو وري جيئرا نہ ٿيندا، سي عيسيٰ وٽ آيا

24. ۽ چيائونس تہ ”استاد! موسيٰ چيو آھي تہ جيڪڏھن ڪو ماڻھو ري⁠اولاد مري وڃي تہ ھن جو ڀاءُ اھا رن⁠زال پرڻجي تہ جيئن سندس ڀاءُ لاءِ اولاد ٿئي.

25. اسان ۾ ھڪڙا ست ڀائر ھئا. پھرين ڀاءُ شادي ڪئي پر ري⁠اولاد مري ويو، تنھنڪري ھن جي زال ٻيو ڀاءُ پرڻيو.

26. اھڙيءَ طرح اھا عورت ٻئي سان، ٽئين سان ۽ آخرڪار ستن ئي ڀائرن سان پرڻي.

27. انھن سڀني کان پوءِ اھا عورت بہ مري ويئي.

28. ھاڻي ٻڌايو تہ قيامت جي ڏينھن اھا عورت انھن ستن مان ڪنھن جي زال ٿيندي؟ ڇوتہ سڀ ئي ھن سان پرڻيا ھئا.“

29. عيسيٰ انھن کي جواب ڏنو تہ ”اوھين ڪيترا نہ ڀليل آھيو جو نہ اوھين پاڪ لکتون ٿا ڄاڻو ۽ نڪي خدا جي قدرت.

30. ڇالاءِ⁠جو جڏھن مري ويل جيئرا ٿيندا تہ نہ اھي پرڻبا ۽ نڪي پرڻائبا، پر جيئن بھشت ۾ ملائڪ آھن تيئن اھي ھوندا.

31. مري ويلن جي جيئري ٿيڻ بابت جيڪو خدا اوھان کي فرمايو آھي، سو اوھان ڪين پڙھيو آھي ڇا؟

32. ھو چوي ٿو تہ ’آءٌ ابراھيم جو خدا، اسحاق جو خدا ۽ يعقوب جو خدا آھيان.‘ ان جو مطلب آھي تہ ھو مئلن جو خدا نہ پر جيئرن جو خدا آھي.“

33. جڏھن ماڻھن ھي ٻڌو تہ اھي ھن جي تعليم تي عجب ۾ پئجي ويا.

سڀني کان وڏو حڪم

34. جڏھن فريسين ھي ٻڌو تہ عيسيٰ صدوقين کي لاجواب ڪري ڇڏيو آھي تڏھن اھي اچي پاڻ ۾ گڏ ٿيا.

35. انھن مان ھڪڙي شريعت جي عالم عيسيٰ کي ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪندي

36. کانئس پڇيو تہ ”استاد! شريعت ۾ وڏو حڪم ڪھڙو آھي؟“

37. تنھن تي عيسيٰ وراڻيو تہ ”’تون خداوند پنھنجي خدا کي پنھنجي ساريءَ دل، پنھنجي سڄي جان ۽ پنھنجي سڄيءَ سمجھہ سان پيار ڪر.‘

38. اھو ئي سڀني کان وڏو ۽ پھريون حڪم آھي.

39. ٻيو حڪم بہ انھيءَ جھڙو آھي تہ ’تون پنھنجي پاڙيسريءَ سان پاڻ جھڙو پيار ڪر.‘

40. سڄو توريت ۽ نبين جا صحيفا بہ ھنن ٻن حڪمن تي مدار رکن ٿا.“

مسيح بابت سوال

41. جڏھن فريسي اچي گڏ ٿيا تہ عيسيٰ انھن کان پڇيو تہ

42. ”اوھين مسيح بابت ڇا ٿا ڄاڻو؟ ھو ڪنھن جي اولاد مان آھي؟“ انھن وراڻيو تہ ”ھو دائود جو اولاد آھي.“

43. تنھن تي عيسيٰ چين تہ ”پوءِ ڪيئن دائود پاڪ روح جي ھدايت سان ھن کي ’خداوند‘ ٿو سڏي؟ ڇاڪاڻ⁠تہ دائود پاڻ چيو آھي تہ

44. ’خداوند منھنجي خداوند کي چيو تہ”تون منھنجي ساڄي پاسي ويھہ،جيستائين آءٌ تنھنجي دشمنن کيتنھنجي پيرن ھيٺان نہ ڪريان.“‘

45. جيڪڏھن دائود مسيح کي ’خداوند‘ ڪري سڏي ٿو، تہ پوءِ اھو سندس اولاد ڪيئن ٿو ٿي سگھي؟“

46. ھن جي جواب ۾ ڪو ئي ھڪڙو لفظ بہ چئي نہ سگھيو، نڪي وري انھيءَ ڏينھن کان وٺي ڪنھن کي بہ کانئس وڌيڪ سوال پڇڻ جي ھمت ٿي.