بابن

  1. 1
  2. 2
  3. 3
  4. 4
  5. 5
  6. 6
  7. 7
  8. 8
  9. 9
  10. 10
  11. 11
  12. 12
  13. 13
  14. 14
  15. 15
  16. 16
  17. 17
  18. 18
  19. 19
  20. 20
  21. 21
  22. 22
  23. 23
  24. 24

نئين عهد نامي

لوقا 19 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

عيسيٰ ۽ زڪئي

1. عيسيٰ يريحو شھر ۾ داخل ٿي ان مان لنگھي رھيو ھو.

2. اتي زڪئي نالي ھڪ ماڻھو رھندو ھو، جيڪو محصول اڳاڙيندڙن جو عملدار ۽ شاھوڪار بہ ھو.

3. ھن جي مرضي ھئي تہ ”ڏسان تہ عيسيٰ ڪھڙو آھي.“ پر ميڙ جي ڪري ڏسي نہ ٿي سگھيو، ڇوتہ ھن جو قد ننڍو ھو.

4. تنھنڪري ھو اڳڀرو ڊوڙي وڃي ھڪڙي انجير جي وڻ تي چڙھي ويٺو، ڇالاءِ⁠جو عيسيٰ انھيءَ رستي تان لنگھڻو ھو.

5. جڏھن عيسيٰ انھيءَ جاءِ تي آيو، تڏھن مٿي نھاري چيائين تہ ”اي زڪئي! ھڪدم ھيٺ لھي اچ، ڇالاءِ⁠جو اڄ مون کي تنھنجي گھر ٽڪڻو آھي.“

6. ھو جلدي ھيٺ لھي آيو ۽ عيسيٰ کي خوشيءَ سان پنھنجي گھر وٺي ويو.

7. اھو ڏسي سڀيئي سس⁠پس ڪرڻ لڳا تہ ”ڏسو، ھو ھڪڙي گنھگار جي گھر ٽڪيو آھي.“

8. زڪئي اٿي بيٺو ۽ خداوند کي چيائين تہ ”ڏسو، اي خداوند! آءٌ پنھنجي ملڪيت جو اڌ غريبن کي ٿو ڏيان ۽ جيڪڏھن مون ڪنھن کي ٺڳيو آھي تہ آءٌ کيس چئوڻا ڪري موٽائي ڏيندس.“

9. عيسيٰ ھن کي چيو تہ ”اڄ ھن گھر ۾ ڇوٽڪارو آيو آھي، ڇالاءِ⁠جو ھي بہ ابراھيم جو اولاد آھي.

10. ابن⁠آدم انھن کي ڳولڻ ۽ بچائڻ آيو آھي جيڪي گمراھہ ٿي ويا آھن.“

سونن سڪن جو مثال

11. جڏھن ماڻھن ھي ڳالھيون پئي ٻڌيون تہ عيسيٰ انھن کي ھڪڙو مثال ٻڌايو. جيئن تہ ھو يروشلم ۾ پھچڻ تي ھو، سو ھو ائين سمجھن پيا تہ اِجھا ٿي خدا جي بادشاھت ظاھر ٿئي.

12. عيسيٰ چيو تہ ”ھڪڙو امير ڪنھن ڏورانھين ملڪ ڏانھن روانو ٿيو تہ جيئن اتان بادشاھت جو اختيار وٺي پوءِ وطن وري.

13. ھن پنھنجن نوڪرن مان ڏھن ڄڻن کي سڏي کين سون جو ھڪ ھڪ سڪو ڏنو ۽ چيائين تہ ’جيستائين آءٌ موٽي اچان تيستائين انھن سان واپار ھلايو.‘

14. پر ھن جي وطن جا ماڻھو ھن کان بيزار ھئا، تنھنڪري ھنن سندس پٺيان انھيءَ ملڪ ڏانھن پنھنجا ايلچي موڪليا تہ ’اسان جي مرضي نہ آھي تہ ھي ماڻھو اسان جي مٿان بادشاھي ڪري.‘

