بابن

  1. 1
  2. 2
  3. 3
  4. 4
  5. 5
  6. 6
  7. 7
  8. 8
  9. 9
  10. 10
  11. 11
  12. 12
  13. 13

نئين عهد نامي

2.ڪرنٿين 8 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

سخاوت ڪرڻ

1. ھاڻي اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين اوھان کي خدا جي انھيءَ فضل بابت ٻڌايون ٿا، جيڪو مڪدونيا جي ڪليسيائن تي ٿيو آھي.

2. مصيبت جي وڏي آزمائش ۾ انھن جي خوشي وڌي ويئي ۽ بيحد غريب ھوندي بہ سندن سخاوت جي دولت گھڻي وڌي ويئي.

3. آءٌ شاھدي ٿو ڏيان تہ انھن پنھنجي حيثيت آھر، بلڪ پنھنجي حيثيت کان بہ وڌيڪ ڏنو ۽ پاڻمرادو ڏنو.

4. ھنن اسان کي ڏاڍي منٿ ۽ زاريءَ سان عرض ڪيو تہ کين ھي موقعو ڏنو وڃي تہ جيئن ھو يھوديہ جي ايمان وارن لاءِ خدمت ۾ شريڪ ٿي سگھن.

5. انھن نہ رڳو اسان جي اميد آھر ڏنو، بلڪ پنھنجو پاڻ کي پھريائين خداوند جي ۽ پوءِ خدا جي مرضيءَ موجب اسان جي حوالي ڪيائون.

6. تنھنڪري اسان طيطس کي ھدايت ڪئي تہ جيئن ھن پھريائين اھو سخا جو ڪم شروع ڪيو ھو، تيئن اوھان ۾ پورو بہ ڪري.

7. پر جيئن اوھان ھر ڳالھہ ۾ يعني ايمان آڻڻ ۽ ڪلام ڪرڻ ۾، علم ۽ ھر طرح جي سرگرميءَ ۾ ۽ انھيءَ محبت ۾ جيڪا اسان سان رکو ٿا وڌندا ٿا وڃو، تيئن ھن سخاوت جي ڪم ۾ بہ وڌندا وڃو.

8. آءٌ اوھان کي حڪم ڏيندي ائين نہ ٿو چوان، پر انھيءَ لاءِ چوان ٿو تہ ٻين جي سرگرميءَ سان اوھان جي محبت جي سچائيءَ کي بہ آزمايان.

9. ڇالاءِ⁠جو اوھين اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي فضل کي ڄاڻو ٿا. جيتوڻيڪ ھو دولتمند ھو تڏھن بہ اوھان جي خاطر غريب ٿي ويو، تہ جيئن سندس غريبيءَ جي ڪري اوھين دولتمند ٿي وڃو.

10. انھيءَ ڳالھہ بابت آءٌ پنھنجي راءِ ٿو ڏيان، جيڪا اوھان جي لاءِ فائدي واري آھي. اوھين گذريل سال نہ رڳو انھيءَ ڪم شروع ڪرڻ ۾، پر ارادي ڪرڻ ۾ بہ پھريان ھئا.

11. تنھنڪري ھاڻي انھيءَ ڪم کي پورو ڪريو، ڇالاءِ⁠جو جيئن اوھان شوق سان ارادو ڪيو ھو تيئن پنھنجي طاقت آھر انھيءَ کي پورو بہ ڪريو.

12. ڇالاءِ⁠جو جيڪڏھن ڏيڻ جي نيت ھوندي تہ پوءِ جيڪي ڪجھہ بہ ڪنھن ماڻھوءَ وٽ ھوندو تنھن موجب سندس نذرانو خدا قبول ڪندو، نہ انھيءَ موجب جيڪي وٽس نہ آھي.

13. آءٌ ائين نہ ٿو چاھيان تہ ٻين کي آرام ملي ۽ اوھان کي تڪليف ملي، پر ھڪجھڙائي ھجي.

14. ھن وقت جيڪا اوھان وٽ گھڻائي آھي سا ھنن جي گھرج پوري ڪري، تہ جيئن ھنن وٽ جيڪا گھڻائي ٿئي سا اوھان جي ڪمي پوري ڪري. اھڙيءَ طرح ھڪجھڙائي ٿي ويندي.

15. جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آھي تہ”جنھن گھڻو گڏ ڪيو،تنھن وٽ وڌيڪ نہ بچيو،۽ جنھن ٿورو گڏ ڪيو،تنھن وٽ گھٽتائي ڪانہ ٿي.“

طيطس ۽ ان جا ساٿي

16. خدا جو شڪر آھي، جيڪو طيطس جي دل ۾ اوھان لاءِ مون جھڙي سرگرمي پيدا ڪري ٿو.

17. ڇالاءِ⁠جو ھن نہ رڳو اسان جي ھدايت کي مڃيو پر ڏاڍي سرگرميءَ ۽ پنھنجي خوشيءَ سان اوھان ڏانھن اچي رھيو آھي.

18. ھن سان گڏ اسان انھيءَ ڀاءُ کي بہ موڪليون ٿا، جنھن جي تعريف خوشخبري ڦھلائڻ جي ڪري سڀني ڪليسيائن ۾ ٿيندي آھي.

19. نہ رڳو ايترو پر ڪليسيائن ھن نذراني کي پھچائڻ جي لاءِ کيس اسان سان گڏ سفر ڪرڻ واسطي مقرر ڪيو ھو. اسين ھيءَ خدمت انھيءَ لاءِ ٿا ڪريون تہ جيئن انھيءَ منجھان اسان جو شوق ظاھر ٿئي ۽ خدا جي واکاڻ ٿئي.

20. اسين اھا خبرداري ٿا ڪريون تہ متان اسان کي انھيءَ وڏيءَ بخشش جي خدمت جي باري ۾ ڪوبہ ماڻھو الزام ڏئي.

21. ڇالاءِ⁠جو اسان جو مقصد ھي آھي تہ اسين اھي ڳالھيون ڪريون، جيڪي نہ رڳو خداوند جي نظر ۾ پر ماڻھن جي نظر ۾ بہ چڱيون ھجن.

22. اسين انھن سان گڏ پنھنجي ھڪڙي ٻئي ڀاءُ کي موڪليون ٿا. ھن کي ڪيترائي ڀيرا اسان گھڻين ڳالھين ۾ آزمائي سرگرم ڏٺو آھي. ھاڻي تہ ھو وڌيڪ سرگرم آھي، ڇاڪاڻ⁠تہ کيس اوھان تي وڏو ڀروسو آھي.

23. طيطس جي باري ۾ ھي آھي تہ ھو منھنجو شريڪ ۽ اوھان جي خدمت ڪرڻ ۾ مون سان گڏ آھي. اسان جي ٻين ڀائرن جي باري ۾ ھي آھي تہ اھي ڪليسيائن جا نمائندا آھن ۽ مسيح جي واکاڻ جو سبب آھن.

24. تنھنڪري اوھين پنھنجي محبت ۽ اوھان تي اسان کي جيڪو فخر آھي، سو ڪليسيائن جي آڏو انھن کي ثابت ڪري ڏيکاريو.