بابن

  1. 1
  2. 2
  3. 3
  4. 4
  5. 5
  6. 6
  7. 7
  8. 8
  9. 9
  10. 10
  11. 11
  12. 12
  13. 13
  14. 14
  15. 15
  16. 16
  17. 17
  18. 18
  19. 19
  20. 20
  21. 21
  22. 22
  23. 23
  24. 24
  25. 25
  26. 26
  27. 27
  28. 28

نئين عهد نامي

متي 23 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

فريسين ۽ شريعت جي عالمن خلاف چتاءُ

1. پوءِ عيسيٰ ميڙ ۽ پنھنجن شاگردن کي چيو تہ

2. ”شريعت جي عالمن ۽ فريسين کي موسيٰ جي شريعت جو اختيار مليل آھي.

3. تنھنڪري اوھان کي انھن جو ھر ھڪ چيو مڃڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ گھرجي. پر انھن جي ڪمن تي عمل نہ ڪجو، ڇالاءِ⁠جو جيئن اھي چون ٿا تيئن ڪونہ ٿا ڪن.

4. ھو ڳرا بار ٻڌي ماڻھن جي ڪلھن تي تہ رکن ٿا پر پاڻ انھن بارن کي ھٿ بہ نہ ٿا لائين.

5. ھو پنھنجا سڀ ڪم ماڻھن کي ڏيکارڻ لاءِ ٿا ڪن. انھيءَ ڪري ھو پنھنجون تسبيحون وڏيون ٿا ڪن ۽ وڏا جبا پائين ٿا.

6. ھو مجلسن ۾ مٿاھيون جايون ٿا والارين ۽ عبادت⁠خانن ۾ خاص جاين تي ويھڻ پسند ڪن ٿا.

7. ھو چاھين ٿا تہ ماڻھو کين بازارن ۾ سلامي ٿين ۽ کين ’سائين‘ يا ’استاد‘ ڪري سڏين.

8. اوھان کي ’سائين‘ يا ’استاد‘ سڏائڻ نہ کپي، ڇاڪاڻ⁠تہ اوھين سڀيئي ھڪٻئي جا ڀائر آھيو ۽ اوھان جو رڳو ھڪ استاد آھي.

9. اوھان کي ھن دنيا ۾ ڪنھن کي بہ پنھنجو پيءُ سڏڻ نہ کپي، ڇاڪاڻ⁠تہ اوھان جو ھڪڙو ئي پيءُ آھي جو آسمان ۾ آھي.

10. نہ وري اوھان کي اڳواڻ سڏائڻ کپي، ڇاڪاڻ⁠تہ اوھان جو ھڪڙو ئي اڳواڻ آھي يعني مسيح.

11. اوھان ۾ جيڪو سڀني کان وڏو آھي تنھن کي اوھان جو خدمتگار ٿيڻ کپي.

12. جيڪو بہ پاڻ کي وڌ ٿو سمجھي سو گھٽ ڪيو ويندو ۽ جيڪو پاڻ کي گھٽ ٿو ڪري سو وڌايو ويندو.“

عيسيٰ جو رياڪاريءَ کي نندڻ

15. مصيبت آھي اوھان لاءِ اي شريعت جا عالمو ۽ فريسيو! اي رياڪارو! اوھين ڪنھن ھڪڙي ماڻھوءَ کي پنھنجي دين تي آڻڻ لاءِ خشڪي ۽ سمنڊ تہ لتاڙي ٿا وڃو، پر جڏھن ھو اوھان جي دين تي ٿو اچي تہ پوءِ ھن کي پاڻ کان بہ ٻيڻو جھنمي ٿا بڻايو.

16. مصيبت آھي اوھان لاءِ اي انڌا اڳواڻو! اوھين چئو ٿا تہ ’جيڪڏھن ڪو ھيڪل جو قسم ٿو کڻي تہ اھو ان جو پابند نہ آھي، پر جيڪڏھن ڪو ھيڪل ۾ پيل سون جو قسم ٿو کڻي تہ اھو ان جو پابند آھي.‘

17. اي انڌا بيوقوفو! ڪھڙو وڌيڪ درجو ٿو رکي، سون يا ھيڪل جنھن سون کي پاڪ ڪيو؟

18. اوھين ائين بہ چئو ٿا تہ ’جيڪڏھن ڪو قربان⁠گاھہ جو قسم ٿو کڻي تہ اھو ان جو پابند نہ آھي، پر جيڪڏھن ڪو قربان⁠گاھہ تي ڏنل نذر جو قسم ٿو کڻي تہ اھو ان جو پابند آھي.‘

19. اوھين ڪيترا نہ انڌا آھيو. ڪھڙو وڌيڪ درجو ٿو رکي، نذر يا قربان⁠گاھہ، جيڪو نذر کي پاڪ ٿو ڪري؟

20. تنھنڪري جيڪڏھن ڪوبہ ماڻھو قربان⁠گاھہ جو قسم کڻي ٿو تہ ھو نہ رڳو ان جو قسم ٿو کڻي پر انھن سڀني شين جو بہ قسم کڻي ٿو جيڪي اُن تي پيل آھن.

21. جيڪڏھن ڪوبہ ھيڪل جو قسم ٿو کڻي تہ ھو نہ رڳو ان جو پر خدا جو بہ قسم ٿو کڻي جيڪو اُن ۾ رھي ٿو.