15. جڏھن ھو بادشاھت جو اختيار وٺي موٽي آيو تہ حڪم ڏنائين تہ ’انھن نوڪرن کي مون وٽ وٺي اچو، جن کي آءٌ پيسا ڏيئي ويو ھوس، ڏسان تہ واپار ڪري ڪيترو ڪمايو اٿن.‘

16. پھريون آيو ۽ چيائين تہ ’سائين! توھان جي ڏنل سوني سڪي ٻيا ڏھہ سونا سڪا ڪمايا آھن.‘

17. تنھن تي ھن چيس تہ ’شاباس، چڱا نوڪر، جيئن تہ تون ٿوري ۾ ايماندار آھين، تنھنڪري ھاڻي تون ڏھن شھرن جو مالڪ آھين.‘

18. ٻيو آيو ۽ چيائين تہ ’سائين! توھان جي ڏنل سوني سڪي پنج ٻيا سونا سڪا ڪمايا آھن.‘

19. ھن ان کي بہ چيو تہ ’ھاڻي تون پنجن شھرن جو حاڪم آھين.‘

20. ٻيو ھڪڙو آيو ۽ چيائين تہ ’سائين! اِجھو، ھي آھي اوھان جو سونو سڪو. مون رومال ۾ اھو ٻڌي سنڀالي رکيو آھي،

21. ڇاڪاڻ⁠تہ مون کي اوھان کان ڊپ ٿيو جو اوھين سخت ماڻھو آھيو. جيڪي توھان جمع نہ ڪيو آھي سو کڻو ٿا ۽ جيڪي اوھان نہ پوکيو آھي سو لڻو ٿا.‘

22. ھن چيس تہ ’اي بڇڙا نوڪر! تنھنجي ئي واتان آءٌ تو کي ڏوھي بڻائيندس. جڏھن تو کي خبر بہ ھئي تہ آءٌ سخت ماڻھو آھيان ۽ جيڪي جمع ڪين ڪيو اٿم سو پيو کڻان ۽ جيڪي پوکيو ئي نہ اٿم سو پيو لڻان،

23. تہ پوءِ تو منھنجا پيسا ڇو ڪين سيڙايا، تہ جڏھن آءٌ موٽي اچان ھا تہ تو کان منافعي سميت اچي وٺان ھا؟‘

24. پوءِ جيڪي اتي بيٺا ھئا تن کي چيائين تہ ’ھن کان اھو ھڪڙو سونو سڪو بہ کسي ڏھن سونن سڪن واري نوڪر کي ڏيو.‘

25. تڏھن ھنن چيس تہ ’سائين! ھن وٽ اڳي ئي ڏھہ سونا سڪا آھن.‘

26. انھن کي چيائين تہ ’آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ جنھن ڪجھہ ڪمايو آھي، تنھن کي وڌيڪ ڏنو ويندو. پر جنھن ڪجھہ بہ نہ ڪمايو آھي، تنھن کان اھو بہ کسيو ويندو جيڪو وٽس آھي.

27. ٻيو تہ منھنجا اھي دشمن جن جي مرضي نہ ھئي تہ آءٌ مٿن بادشاھي ڪريان، تن کي ھتي وٺي اچو تہ کين منھنجي اڳيان قتل ڪيو وڃي.‘“

يروشلم ۾ شان سان داخل ٿيڻ

28. جڏھن عيسيٰ ھي چئي چڪو، تڏھن ھو اڳتي وڌندو يروشلم ڏانھن وڃڻ لڳو.

29. جڏھن ھو زيتون واري ٽڪر وٽ بيت⁠فگاہ ۽ بيت⁠عنياہ ڳوٺن جي ويجھو آيو تہ ھن ٻن شاگردن کي ھي ھدايتون ڏيئي اڳواٽ موڪليو تہ

30. ”اڳئين ڳوٺ ۾ وڃو ۽ جيئن اوھين ان ۾ گھڙندا تہ ھڪ کودڙو ٻڌل ڏسندا، جنھن تي اڃا تائين ڪنھن بہ ماڻھوءَ سواري نہ ڪئي آھي. ان کي ڇوڙي ھتي ڪاھي اچو.

