بابن

  1. 1
  2. 2
  3. 3
  4. 4
  5. 5
  6. 6
  7. 7
  8. 8
  9. 9
  10. 10
  11. 11
  12. 12
  13. 13
  14. 14
  15. 15
  16. 16
  17. 17
  18. 18
  19. 19
  20. 20
  21. 21
  22. 22
  23. 23
  24. 24

نئين عهد نامي

لوقا 7 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

فوجي صوبيدار جي نوڪر کي شفا ڏيڻ

1. جڏھن عيسيٰ ماڻھن کي پنھنجون سڀ ڳالھيون ٻڌائي چڪو، تڏھن ڪفرناحوم شھر ۾ آيو،

2. جتي ھڪڙي فوجي صوبيدار جو نوڪر بيمار ھو ۽ مرڻ تي ھو. نوڪر ھن کي ڏاڍو پيارو ھو.

3. سو جڏھن ھن عيسيٰ بابت ٻڌو تڏھن يھودين جي چڱن مڙسن کي عيسيٰ ڏانھن موڪليائين تہ ھو اچي سندس نوڪر کي بچائي.

4. اھي عيسيٰ وٽ آيا ۽ ڏاڍيون آزيون نيزاريون ڪري عرض ڪيائون تہ ”اھو ماڻھو مدد جي لائق آھي،

5. سو ان لاءِ ھيءَ مھرباني ڪريو. ھو اسان جي قوم جو گھڻگھرو آھي ۽ ھن اسان کي عبادت⁠خانو ٺھرائي ڏنو آھي.“

6. عيسيٰ انھن ماڻھن سان گڏجي ھليو. اڃا صوبيدار جي گھر جي ويجھو ئي مس پھتو تہ ھن کيس پنھنجن ماڻھن ھٿان چوائي موڪليو تہ ”اي سائين! تڪليف نہ ڪريو، آءٌ انھن ڳُڻن لائق نہ آھيان جو اوھين منھنجي جھوپڙيءَ ۾ اچو،

7. نڪي مون پاڻ کي لائق سمجھيو جو اوھان وٽ اچان. پر اوھين کڻي رڳو حڪم ڪريو تہ منھنجو نوڪر ڇٽي چڱو ڀلو ٿيندو.

8. آءٌ پڻ ٻين جو زيردست آھيان ۽ منھنجي ھيٺان بہ سپاھي آھن. جيڪڏھن ڪنھن کي چوان ’وڃ‘ تہ ھو ويندو ۽ ڪنھن کي چوان ’اچ‘ تہ ھو ايندو ۽ جي پنھنجي نوڪر کي چوان تہ ’ھي ڪم ڪر‘ تہ ھو ڪندو.“

9. عيسيٰ اھو ٻڌي ھن تي عجب کائڻ لڳو ۽ جيڪي ماڻھو سندس پٺيان پئي آيا، تن ڏانھن منھن ورائي کين چيائين تہ ”مون ايڏو ايمان بني اسرائيل ۾ بہ ڪونہ ڏٺو.“

10. جڏھن صوبيدار جا ماڻھو گھر موٽي آيا تہ ڏٺائون تہ نوڪر بلڪل چاق ھو.

رن⁠زال جي پٽ کي جيئرو ڪرڻ

11. ان کان پوءِ عيسيٰ نائين نالي شھر ۾ ويو ۽ ھن سان گڏ شاگرد ۽ ھڪ وڏو ميڙ ھو.

12. جڏھن شھر جي دروازي جي ويجھو پھتو تہ ڏٺائين تہ ماڻھو ھڪڙي مُڙدي کي ٻاھر کنيو پئي ويا. اھو ماءُ جو اڪيلو پٽ ھو، جيڪا رن⁠زال ھئي. شھر جا ڪيترائي ماڻھو ان سان گڏ ھئا.

13. جڏھن خداوند ان رن⁠زال کي ڏٺو، تڏھن کيس مٿس ڪھل آئي، سو چيائينس تہ ”روءُ نہ.“

14. پوءِ پاڻ جنازي جي ويجھو اچي مٿس ھٿ رکي ڪانڌين کي بيھاريائين ۽ مُڙدي کي فرمايائين تہ ”اي جوان! آءٌ تو کي چوان ٿو تہ اٿ.“

15. تنھن تي اھو مُڙدو اٿي ويٺو ۽ ڳالھائڻ ٻولھائڻ لڳو. پوءِ ان ڇوڪر کي سندس ماءُ جي حوالي ڪيائين.

16. انھيءَ تي سڀني ۾ ڏھڪاءُ پئجي ويو ۽ خدا جي واکاڻ ڪري چوڻ لڳا تہ ”اسان ۾ ھڪڙو وڏو نبي ظاھر ٿيو آھي. خدا پنھنجي قوم تي ٻاجھہ ڪئي آھي.“

17. اھا ڳالھہ سڄي يھوديہ ۽ ڀر واري سموري علائقي ۾ چوطرف ھُلي ويئي.

