بابن

  1. 1
  2. 2
  3. 3
  4. 4
  5. 5
  6. 6
  7. 7
  8. 8
  9. 9
  10. 10
  11. 11
  12. 12
  13. 13

نئين عهد نامي

2.ڪرنٿين 6 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

1. اسين جيڪي خدا سان گڏ ڪم ڪرڻ وارا آھيون، سي ھيءَ بہ منٿ ڪريون ٿا تہ خدا جو فضل جيڪو اوھان تي ٿيو آھي سو اجايو نہ وڃايو.

2. ڇالاءِ⁠جو خدا چوي ٿو تہ”قبوليت جي وقتمون اوھان جي ٻڌي،۽ ڇوٽڪاري جي ڏينھنمون اوھان جي مدد ڪئي.“ ڏسو، ھاڻي قبول پوڻ جو وقت آھي، ڏسو، ھاڻي ڇوٽڪاري جو ڏينھن آھي.

3. اسين ڪنھن بہ ڳالھہ ۾ ٿاٻڙجڻ جو وجھہ نہ ٿا ڏيون، متان اسان جي خدمت مان عيب نڪري.

4. پر ھر حالت ۾ پاڻ کي خدا جا خادم ڄاڻائڻ لاءِ اسين ڏاڍي صبر سان مصيبتن، ضرورتن ۽ تنگ حالتن کي منھن ٿا ڏيون.

5. اسان کي چھبڪن سان ماريو ويو، قيد ڪيو ويو ۽ اسان تي حملو ڪيو ويو. اسان کان سخت محنت ڪرائي ويئي، اوجاڳا ۽ فاقا ڪڍايا ويا.

6. تڏھن بہ پاڪيزگي، علم، بردباري، مھرباني، پاڪ روح جي موجودگي ۽ خالص محبت ذريعي اسان پاڻ کي خدا جو خادم ثابت ڪيو.

7. اسين سچو ڪلام خدا جي قدرت سان ٻڌايون ٿا. حملي ۽ بچاءَ لاءِ اسان کي سچائيءَ جا ھٿيار آھن.

8. اسان جي عزت بہ ڪئي وڃي ٿي ۽ بي⁠عزتي بہ. اسان جي بدنامي بہ ڪئي وڃي ٿي ۽ نيڪنامي بہ. ڪي اسان کي ٺڳ سمجھن ٿا، جيتوڻيڪ اسين سچار آھيون.

9. اسين گمنام سمجھيا وڃون ٿا تڏھن بہ مشھور آھيون. مُڙدن وانگر آھيون تڏھن بہ ڏسو، اسين جيئون پيا. اسين سزا کاڌل آھيون تڏھن بہ ماري وڌل نہ آھيون.

10. اسين ڏک تہ سھون ٿا، پر تڏھن بہ ھميشہ خوش ٿا رھون. غريب سمجھيا وڃون ٿا تڏھن بہ گھڻن کي شاھوڪار ٿا ڪريون. سڃا⁠سکڻا آھيون تڏھن بہ اسان وٽ سڀ ڪجھہ آھي.

11. اي ڪرنٿس جا دوستو! اسان کُليءَ طرح اوھان سان ڳالھايو آھي ۽ اسان جون دليون اوھان لاءِ ڪشاديون آھن.

12. اوھان لاءِ اسان جون دليون تنگ نہ آھن، پر اوھان جي دلين ۾ اسان لاءِ تنگي آھي.

13. ھاڻي آءٌ اوھان کي پنھنجا ٻار سمجھي چوان ٿو تہ اوھين بہ ساڳيءَ طرح پنھنجون دليون ڪشاديون ڪريو.

ايمان نہ آڻيندڙن جي اثر کان خبردار رھو

14. جيڪي مسيح تي ايمان نہ ٿا رکن تن جو ساٿ نہ ڏيو، ڇالاءِ⁠جو سچائي ۽ بدڪاري ڪيئن گڏ رھنديون؟ يا روشني ۽ اونداھيءَ جي وچ ۾ ڪھڙو لاڳاپو آھي؟

15. مسيح جي شيطان سان ڪھڙي برابري آھي؟ مسيح تي ايمان آڻيندڙ جو ايمان نہ آڻيندڙ سان ڪھڙو واسطو آھي؟

16. خدا جي گھر جو بتن سان ڪھڙو لاڳاپو آھي؟ ڇالاءِ⁠جو اسين جيئري خدا جو گھر آھيون. جھڙيءَ طرح خدا فرمايو آھي تہ”آءٌ انھن ۾ رھندس۽ انھن ۾ گھمندس ڦرندس،آءٌ انھن جو خدا ٿيندس۽ ھو منھنجا ماڻھو ٿيندا.“

17. تنھنڪري خداوند فرمائي ٿو تہ”اوھين انھن مان نڪري اچو ۽ الڳ ٿي وڃو،۽ ڪنھن بہ پليت شيءِ کي ھٿ نہ لايو،تہ آءٌ اوھان کي قبول ڪندس.

18. آءٌ اوھان جو پيءُ ٿيندس۽ اوھين منھنجا پٽ ۽ ڌيئرون ٿيندا.خداوند قادرِمطلق ائين ٿو فرمائي.“