31. جيڪڏھن ڪو اوھان کان کڻي پڇي تہ ’ان کي ڇو ٿا ڇوڙيو،‘ تہ اوھين چئجوس تہ ’سائينءَ کي انھيءَ جي ضرورت آھي.‘“

32. سو اھي پنھنجو رستو وٺي ويا ۽ جيئن عيسيٰ چيو ھون تيئن ئي ڏٺائون.

33. جيئن ئي کودڙو ڇوڙين پيا تہ ان جي مالڪ کين چيو تہ ”اوھين ھن کي ڇو ٿا ڇوڙيو؟“

34. ھنن ورندي ڏني تہ ”سائينءَ کي انھيءَ جي ضرورت آھي.“

35. پوءِ کودڙي کي عيسيٰ وٽ ڪاھي آيا ۽ ان جي مٿان پنھنجا ڪپڙا وجھي عيسيٰ کي ان تي سوار ڪيائون.

36. جڏھن ھو ھلڻ لڳو، تڏھن ھنن پنھنجا ڪپڙا کڻي رستي تي وڇايا.

37. جڏھن ھو يروشلم جي ويجھو زيتون جي ٽڪر جي لاھيءَ وٽ پھتو تہ شاگردن جو سڄو ميڙ خوشيءَ ۾ ڀرجي خدا جي واکاڻ ڪرڻ لڳو، ڇاڪاڻ⁠تہ انھن سندس عجيب قوت جا معجزا ڏٺا ھئا. سو وڏي آواز سان چوڻ لڳا تہ

38. ”سڳورو آھي اھو بادشاھہ، جو خداوند جي نالي سان ٿو اچي،بيشڪ آسمان منجھہ سلامتي آھي ۽ عرش عظيم تي شان وارو خدا آھي.“

39. انھيءَ ميڙ مان ڪن فريسين چيس تہ ”اي استاد! پنھنجن شاگردن کي جھليو.“

40. عيسيٰ کين چيو تہ ”جيڪڏھن ھنن ماٺ ڪئي تہ خود پٿر وٺي پڪاريندا.“

عيسيٰ جو يروشلم لاءِ روئڻ

41. جڏھن عيسيٰ يروشلم جي ويجھو ٿيو تہ شھر کي ڏسي مٿس رنائين،

42. ۽ چيائين تہ ”جيڪر تون رڳو اڄوڪي ڏينھن امن واريون ڳالھيون ڄاڻين ھا، پر ھاڻي تہ اھي تنھنجين اکين کان لڪل آھن.

43. ڇوتہ اھي ڏينھن تو تي اچي ڪڙڪندا، جڏھن تنھنجا دشمن تنھنجي چوڌاري مورچا ٻڌي تو کي وڪوڙيندا ۽ چوطرف تو کي سوڙھو گھٽيندا.

44. اھي تو کي ۽ تنھنجي ٻارن کي جيڪي تو ۾ آھن، جھلي پٽ تي ھڻندا ۽ تنھنجي سِر سِر سان نہ ملندي، ڇالاءِ⁠جو تو ان وقت کي نہ سڃاتو، جڏھن خدا تو کي بچائڻ لاءِ آيو.“

عيسيٰ جو ھيڪل ۾ وڃڻ

45. عيسيٰ ھيڪل ۾ ويو ۽ اتي جيڪي واپار پيا ڪن تن کي ھڪالي ڪڍڻ لڳو

46. ۽ چيائين تہ ”اھو لکيل آھي تہ ’منھنجو گھر عبادت جو گھر ٿيندو،‘ پر اوھان ان کي ڌاڙيلن جي پاٿاري بڻايو آھي.“

47. عيسيٰ ھر روز ھيڪل ۾ وڃي تعليم ڏيندو ھو. سردار ڪاھنن، شريعت جي عالمن ۽ بني اسرائيل جي بزرگن وجھہ پئي ڳوليو تہ ”ڪھڙيءَ طرح ھن کي ماري کپائي ڇڏيون.“

48. پر وس ڪونہ ٿي پُڳن، ڇاڪاڻ⁠تہ ماڻھو ھن جون ڳالھيون ٻڌڻ لاءِ آتا ھئا.