بابن

  1. 1
  2. 2
  3. 3
  4. 4
  5. 5
  6. 6
  7. 7
  8. 8
  9. 9
  10. 10
  11. 11
  12. 12
  13. 13
  14. 14
  15. 15
  16. 16
  17. 17
  18. 18
  19. 19
  20. 20
  21. 21
  22. 22
  23. 23
  24. 24
  25. 25
  26. 26
  27. 27
  28. 28

نئين عهد نامي

متي 14 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

يحيٰ بپتسما ڏيڻ واري جو موت

1. انھن ڏينھن ۾ گليل جي حاڪم ھيروديس جڏھن عيسيٰ جي ھاڪ ٻڌي،

2. تڏھن پنھنجن نوڪرن کي چيائين تہ ”ھي يحيٰ بپتسما ڏيڻ وارو ئي آھي. جيئن تہ ھو مئلن مان جيئرو ٿي اٿيو آھي، تنھنڪري ھو اھي معجزا ٿو ڪري.“

3. ھيروديس پنھنجي ڀاءُ فلپس جي زال ھيرودياس جي چوڻ تي يحيٰ جي گرفتاريءَ جو حڪم ڏنو ھو ۽ کيس ٻڌرائي جيل ۾ وڌو ھئائين.

4. ڇالاءِ⁠جو يحيٰ ھيروديس کي چيو ھو تہ ”اوھان لاءِ اھو جائز نہ آھي جو اوھين پنھنجي ڀاڄائي ھيرودياس سان شادي ڪريو.“

5. سو ھيروديس يحيٰ کي مارائڻ پئي چاھيو پر عوام کان ڊنو ٿي، ڇالاءِ⁠جو ھنن يحيٰ کي نبي ٿي سمجھيو.

6. جڏھن ھيروديس جي جنم جو ڏينھن آيو تڏھن ھيرودياس جي ڌيءَ ماڻھن جي وچ ۾ بيھي ناچ ڪيو. ھيروديس ايترو تہ خوش ٿيو

7. جو ھن قسم کڻي ساڻس واعدو ڪيو تہ ”جيڪو گھرندينءَ سو آءٌ ڏيندوسانءِ.“

8. تنھن تي ھن ائين ئي چيو جيئن ماڻس سيکاريو ھوس تہ ”مون کي يحيٰ بپتسما ڏيڻ واري جي سسي ٿالھہ ۾ ھتي گھرائي ڏيو.“

9. اھو ٻڌي بادشاھہ کي ڏاڍو ڏک ٿيو پر جيئن تہ ھن مھمانن جي اڳيان قسم کڻي واعدو ڪيو ھو، تنھنڪري حڪم جاري ڪيائين تہ جيئن انھيءَ ڇوڪريءَ جي مرضي پوري ٿئي.

10. سو ماڻھو موڪلي جيل ۾ يحيٰ جي سسي لھرايائين.

11. سسي ٿالھہ ۾ وجھي آڻي ڇوڪريءَ جي اڳيان رکيائون، جنھن اُھا پنھنجي ماءُ کي ڏيئي ڇڏي.

12. يحيٰ جي شاگردن اچي لاش ورتو ۽ اُن کي دفن ڪيائون. پوءِ عيسيٰ کي اچي ٻڌايائون.

پنجن ھزارن کي کارائڻ

13. جڏھن عيسيٰ کي اھا خبر پيئي تہ اڪيلو ئي ھڪ ٻيڙيءَ ۾ چڙھي نويڪلي جڳھہ ڏانھن روانو ٿي ويو. جڏھن ماڻھن اھا ڳالھہ ٻڌي تہ پنھنجا شھر ڇڏي پيرين پيادا ھن جي پٺيان ھليا.

14. جڏھن عيسيٰ ٻيڙيءَ مان لٿو تہ ھن ھڪ وڏو ميڙ ڏٺو. سندس دل رحم سان ڀرجي ويئي، سو اچي انھن جي بيمارن کي شفا ڏيئي چڱو ڀلو ڪيائين.

