1. تنھنڪري جڏھن تہ اوھين مسيح سان گڏ جياريا ويا آھيو، تڏھن انھن شين جي ڳولا ۾ رھو جيڪي آسمان ۾ آھن، جتي مسيح خدا جي ساڄي پاسي ويٺو آھي.
2. اوھين انھن شين سان دل لڳايو جيڪي آسمان ۾ آھن، نہ انھن سان جيڪي زمين تي آھن،
3. ڇالاءِجو اوھين مري ويا آھيو ۽ اوھان جي زندگي ھاڻي مسيح سان گڏ خدا جي حضور ۾ لڪل آھي.
4. جڏھن مسيح، جيڪو اوھان جي زندگي آھي، سو ظاھر ٿيندو تڏھن اوھين بہ ساڻس گڏ جلوي ۾ ظاھر ٿي پوندا.
5. تنھنڪري اوھين پنھنجين انھن عادتن کي ماري ڇڏيو جيڪي زمين تي آھن، يعني زناڪاري، ناپاڪي، شھوتپرستي، بريون خواھشون ۽ لالچ، جيڪا بتپرستيءَ جي برابر آھي.
6. ڇالاءِجو انھن ڳالھين جي ڪري نافرمانن تي خدا جو غضب نازل ٿئي ٿو.
7. اڳي اوھان ۾ بہ اھڙيون خواھشون ھيون، جڏھن اوھين انھن موجب زندگي گذاريندا ھئا.