بابن

  1. 1
  2. 2
  3. 3
  4. 4

نئين عهد نامي

ڪلسين 3 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

پراڻي ۽ نئين زندگي

1. تنھنڪري جڏھن تہ اوھين مسيح سان گڏ جياريا ويا آھيو، تڏھن انھن شين جي ڳولا ۾ رھو جيڪي آسمان ۾ آھن، جتي مسيح خدا جي ساڄي پاسي ويٺو آھي.

2. اوھين انھن شين سان دل لڳايو جيڪي آسمان ۾ آھن، نہ انھن سان جيڪي زمين تي آھن،

3. ڇالاءِ⁠جو اوھين مري ويا آھيو ۽ اوھان جي زندگي ھاڻي مسيح سان گڏ خدا جي حضور ۾ لڪل آھي.

4. جڏھن مسيح، جيڪو اوھان جي زندگي آھي، سو ظاھر ٿيندو تڏھن اوھين بہ ساڻس گڏ جلوي ۾ ظاھر ٿي پوندا.

5. تنھنڪري اوھين پنھنجين انھن عادتن کي ماري ڇڏيو جيڪي زمين تي آھن، يعني زناڪاري، ناپاڪي، شھوت⁠پرستي، بريون خواھشون ۽ لالچ، جيڪا بت⁠پرستيءَ جي برابر آھي.

6. ڇالاءِ⁠جو انھن ڳالھين جي ڪري نافرمانن تي خدا جو غضب نازل ٿئي ٿو.

7. اڳي اوھان ۾ بہ اھڙيون خواھشون ھيون، جڏھن اوھين انھن موجب زندگي گذاريندا ھئا.

8. پر ھاڻي اوھين اھڙيون سڀ ڳالھيون يعني ڪاوڙ، غضب، بدخواھي، گلا ۽ گاريون ڏيڻ ڇڏي ڏيو.

9. ھڪ ٻئي سان ڪوڙ نہ ڳالھايو، ڇوتہ اوھان پراڻي انسانيت کي سندس عادتن سميت لاھي ڇڏيو آھي،

10. ۽ نئين انسانيت کي پھري ڇڏيو آھي، جيڪا خدا جي پوري ڄاڻ سان پنھنجي خالق جي صورت موافق نئين ٿيندي ٿي وڃي.

11. اتي نہ ڪو يوناني آھي نہ يھودي، نہ ڪو طھريل آھي نہ اڻ⁠طھريل، نہ ڪو جھنگلي آھي نہ وحشي، نہ ڪو غلام آھي نہ آزاد، پر مسيح ئي سڀ ڪجھہ آھي ۽ اوھان سڀني ۾ آھي.

12. تنھنڪري جيئن خدا جا چونڊيل، پاڪ ۽ پيارا آھيو، تيئن رحمدليءَ، مھربانيءَ، نِوڙت، حليمائيءَ ۽ صبر کي پوشاڪ وانگر پھري ڇڏيو.

13. جيڪڏھن ڪنھن ماڻھوءَ جو ڪنھن ڏانھن رنج ھجي تہ ھڪ ٻئي جي برداشت ڪريو ۽ ھڪ ٻئي کي معاف ڪريو. جيئن خداوند اوھان کي معاف ڪيو آھي تيئن اوھين بہ ڪريو.

14. انھن سڀني خوبين جي مٿان محبت کي ڪمربند وانگر ٻڌو، جيڪا انھن کي مڪمل طور ٻڌيءَ ۾ رکي ٿي.

15. مسيح جو اطمينان، جنھن لاءِ اوھين ھڪ بدن ڪري سڏيا ويا آھيو، سو شل اوھان جي دلين تي حڪومت ڪري ۽ اوھين شڪرگذار رھو.

16. مسيح جي ڪلام کي پاڻ ۾ جھجھي انداز ۾ رھڻ ڏيو ۽ پوريءَ سياڻپ سان ھڪ ٻئي کي تعليم ڏيو ۽ نصيحت ڪريو. ان سان گڏ دل سان خدا جي شڪرگذاري ڪندي زبور، گيت ۽ روحاني راڳ ڳايو.

17. اوھين جيڪي⁠بہ ڪريو، چوڻ يا ڪم ڪرڻ، سو سڀ خداوند عيسيٰ جي نالي تي ڪريو ۽ سندس ئي وسيلي خدا پيءُ جا شڪرانا بجاءِ آڻيو.

گھرو معاملن بابت

18. اي زالون! پنھنجن مڙسن جي تابعداريءَ ۾ رھو، ڇوتہ خداوند جون ھئڻ ڪري اوھان لاءِ اھو مناسب آھي.

19. اي مڙسؤ! پنھنجين زالن سان محبت رکو ۽ انھن تي سختي نہ ڪريو.

20. اي ٻارؤ! ھر ڳالھہ ۾ پنھنجي ماءُ⁠پيءُ جي فرمانبرداري ڪريو، ڇالاءِ⁠جو اھا ڳالھہ خداوند کي ڏاڍي پسند آھي.

21. اي پيئرؤ! پنھنجن ٻارن کي ڪڪ نہ ڪريو، متان ھو بي⁠ھمت ٿي پون.

22. اي غلامؤ! پنھنجي دنياوي مالڪن جا ھر ڳالھہ ۾ فرمانبردار رھو. ماڻھن کي خوش ڪندڙن وانگر ڏيکاءَ لاءِ نہ، پر صاف⁠دليءَ سان ۽ خداوند جو خوف رکندي سندن خدمت ڪريو.

23. جيڪي⁠بہ ڪريو سو دل سان ڪريو، ائين سمجھي تہ خداوند جي لاءِ ٿا ڪريو، نہ ماڻھن جي لاءِ.

24. ڇالاءِ⁠جو اوھين ڄاڻو ٿا تہ انھيءَ جي عيوض ۾ اوھان کي خداوند کان ميراث ملندي. اوھين خداوند مسيح جي خدمت ٿا ڪريو.

25. جيڪو برائي ڪري ٿو تنھن کي پنھنجي برائيءَ جو بدلو ملندو، ڇالاءِ⁠جو اتي ڪنھن جي بہ طرفداري ڪانہ ٿي ٿئي.