بابن

  1. 1
  2. 2
  3. 3
  4. 4
  5. 5
  6. 6
  7. 7
  8. 8
  9. 9
  10. 10
  11. 11
  12. 12
  13. 13

نئين عهد نامي

2.ڪرنٿين 1 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

1. ھي خط پولس، جيڪو خدا جي مرضيءَ موجب عيسيٰ مسيح جو رسول آھي ۽ اسان جي ڀاءُ تيمٿيس جي طرفان لکجي ٿو. ھي خط ڪرنٿس شھر ۾ خدا جي ڪليسيا ۽ اخيا پرڳڻي ۾ رھندڙ سڀني ايمان وارن ڏانھن آھي.

2. شل اوھان تي اسان جي پيءُ خدا ۽ خداوند عيسيٰ مسيح جي طرفان فضل ۽ سلامتي ھجي.

دلداري بخشيندڙ خدا

3. ساراھہ ٿي ڪجي اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي خدا ۽ پيءُ جي، جيڪو رحم وارو پيءُ ۽ پوريءَ طرح دلداري ڏيندڙ خدا آھي.

4. ھو اسانجين سڀني مصيبتن ۾ اسان کي تسلي ٿو ڏئي، تہ جيئن اسين سندس مليل انھيءَ تسليءَ سان انھن کي دلداري ڏيئي سگھون، جيڪي ڪنھن مصيبت ۾ آھن.

5. جيئن مسيح جا ڏک اسانجين زندگين ۾ حد کان وڌي وڃن ٿا، تيئن مسيح جي وسيلي اسان جي دلداري بہ حد کان وڌي وڃي ٿي.

6. جيڪڏھن اسان تي مصيبت اچي ٿي تہ اھا اوھان جي دلداري ۽ ڇوٽڪاري لاءِ آھي. وري جيڪڏھن اسان کي دلداري ملي ٿي تہ اھا بہ اوھان جي ئي لاءِ آھي. اھا دلداري اوھان کي صبر سان ساڳين ڏکن کي سھڻ جي طاقت بخشي ٿي جيڪي اسين بہ سھون ٿا.

7. اسان کي اوھان لاءِ پڪي اميد آھي، ڇوجو اسين ڄاڻون ٿا تہ اوھين جيئن اسان جي ڏکن ۾ شريڪ رھو ٿا تيئن اسان جي دلداريءَ ۾ بہ شريڪ رھندا.

8. اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين اوھان کي انھن مصيبتن کان بي⁠خبر رکڻ نہ ٿا چاھيون، جيڪي ايشيا پرڳڻي ۾ ڀوڳيونسين. اسين برداشت کان ٻاھر بار ھيٺ دٻيل ھئاسين، ايتري تائين جو زندہ رھڻ جي اميد ئي ڇڏي ڏني ھئي سون.

9. سچ⁠پچ تہ اسان پنھنجين دلين ۾ موت جي فتويٰ محسوس ڪئي، تان جو سکيوسين تہ پاڻ تي نہ، بلڪ خدا تي ڀاڙيون جيڪو مئلن کي جياري ٿو.

10. سو ھن اسان کي موت جي اھڙي ڀوائتي تباھيءَ کان بچايو ۽ بچائيندو. ھن ۾ اميد آھي تہ اسان کي اڃا بہ بچائيندو رھندو.

11. جيڪڏھن اوھين بہ پنھنجين دعائن جي وسيلي اسان جي مدد ڪندا، تہ پوءِ گھڻن ماڻھن جي دعائن سان جيڪا نعمت ملي آھي انھيءَ لاءِ اسان جي پاران گھڻا ماڻھو شڪرانو بجاءِ آڻيندا.

پولس جي رٿن ۾ ڦيرڦار

12. اسان کي فخر آھي تہ اسان جو ضمير اسان کي پڪ ٿو ڏئي تہ اسان دنيا ۾ ۽ خاص ڪري اوھان سان جيڪو ورتاءُ ڪيو آھي، سو پاڪائيءَ ۽ سچائيءَ سان آھي. اھو سڀ ڪجھہ خدا جي طرفان آھي. اسان ائين دنياوي ڏاھپ موجب نہ، بلڪ خدا جي فضل موجب ڪيو آھي.

13. اسين اوھان ڏانھن ڪا اھڙي ڳالھہ ڪونہ ٿا لکون، جيڪا اوھين پڙھي يا سمجھي نہ ٿا سگھو.

14. اميد اٿم تہ اوھين پوريءَ طرح سمجھي ويندا. ھاڻي اوھين اسان کي رڳو ٿورو گھڻو سمجھو ٿا. پر جيئن خداوند عيسيٰ جي ڏينھن اوھين اسان تي فخر ڪري سگھو ٿا، تيئن اسين اوھان تي فخر ڪنداسين.

15. جيئن ⁠تہ مون کي انھيءَ سموري ڳالھہ جي پڪ ھئي، تنھنڪري سڀ کان اڳ ۾ اوھان سان ملڻ جو ارادو ڪيم، تہ جيئن اوھان کي ٻٽيون برڪتون ملن.

16. تنھنڪري سوچيم تہ مڪدونيا ڏانھن ويندي ۽ وري اتان موٽندي اوھان سان ملان، تہ جيئن اوھين مون کي يھوديہ ڏانھن روانو ڪريو.

17. تہ پوءِ جڏھن مون اھو ارادو ڪيو تہ ڪا ڦيرڦار ڪيم ڇا؟ يا جيڪي ڳالھيون آءٌ رٿيان ٿو سي دنياوي ماڻھن وانگر رٿيان ٿو ڇا؟ جو ڪڏھن ”ھا، ھا“ بہ ڪريان تہ ساڳئي وقت ”نہ، نہ“ بہ؟

18. پر قسم آھي خدا جي سچائيءَ جو تہ جيڪي ڪجھہ اسين اوھان کي چئون ٿا، ان ۾ ”ھائو“ ۽ ”نہ“ ٻہ معنائون ڪين آھن.

19. ڇالاءِ⁠جو خدا جو فرزند عيسيٰ مسيح جنھن جي تبليغ مون، سيلاس ۽ تيمٿيس اوھان ۾ ڪئي ھئي، اھو ”ھائو“ ۽ ”نہ“ ٻئي ڪين ھئا، پر ان ۾ ھميشہ ”ھائو“ ئي آھي.

20. ڇالاءِ⁠جو خدا جا جيترا بہ واعدا آھن، سي سڀ مسيح جي ڪري ”ھائو“ سان آھن. انھيءَ ڪري ان جي وسيلي اسان کان ”آمين“ بہ ٿي، تہ جيئن خدا جو جلال ظاھر ٿئي.

21. اھو خدا ئي آھي، جيڪو اسان ۽ اوھان کي مسيح سان گڏي ھڪ ڪري قائم ڪري ٿو.

22. انھيءَ خدا اسان کي چونڊيو ۽ اسان جي دلين تي پنھنجي مالڪيءَ جي مُھر بہ ھنئي ۽ پاڪ روح اسان جي دلين ۾ وڌائين، جيڪو آئيندہ واعدي ڪيل نعمتن جو پھريون حصو آھي.

23. آءٌ خدا کي شاھد ڄاڻي چوان ٿو تہ آءٌ ڪرنٿس ۾ انھيءَ لاءِ نہ آيس تہ متان اوھين رنج ٿيو.

24. اسين ايمان جي باري ۾ اوھان تي حڪومت نہ ٿا ھلايون. پر اوھان جي خوشيءَ ۾ اوھان جا مددگار آھيون، ڇالاءِ⁠تہ ايمان جي وسيلي اوھين قائم آھيو.