15. جڏھن شام ٿي تہ سندس شاگرد وٽس آيا ۽ چيائونس تہ ”اڳي ئي دير ٿي ويئي آھي ۽ ھتي اسين سڃي ھنڌ ۾ آھيون. سو ماڻھن کي موڪل ڏيو تہ ڀل ڪنھن ڳوٺ ۾ وڃي پنھنجي لاءِ ڪجھہ وٺي کائين.“

16. تنھن تي عيسيٰ وراڻيو تہ ”انھن کي وڃڻ جي ضرورت ڪانھي. اوھين ئي انھن کي کائڻ لاءِ ڪجھہ ڏيو.“

17. انھن چيو تہ ”اسان وٽ ڪل پنج مانيون ۽ ٻہ مڇيون آھن.“

18. عيسيٰ چيو تہ ”اھي مون وٽ کڻي اچو.“

19. ھن ماڻھن کي بہ چيو تہ ”گاھہ تي ويھي رھو.“ پوءِ ھن پنج مانيون ۽ ٻہ مڇيون کڻي آسمان ڏانھن نھاريو ۽ انھن ۾ برڪت گھريائين ۽ مانيون ڀڃي شاگردن کي ڏنائين، جيڪي اھي ماڻھن کي ڏيندا ويا.

20. سڀني کائي ڍءُ ڪيو. پوءِ جيڪي ٽڪر ڳڀا بچيا تن مان شاگردن ٻارھن کاريون ڀري کنيون.

21. جن ماڻھن کاڌو تن جو تعداد عورتن ۽ ٻارن کان سواءِ اٽڪل پنج ھزار کن ھو.

پاڻيءَ تي پنڌ ڪرڻ

22. تڏھن عيسيٰ پنھنجن شاگردن کي ٻيڙيءَ ۾ سوار ڪري زور ڀريو تہ ”اوھين ڍنڍ جي ھُن ڀر وڃو.“ پوءِ ماڻھن کي بہ موڪل ڏيئي ڇڏيائين.

23. ماڻھن جي موڪلائڻ کان پوءِ پاڻ ٽڪر تي دعا گھرڻ ويو. شام تائين ھو اتي اڪيلو ئي رھيو.

24. انھيءَ مھل تائين ٻيڙي گھڻو پنڌ پري نڪري ويئي ھئي ۽ ڇولين جي لوڏن ۾ اچي ويئي ھئي، ڇالاءِ⁠جو واءُ ان جي سامھون ھو.

25. رات جي پوئين پھر ۾ عيسيٰ پاڻيءَ تي پنڌ ڪندو انھن وٽ آيو.

26. جڏھن شاگردن کيس پاڻيءَ تي پنڌ ڪندي ڏٺو تہ دھلجي ويا ۽ چوڻ لڳا تہ ”ھي ڪو جن آھي.“ سو ھو وٺي ڊپ ۾ رڙيون ڪرڻ لڳا.

27. تنھن تي عيسيٰ ھڪدم کين چيو تہ ”ڊڄو نہ، آءٌ آھيان، دلجاءِ ڪريو.“

28. پوءِ پطرس چيس تہ ”اي خداوند! جيڪڏھن تون آھين تہ مون کي حڪم ڏي تہ آءٌ پاڻيءَ تي ھلي تو وٽ اچان.“

29. تنھن تي عيسيٰ چيس تہ ”ڀلي اچ.“ سو پطرس ٻيڙيءَ مان لٿو ۽ پاڻيءَ تي گھمندو عيسيٰ ڏانھن وڃڻ لڳو.

30. پر جڏھن ھن طوفان ڏٺو تہ ڊڄي ويو ۽ ٻڏڻ لڳو. ڊپ مان وٺي رڙيون ڪيائين تہ ”خداوند! بچاءِ، بچاءِ.“

31. تڏھن عيسيٰ ھڪدم ھٿ ڊگھيري جھلي ورتس ۽ چيائينس تہ ”تو شڪ ڇو ڪيو؟ تنھنجو ايمان ڪيترو نہ ڪمزور آھي.“

32. پوءِ جڏھن ھو ٻئي ٻيڙيءَ ۾ چڙھيا تہ واءُ بند ٿي ويو.

33. تنھن تي جيڪي⁠بہ ٻيڙيءَ ۾ ھئا تن اچي کيس سجدو ڪري چيو تہ ”بيشڪ تون خدا جو فرزند آھين.“

گنيسرت جي بيمارن کي شفا ڏيڻ

34. اھي ڍنڍ پار ڪري گنيسرت جي علائقي ۾ آيا.

35. اتان جي ماڻھن عيسيٰ کي سڃاڻي ورتو. تنھنڪري ھنن علائقي جي ڪنڊڪڙڇ مان بيمار ماڻھو گھرائي عيسيٰ وٽ آندا.

36. پوءِ ھنن منٿ ڪيس تہ ”رڳو پنھنجي دامن کي ھٿ لائڻ ڏيو.“ تڏھن جن بہ ھٿ لاتس سي چڱا ڀلا ٿي ويا.