بابن

  1. 1
  2. 2
  3. 3
  4. 4
  5. 5
  6. 6
  7. 7
  8. 8
  9. 9
  10. 10
  11. 11
  12. 12
  13. 13

نئين عهد نامي

2.ڪرنٿين 5 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

1. ڇالاءِ⁠جو اسين ڄاڻون ٿا تہ جيڪڏھن اسان جو جسم جيڪو جھوپڙيءَ جھڙو ڪچو گھر آھي، ڊاھيو ويندو تہ اسان کي خدا کان آسمان تي ھڪڙو پڪو گھر ملندو. اھو ھٿن سان جوڙيل نہ آھي، بلڪ ھميشہ قائم رھندڙ آھي.

2. ھاڻي اسين ڪنجھي رھيا آھيون ۽ ڪيڏي نہ وڏي تمنا پيا ڪريون تہ پنھنجي آسماني گھر کي پوشاڪ وانگر پھري ڇڏيون.

3. جيڪڏھن ان کي اسان تي پھرايو ويو تہ اسين اگھاڙا نہ ٿينداسين.

4. ڇالاءِ⁠جو اسين ھن جھوپڙيءَ ۾ رھي بار جي ھيٺان دٻجي ڪنجھي رھيا آھيون. اسين موجودہ جسم کي ڇڏڻ نہ ٿا چاھيون، پر ان تي آسماني گھر کي پوشاڪ وانگر پھرڻ چاھيون ٿا، تہ جيئن مرڻ ھارڪو جسم حياتيءَ ۾ بدلجي وڃي.

5. اھو خدا ئي آھي، جنھن اسان کي انھيءَ تبديليءَ لاءِ تيار ڪيو آھي ۽ اڳواٽ ئي پاڪ روح ڏنو آھي.

6. تنھنڪري اسان کي ھميشہ پوري خاطري ٿي رھي ۽ ڄاڻون ٿا تہ جيستائين ھي جسم اسان جو گھر آھي تيستائين اسين خداوند کان پري آھيون.

7. ڇالاءِ⁠جو اسين جيڪا زندگي گذاري رھيا آھيون سا ايمان جي وسيلي آھي، اکين سان ڏسڻ جي ڪري نہ.

8. مطلب تہ اسان کي پوري خاطري آھي ۽ ھن جسم واري گھر کي ڇڏي خداوند سان گڏ رھڻ وڌيڪ پسند ڪريون ٿا.

9. بحرحال توڙي اسين پنھنجي جسم واري گھر ۾ ھجون يا نہ ھجون، اسان جو سڀ کان وڏو مقصد ھي آھي تہ خداوند کي خوش ڪريون.

10. ڇالاءِ⁠جو اسان سڀني کي مسيح جي عدالت اڳيان پيش ٿيڻو آھي، تہ جيئن ھر ڪنھن کي انھن ڪمن جو بدلو ملي، جيڪي ھن جسم ۾ رھي ڪيا آھن، پوءِ اھي چڱا ھجن يا بڇڙا.

صلح جو پيغام

11. تنھنڪري خداوند جو خوف ڪندي اسين ماڻھن کي قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا. اسان جو حال خدا کي معلوم آھي ۽ مون کي اميد آھي تہ اھو اوھان جي دلين تي بہ صاف ظاھر ٿيو ھوندو.

12. اسين اوھان سان وري پنھنجي ساراھہ نہ ٿا ڪريون، پر اوھان کي وجھہ ٿا ڏيون تہ اسان تي فخر ڪريو، جيئن انھن ماڻھن کي جواب ڏيئي سگھو جيڪي دل تي نہ پر ظاھري ڳالھين تي فخر ڪن ٿا.

13. جيڪڏھن ڪي سمجھن ٿا تہ اسين بي⁠خوديءَ جي حالت ۾ آھيون تہ خدا جي خاطر آھيون، پر جيڪڏھن ٺيڪ دماغ سان آھيون تہ اوھان جي خاطر آھيون.

14. ھر حال ۾ مسيح جي محبت اسان کي مجبور ٿي ڪري، ڇالاءِ⁠جو اسين ھن نتيجي تي پھتا آھيون تہ جڏھن ھڪ شخص سڀني جي لاءِ مئو تہ سڀ مري ويا.

15. ھو سڀني جي لاءِ انھيءَ ڪري مئو تہ جيڪي جيئرا آھن سي اڳتي پنھنجي لاءِ نہ پر ھن جي لاءِ جيئن، جيڪو انھن جي خاطر مري ويو ۽ وري جيئرو ٿي اٿيو.

16. تنھنڪري ھن کان پوءِ اسين ڪنھن کي بہ جسماني طور نہ ٿا سڃاڻون. جيتوڻيڪ اسان مسيح کي بہ جسماني طور ڄاتو ھو، پر ھاڻي اسين ھن کي ائين نہ ٿا سڃاڻون.

17. تنھنڪري جيڪڏھن ڪو مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيل آھي تہ ھو نئون خلقيل آھي. پراڻيون ڳالھيون گذري ويون، ڏسو، ان جي نئين حالت شروع ٿي ويئي.

18. ھي سڀ ڪجھہ خدا جي طرفان آھي، جنھن مسيح جي وسيلي اسان کي پاڻ سان ملايو ۽ صلح ڪرائڻ جي خدمت اسان جي حوالي ڪئي.

19. منھنجو مطلب آھي تہ خدا مسيح سان گڏجي ھڪ ٿي ڪري سڀني ماڻھن کي پاڻ سان ملايو. سندن ڏوھن جو ڪو حساب نہ ڪيائين ۽ ميل ميلاپ جو پيغام اسان کي ڏيئي ڇڏيائين.

20. تنھنڪري اسين مسيح جي پاران ايلچي آھيون، ڄڻ تہ خدا اسان جي وسيلي گھُر ٿو ڪري. سو اسين مسيح جي پاران اوھان کي منٿ ٿا ڪريون تہ خدا سان صلح ڪريو.

21. مسيح گناھہ کان واقف نہ ھو، پوءِ بہ خدا کيس اسان جي بدلي گناھہ جي قرباني ٺھرايو، تہ جيئن مسيح سان گڏجي ھڪ ھئڻ ڪري اسان مان خدا جي سچائي ظاھر ٿئي.