22. جيڪڏھن ڪوبہ آسمان جو قسم ٿو کڻي تہ ھو خدا جي تخت جو قسم تہ کڻي ٿو پر اُن جو بہ جيڪو اُن تي ويٺل آھي.

23. مصيبت آھي اوھان لاءِ اي شريعت جا عالمو ۽ فريسيو! اي رياڪارو! اوھين خدا جي راھہ ۾ ڦودني، وڏفن ۽ زيري جي فصل جو ڏھون حصو تہ ڏيو ٿا، پر جيڪي شريعت جون انھيءَ کان بہ وڌيڪ ضروري ڳالھيون آھن يعني انصاف، رحم ۽ ايمانداري، تن کي ڇڏي ڏنو اٿوَ. واجب تہ ائين ئي ھو جو ھي بہ ڪريو ھا ۽ انھن کي بہ نہ ڇڏيو ھا.

24. اي انڌا اڳواڻو! اوھين پاڻيءَ ۾ پيل مک تہ ڪڍو ٿا پر اُٺ کي ڳڙڪائي ٿا وڃو.

25. مصيبت آھي اوھان لاءِ اي شريعت جا عالمو ۽ فريسيو! اي رياڪارو! اوھين پنھنجي وٽيءَ ۽ ٿالھيءَ جو ٻاھريون پاسو تہ ڌوئي صاف ٿا ڪريو پر ان جو اندر ھٻڇ ۽ خودغرضيءَ سان ڀريل آھي.

26. اي انڌا فريسيو! وٽيءَ جو پھريائين اندريون پاسو ڌوئي صاف ڪريو تہ پوءِ انھيءَ جو ٻاھريون پاسو بہ صاف ٿي ويندو.

27. مصيبت آھي اوھان لاءِ اي شريعت جا عالمو ۽ فريسيو! اي رياڪارو! اوھين اڇين قبرن وانگر آھيو جيڪي ٻاھران تہ سھڻيون نظر ٿيون اچن، پر انھن جو اندر مُڙدن جي ھڏن ۽ ھر طرح جي گندگيءَ سان ڀريل آھي.

28. بلڪل ساڳيءَ طرح اوھين بہ ماڻھن کي ٻاھران تہ نيڪ نظر ٿا اچو، پر اوھان جو اندر رياڪاريءَ ۽ بڇڙائيءَ سان ڀريل آھي.“

رياڪاريءَ جي سزا

29. ”مصيبت آھي اوھان لاءِ اي شريعت جا عالمو ۽ فريسيو! اي رياڪارو! اوھين نبين جا قبا ٿا ٺاھيو ۽ نيڪن جون تربتون ٿا سينگاريو،

30. ۽ اوھين چئو ٿا تہ ’جيڪڏھن اسين ابن ڏاڏن جي ڏينھن ۾ ھجون ھا تہ جيڪر نبين کي قتل ڪرڻ ۾ انھن سان شريڪ نہ ٿيون ھا.‘

31. حقيقت ۾ اوھين پاڻ اھو قبول ٿا ڪريو تہ ’اسين نبين جي قاتلن جو اولاد آھيون.‘

32. تہ پوءِ وڃو ۽ جيڪو اوھان جي ابن ڏاڏن شروع ڪيو ھو تنھن کي وڃي پورو ڪريو.

33. اي نانگو ۽ نانگن جا ٻچؤ! اوھين جھنم جي سزا کان ڪيئن بچي سگھندا؟

34. تنھنڪري آءٌ اوھان ڏانھن نبي، سياڻا ماڻھو ۽ شريعت جا معلم موڪليندس. اوھين انھن مان ڪن کي ماري وجھندا، ڪن کي صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھڻندا ۽ ڪن کي پنھنجن عبادت⁠خانن ۾ چھبڪ ھڻندا ۽ شھر بہ شھر سندن پيڇو ڪري کين ستائيندا.

35. انھيءَ ڪري سڀني نيڪن جو خون جيڪو زمين تي وھايو ويو ھو، سو توھان جي ڳچيءَ ۾ پوندو يعني تہ نيڪ ھابيل کان وٺي برڪياہ جي پٽ زڪريا جي خون تائين، جنھن کي اوھان مقدس جاءِ ۽ قربان⁠گاھہ جي وچ ۾ ماريو ھو.

36. آءٌ اوھان کي سچ ٿو چوان تہ انھن سڀني جو خون ھن زماني جي ماڻھن جي ڳچيءَ ۾ پوندو.“

عيسيٰ جو يروشلم سان پيار

37. ”اي يروشلم! اي يروشلم! تون جو نبين جو قاتل آھين ۽ جيڪي پيغمبر تو ڏانھن موڪليا ٿا وڃن تن کي سنگسار ٿو ڪرين، مون تنھنجي ٻچن کي ڪيترائي دفعا ائين گڏ ڪرڻ ٿي گھريو جيئن ڪڪڙ پنھنجن چوزن کي پنھنجي کنڀن ھيٺان گڏ ڪندي آھي، پر تو نہ چاھيو.

38. ھاڻي ڏس، تنھنجو ھيڪل ويران ڪيو ويندو.

39. آءٌ تو کي ٻڌايان ٿو تہ تون ھن کان پوءِ مون کي ايستائين نہ ڏسندين جيستائين ائين نہ چوندين تہ ’سڳورو آھي اھو جيڪو خداوند جي نالي تي ٿو اچي.‘“