بابن

  1. 1
  2. 2
  3. 3
  4. 4
  5. 5
  6. 6
  7. 7
  8. 8
  9. 9
  10. 10
  11. 11
  12. 12
  13. 13
  14. 14
  15. 15
  16. 16
  17. 17
  18. 18
  19. 19
  20. 20
  21. 21
  22. 22
  23. 23
  24. 24

نئين عهد نامي

لوقا 17 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

گناھہ

1. عيسيٰ پنھنجن شاگردن کي چيو تہ ”گناھہ ڏانھن ڌتارجڻ جا سبب تہ اڻٽر آھن، پر مصيبت آھي انھيءَ لاءِ، جنھن جي ھٿان اھڙا سبب پيدا ٿين ٿا.

2. ھنن ننڍڙن مان ڪنھن بہ ھڪ کي جيڪو گناھہ ڏانھن ڌُتاري ٿو، تنھن لاءِ چڱو ائين ٿيندو تہ پنھنجي ڳچيءَ ۾ جنڊ جو پُڙ وجھي سمنڊ ۾ ٽپو ڏيئي ٻڏي مري.

3. ياد رکو تہ جيڪڏھن اوھان جو ڪو ڀاءُ ڀيڻ اوھان جو گناھہ ڪري تہ کيس ھدايت ڪريو ۽ جيڪڏھن ھو توبھہ ڪري تہ بخشوس.

4. جيڪڏھن ھو ڏينھن ۾ ست دفعا اوھان جو گناھہ ڪري ۽ اوھان وٽ اچي ست دفعا چوي تہ ’آءٌ توبھہ ٿو ڪريان‘ تہ اوھان کي کيس بخشڻ کپي.“

ايمان

5. عيسيٰ کي رسولن چيو تہ ”اي خداوند! اسان جو ايمان وڌاءِ.“

6. خداوند چين تہ ”جيڪڏھن اوھان ۾ سرنھن جي داڻي جيترو بہ ايمان ھوندو تہ اوھين توت جي وڻ کي چئي سگھو ٿا تہ ’اتان پاڙؤن نڪري وڃي سمنڊ ۾ لڳ،‘ تہ اھو بہ اوھان جي مڃيندو.“

غلام جو فرض

7. ”فرض ڪريو تہ اوھان وٽ ڪو غلام آھي. ھو ھر ڪاھي يا رڍن جو ڌڻ چاري ٻنيءَ تان اچي، تہ ڇا اوھين کيس ھيئن چوندا تہ ’جلدي اچ ۽ ويھي ماني کاءُ‘؟

8. بلڪل نہ، اٽلندو اوھين کيس ھيئن چوندا تہ ’منھنجي رات جي ماني تيار ڪر. جيستائين آءٌ کائي پي بس نہ ڪريان تيستائين کڙوتڙو بيٺو رھج ۽ پوءِ وڃي تون کائجانءِ ۽ پيئجانءِ.‘

9. غلام جيڪي ڪم ڪيو، تنھن لاءِ اوھين ان جا ٿورا مڃيندا ڇا؟

10. ساڳيءَ طرح اوھان کي بہ جن ڪمن لاءِ حڪم ڪيل آھي، جڏھن اھي پورا ڪريو تڏھن چئو تہ ’اسين تہ خسيس غلام آھيون، جيڪو اسان تي ڪرڻ فرض ھو، سو ئي اسان ڪيو.‘“

ڏھن ڪوڙھہ جھڙي مرض وارن کي شفا ڏيڻ

11. جيئن عيسيٰ يروشلم ڏانھن وڃي رھيو ھو تہ رستي ۾ سامريہ ۽ گليل جي وچان لنگھيو.

12. جڏھن ھڪڙي ڳوٺ ۾ وڃڻ تي ھو تہ ڏھہ ڪوڙھہ جھڙي مرض وارا اچي گڏيس. انھن ڪجھہ پرڀرو بيھي

13. وڏي واڪي چيس تہ ”اي عيسيٰ! اي سائين! اسان تي رحم ڪريو.“

14. ھنن کي ڏسي چيائين تہ ”وڃو ۽ ڪاھنن کي وڃي پاڻ ڏيکاريو.“ سو جيئن ئي ھو وڃن پيا تہ رستي تي ويندي ويندي پاڪ صاف ٿي پيا.

15. جڏھن انھن مان ھڪڙي ڏٺو تہ ’آءٌ چڱو ڀلو ٿي پيو آھيان،‘ تڏھن وڏي آواز سان خدا جي واکاڻ ڪندي موٽيو.

16. ھو عيسيٰ جي پيرن تي منھن ڀر ڪري سندس ٿورا مڃڻ لڳو. اھو موٽڻ وارو سامري ماڻھو ھو.

