بابن

  1. 1
  2. 2
  3. 3
  4. 4
  5. 5
  6. 6
  7. 7
  8. 8
  9. 9
  10. 10
  11. 11
  12. 12
  13. 13
  14. 14
  15. 15
  16. 16
  17. 17
  18. 18
  19. 19
  20. 20
  21. 21
  22. 22
  23. 23
  24. 24
  25. 25
  26. 26
  27. 27
  28. 28

نئين عهد نامي

متي 1 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

عيسيٰ مسيح جو شجرو

1. ھي عيسيٰ مسيح جو شجرو آھي، جيڪو دائود ۽ ابراھيم جو اولاد آھي.

2. ابراھيم مان اسحاق پيدا ٿيو، اسحاق مان يعقوب پيدا ٿيو ۽ يعقوب مان يھوداہ ۽ سندس ڀائر پيدا ٿيا.

3. يھوداہ کي سندس زال تمر مان فارص ۽ زرح پيدا ٿيا، فارص مان حصرون پيدا ٿيو ۽ حصرون مان راما پيدا ٿيو.

4. راما مان عميناداب پيدا ٿيو، عميناداب مان نحشون پيدا ٿيو ۽ نحشون مان سلمون پيدا ٿيو.

5. سلمون کي سندس زال راحب مان بوعز پيدا ٿيو، بوعز کي سندس زال رُوت مان عوبيد پيدا ٿيو ۽ عوبيد مان يشي پيدا ٿيو.

6. يشيءَ مان دائود بادشاھہ پيدا ٿيو. دائود کي سليمان انھيءَ زال مان پيدا ٿيو جيڪا پھريائين اورياہ جي زال ھئي.

7. سليمان مان رحبعام پيدا ٿيو، رحبعام مان ابياہ پيدا ٿيو ۽ ابياہ مان آسا پيدا ٿيو.

8. آسا مان يھوشافاط پيدا ٿيو، يھوشافاط مان يورام پيدا ٿيو ۽ يورام مان عُزياہ پيدا ٿيو.

9. عُزياہ مان يوتام پيدا ٿيو، يوتام مان آحز پيدا ٿيو ۽ آحز مان حزقياہ پيدا ٿيو.

10. حزقياہ مان منسي پيدا ٿيو، منسي مان آمون پيدا ٿيو ۽ آمون مان يوشياہ پيدا ٿيو.

11. جن ڏينھن ۾ بني اسرائيل جا ماڻھو گرفتار ٿي بابل ڏانھن ويا ھئا، تن ڏينھن ۾ يوشياہ مان يڪنياہ ۽ سندس ڀائر پيدا ٿيا.

12. انھن ماڻھن جي بابل ڏانھن گرفتار ٿي وڃڻ کان پوءِ يڪنياہ مان شئلتي⁠ايل پيدا ٿيو ۽ شئلتي⁠ايل مان زربابل پيدا ٿيو.

13. زربابل مان ابيئود پيدا ٿيو، ابيئود مان الياقيم پيدا ٿيو ۽ الياقيم مان عازور پيدا ٿيو.

14. عازور مان صدوق پيدا ٿيو، صدوق مان اخيم پيدا ٿيو ۽ اخيم مان اليئود پيدا ٿيو.

15. اليئود مان اليعزر پيدا ٿيو، اليعزر مان متان پيدا ٿيو ۽ متان مان يعقوب پيدا ٿيو.

16. يعقوب مان يوسف پيدا ٿيو جيڪو مريم جو مڙس ھو ۽ انھيءَ مريم جي پيٽان عيسيٰ پيدا ٿيو جيڪو مسيح سڏيو وڃي ٿو.

17. اھڙيءَ طرح ابراھيم کان وٺي دائود تائين ڪل چوڏھن پيڙھيون ٿيون، دائود کان وٺي بابل ڏانھن گرفتار ٿي وڃڻ تائين بہ چوڏھن پيڙھيون ٿيون ۽ بابل ڏانھن گرفتار ٿي وڃڻ کان وٺي مسيح تائين وري بہ چوڏھن پيڙھيون ٿيون.

عيسيٰ مسيح جو ڄمڻ

18. عيسيٰ مسيح جي پيدائش ھن ريت ٿي جو جڏھن سندس ماءُ مريم جو مڱڻو يوسف سان ٿيل ھو پر اڃا سندن شادي ڪانہ ٿي ھئي تہ مريم کي معلوم ٿيو تہ کيس پاڪ روح جي قدرت سان پيٽ ٿيو آھي.

19. ھن جو مڱيندو ھڪ نيڪ ماڻھو ھو، تنھنڪري ھن خيال ڪيو تہ ”ڇو نہ مريم کي چپ چاپ ۾ ڇڏي ڏيان ۽ خلق ۾ خوار نہ ڪريانس.“

20. پر جڏھن ھو انھن ڳالھين بابت ڳڻتيون ڪري رھيو ھو تہ ھن کي خواب ۾ خداوند جو ھڪڙو ملائڪ ڏسڻ ۾ آيو جنھن چيس تہ ”اي دائود جا اولاد يوسف! تون پنھنجي مڱينديءَ مريم سان شادي ڪرڻ کان نہ گھٻراءِ، ڇالاءِ⁠جو پاڪ روح جي قدرت سان کيس پيٽ ٿيو آھي.

21. ھن کي پٽ ڄمندو ۽ ان جو نالو عيسيٰ رکجانءِ، ڇالاءِ⁠جو ھو پنھنجيءَ قوم کي سندن گناھن کان ڇوٽڪارو ڏيندو.“

22. اھڙيءَ طرح اھي سڀ ڳالھيون جيڪي خداوند پنھنجي نبيءَ جي معرفت فرمايون ھيون سي پوريون ٿيون تہ

23. ”ڏسو، ھڪڙي ڪنواري پيٽ سان ٿيندي،۽ کيس پٽ ڄمندو جنھن کي عمانوايل سڏيندا،“ جنھن جي معنيٰ آھي ”خدا اسان سان.“

24. سو جڏھن يوسف ننڊ مان جاڳي اٿيو، تڏھن جيئن خداوند جي ملائڪ چيو ھوس تيئن ئي ڪيائين ۽ مريم سان ئي شادي ڪيائين.

25. پر جيستائين مريم پٽ نہ ڄڻيو تيستائين يوسف کيس ھٿ بہ نہ لاتو ۽ ٻار جو نالو عيسيٰ رکيائين.