يحيٰ جا قاصد

18. اھي سڀ ڳالھيون يحيٰ کي سندس شاگردن وڃي ٻڌايون. تنھن تي يحيٰ پنھنجن شاگردن مان ٻن کي گھرايو.

19. انھن ھٿان خداوند ڏانھن چوائي موڪليائين تہ ”جيڪو اچڻ وارو آھي، سو اوھين ئي آھيو يا اسين ڪنھن ٻئي جو انتظار ڪريون؟“

20. اھي ماڻھو عيسيٰ وٽ آيا ۽ چيائون تہ ”يحيٰ بپتسما ڏيڻ واري اسان کي توھان ڏانھن اھو پڇڻ لاءِ موڪليو آھي تہ جيڪو اچڻ وارو آھي، اھو اوھين آھيو يا اسين ڪنھن ٻئي جو انتظار ڪريون؟“

21. انھيءَ گھڙيءَ عيسيٰ گھڻن کي مرضن، آفتن ۽ ڀوتن کان ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو ۽ ڪيترن ئي انڌن کي سڄو ڪيائين.

22. عيسيٰ چين تہ ”جيڪي ڪجھہ اوھان ڏٺو ۽ ٻڌو آھي، سو يحيٰ کي وڃي ٻڌايو تہ انڌا ڏسن ٿا، منڊا ھلن ٿا، ڪوڙھہ جھڙي مرض وارا پاڪ صاف ٿين پيا، ٻوڙا ٻڌن ٿا، مُڙدا جيئرا ٿين ٿا ۽ غريبن کي خوشخبري ٻڌائي وڃي ٿي.

23. سڀاڳو آھي اھو جنھن کي مون بابت ڪوبہ شڪ نہ آھي.“

24. جڏھن يحيٰ جا قاصد موٽي ويا، تڏھن عيسيٰ ميڙن کي يحيٰ بابت چوڻ لڳو تہ ”اوھين رڻ⁠پٽ ۾ ڇا ڏسڻ ويا ھئا؟ ڇا ڀلا واءُ سان لڏندڙ ڪاني کي؟

25. پر آخر ٻاھر ڇا ڏسڻ ويا؟ ڀلا سٺن ڪپڙن پاتل ماڻھوءَ کي؟ جيڪي سٺا ڪپڙا پائين ٿا ۽ عيش ۽ مزي ۾ گذارين ٿا سي بادشاھي محلن ۾ ھوندا آھن.

26. پر ڀلا ڇا ڏسڻ ويا؟ ڇا ھڪ نبيءَ کي؟ ھا تہ پوءِ ٻڌو، آءٌ اوھان کي ٻڌايان تہ نبيءَ کان بہ وڏي کي.

27. يحيٰ اھو آھي جنھن بابت لکيل آھي تہ ’ڏس، آءٌ پنھنجي پيغمبر کي تو کان اڳ ۾ موڪليان ٿو، تہ ھو تنھنجو رستو تو لاءِ تيار ڪري.‘

28. آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ جيڪي⁠بہ ماءُ جي پيٽان نڪتا آھن، انھن ۾ يحيٰ کان ڪوبہ وڏو نہ آھي. تنھن ھوندي بہ خدا جي بادشاھت ۾ جيڪو سڀني کان ننڍو آھي سو يحيٰ کان وڏو آھي.“

29. سڀني ماڻھن اھو ٻڌو. جڏھن تہ انھن مان عام ماڻھن ۽ محصول اڳاڙيندڙن يحيٰ کان بپتسما وٺي خدا کي سچار ڪري مڃيو ھو.

30. پر فريسين ۽ شريعت جي عالمن يحيٰ کان بپتسما نہ وٺندي پنھنجي طرفان خدا جي ارادي کي رد ڪيو.

31. پوءِ عيسيٰ چيو تہ ”ھن زماني جي ماڻھن کي آءٌ ڪنھن سان ڀيٽيان تہ اھي ڪنھن وانگر آھن؟

32. اھي تہ انھن ٻارن وانگر آھن، جيڪي بازارن ۾ ويھي ھڪٻئي کي سڏ ڪري چون ٿا تہ ’اسان اوھان لاءِ شرناءِ وڄائي پر اوھين نچيا ئي ڪين.‘ ’اسان سوڳ ڪيو پر اوھين رنا ئي ڪين.‘

33. ڇاڪاڻ⁠تہ يحيٰ بپتسما ڏيڻ وارو نہ ماني کائيندو ۽ نہ مئي پيئندو آيو آھي ۽ اوھين چئو ٿا تہ ’ھن کي ڀوت آھي.‘