17. تنھن تي عيسيٰ پڇيو تہ ”ڏھہ ئي ڇٽي پاڪ صاف نہ ٿيا آھن ڇا؟ تہ پوءِ باقي نوَ ڪٿي آھن؟

18. ڇا ھن ڌارئي کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونہ موٽيو، جو اچي خدا جي واکاڻ ڪري؟“

19. پوءِ ھن کي چيائين تہ ”اٿي ۽ وڃ، تنھنجي ايمان تو کي چڱو ڀلو ڪيو آھي.“

خدا جي بادشاھت جي اچڻ بابت

20. ڪن فريسين عيسيٰ کان پڇيو تہ ”خدا جي بادشاھت ڪڏھن ايندي؟“ ھن ورنديءَ ۾ چين تہ ”خدا جي بادشاھت ايندي ڪنھن کي ڏسڻ ۾ نہ ٿي اچي.

21. ڪوبہ ائين نہ چوندو تہ ’اِجھا، ھيڏانھن‘ يا ’ھوڏانھن آھي.‘ حقيقت ۾ خدا جي بادشاھت اوھان ۾ ئي آھي.“

22. ھن شاگردن کي چيو تہ ”ڪو وقت ايندو جو اوھين ابن⁠آدم جي ڏينھن مان ھڪڙي ڏينھن جي ڏسڻ لاءِ پيا سڪندا، پر اوھين نہ ڏسندا.

23. ماڻھو اوھان کي چوندا تہ ’ڏسو، اِجھو ھيڏانھن، اجھو ھوڏانھن،‘ پر متان وڃو يا انھن جي پٺيان ڊوڙو.

24. ڇالاءِ⁠جو جيئن کنوڻ آسمان ۾ ھڪڙي طرف کنوندي آھي ۽ چمڪاٽ ٻئي طرف ڪندي آھي، تيئن ابن⁠آدم بہ پنھنجي ڏينھن ۾ ائين ظاھر ٿيندو.

25. پر پھريائين ھن کي ڪيتريون ئي سختيون سھڻيون پونديون ۽ ھن زماني جي ماڻھن کان رد ڪيو ويندو.

26. جيئن نوح جي زماني ۾ ٿيو تيئن ابن⁠آدم جي ڏينھن ۾ بہ ٿيندو.

27. تيستائين اھي کائيندا، پيئندا رھيا ۽ شاديون ڪندا ۽ ڪرائيندا رھيا، جيستائين اھو ڏينھن ٿيو جو نوح ٻيڙي ۾ گھڙيو. پوءِ ٻوڏ آئي ۽ سڀني کي ناس ڪري ڇڏيائين.

28. ساڳيءَ طرح لوط جي ڏينھن ۾ بہ ٿيو، اھي کائيندا پيئندا، وڻج واپار ڪندا، پوکيندا ۽ اڏيندا رھيا.

29. پر جنھن ڏينھن لوط سدوم شھر کان نڪري ٻاھر ٿيو ھو، تنھن ڏينھن آسمان مان باھہ ۽ گندرف جو مينھن اچي وٺو ھو ۽ انھن سڀني کي ناس ڪري ڇڏيو ھئائين.

30. سو بلڪل ائين ئي ٿيندو جنھن ڏينھن ابن⁠آدم ظاھر ٿيندو.

31. انھيءَ ڏينھن جيڪڏھن ڪو ماڻھو ڪوٺي تي آھي تہ ھن کي پاڻ سان ڪا شيءِ کڻي نڪرڻ لاءِ لھي گھر ۾ وڃڻ نہ کپي ۽ ساڳيءَ ريت جيڪڏھن ڪو ٻنيءَ ۾ آھي تہ گھر ڏانھن موٽڻ نہ گھرجيس.

32. لوط جي زال واري ڳالھہ ياد رکجو.

33. جيڪوبہ پنھنجي جان بچائڻ جي ڪوشش ڪندو سو اھا وڃائيندو، پر جيڪو وڃائيندو سو ئي اھا بچائيندو.

34. آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ انھيءَ رات ٻہ ماڻھو گڏ ھڪ بستري تي ستل ھوندا تہ ھڪڙو کنيو ويندو ۽ ٻئي کي ڇڏيو ويندو.

35. ٻہ عورتون گڏ ويٺيون جنڊ پيھنديون ھونديون، تہ ھڪڙي کنئين ويندي، ٻيءَ کي ڇڏيو ويندو.

36. ٻنيءَ ۾ ٻہ ماڻھو ھوندا تہ ھڪڙو کنيو ويندو ۽ ٻئي کي ڇڏيو ويندو.“

37. شاگردن پڇيس تہ ”اي خداوند! ڪٿي؟“ عيسيٰ وراڻين تہ ”جتي ڍونڍ ھوندو تہ ڳجھون بہ اتي ئي اچي مڙنديون.“