34. پر ابن⁠آدم کائيندو پيئندو آيو آھي ۽ اوھين چئو ٿا تہ ’ڏسو، ھي پيٽو ۽ شرابي آھي ۽ محصول اڳاڙيندڙن ۽ گنھگارن جو ساٿي آھي.‘

35. پر خدا جي حڪمت سياڻن مان ئي سچي ثابت ٿي ٿئي پيئي.“

گنھگار عورت جا گناھہ بخشڻ

36. ان کان پوءِ فريسين مان ھڪڙي عيسيٰ کي عرض ڪيو تہ ”مون وٽ ھلي دعوت کائو.“ تڏھن ھو فريسيءَ جي گھر ويو ۽ کائڻ ويٺو.

37. انھيءَ شھر ۾ ھڪڙي گنھگار عورت رھندي ھئي. تنھن کي جڏھن اھا خبر پيئي تہ عيسيٰ ھڪڙي فريسيءَ جي گھر ماني ويٺو کائي، تڏھن ھوءَ سنگمرمر جي عطردانيءَ ۾ عطر کڻي آئي،

38. ۽ عيسيٰ جي پيرن وٽ پٺيان بيھي پنھنجن ڳوڙھن سان عيسيٰ جا پير آلا ڪيائين ۽ پنھنجن وارن سان انھن کي اُگھيائين ۽ سندس پير چمي انھن تي عطر مکيائين.

39. تنھن تي فريسي، جنھن عيسيٰ جي دعوت ڪئي ھئي سو ھي ڏسي پنھنجي دل ۾ چوڻ لڳو تہ ”جيڪڏھن ھي شخص نبي ھجي ھا تہ جيڪر سڃاڻي وٺي ھا تہ ھيءَ عورت جيڪا کيس ھٿ ٿي لائي سا ڪھڙي قسم جي آھي، ڇالاءِ⁠جو ھوءَ تہ گنھگار آھي!“

40. تنھن تي عيسيٰ کيس چيو تہ ”اي شمعون! تو کي ڪجھہ چوڻو اٿم.“ شمعون چيو تہ ”اي استاد! بيشڪ چئو.“

41. تنھن تي عيسيٰ چيو تہ ”ھڪڙي لھڻيدار جا ٻہ قرضدار ھئا. ھڪڙي ڏانھن پنج ⁠سؤ چانديءَ جا سڪا ھئس ۽ ٻئي ڏانھن پنجاھہ.

42. پر انھن وٽ ڪجھہ بہ ڪونہ ھو جو کڻي ان کي واپس ڪن، تنھنڪري ٻنھي کي بخشي ڇڏيائين. ھاڻي انھن ٻنھي مان کيس گھڻو پيار ڪير ڪندو؟“

43. شمعون وراڻي ڏيئي چيو تہ ”آءٌ ڀانئيان ٿو تہ جنھن کي گھڻو بخش ڪيائين، اھو.“ تڏھن عيسيٰ چيو تہ ”تو صحيح جواب ڏنو.“

44. پوءِ انھيءَ عورت ڏانھن منھن ڪري شمعون کي چيائين تہ ”ھن عورت کي ڏسين ٿو؟ آءٌ تنھنجي گھر آيس تہ تو مون کي پيرن ڌوئڻ لاءِ پاڻي بہ نہ ڏنو، پر ھن منھنجا پير پنھنجن ڳوڙھن سان ڌوتا ۽ پنھنجن وارن سان اُگھيا آھن.

45. تو مون کي چميو بہ ڪين، پر جيئن آءٌ آيو آھيان تہ ھن منھنجي پيرن کي چمڻ کان بس ئي ڪين ڪئي آھي.

46. تو منھنجي مٿي کي تيل نہ مکيو پر ھن تہ منھنجي پيرن کي عطر مکيو آھي.

47. انھيءَ ڪري آءٌ تو کي ٻڌايان ٿو تہ ھن جا گناھہ، جيڪي گھڻا ھئا بخشيا ويا آھن، تنھنڪري ھن گھڻو پيار ڪيو آھي. پر جنھن جا گناھہ ٿورا ھئا جيڪي بخشيا ويا، سو ٿورو پيار ٿو ڪري.“

48. پوءِ انھيءَ عورت کي چيائين تہ ”تنھنجا گناھہ بخشيا ويا.“

49. تڏھن جن عيسيٰ سان گڏ دسترخوان تي ويٺي کاڌو سي پنھنجيءَ دل ۾ چوڻ لڳا تہ ”ھيءُ ڪير آھي جو گناھہ بہ بخشي ٿو؟“

50. پر عيسيٰ انھيءَ عورت کي چيو تہ ”تنھنجي ايمان تو کي بچايو آھي، دلجاءِ سان ھلي وڃ.“