بابن

  1. 1
  2. 2
  3. 3
  4. 4

نئين عهد نامي

ڪلسين 4 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

1. اي مالڪؤ! پنھنجن غلامن سان عدل ۽ انصاف جي ھلت ڪريو، ڇالاءِ⁠جو اوھين ڄاڻو ٿا تہ اوھان جو بہ ھڪڙو مالڪ آھي جيڪو آسمان ۾ آھي.

وڌيڪ ھدايتون

2. دعا ۾ مشغول رھو ۽ شڪرگذاريءَ سان انھيءَ ۾ ھوشيار رھو.

3. انھيءَ سان گڏ اسان جي لاءِ بہ دعا گھرندا ڪريو تہ خدا اسان لاءِ ڪلام ٻڌائڻ جو دروازو کولي، تہ جيئن اسين مسيح جي انھيءَ راز کي بيان ڪري سگھون جنھن جي ڪري آءٌ قيد ۾ آھيان.

4. دعا ڪريو تہ انھيءَ کي صاف طور پڌرو ڪريان، جيئن مون کي ڪرڻ گھرجي.

5. ھرھڪ موقعي جو فائدو وٺندي جيڪي ڪليسيا کان ٻاھر آھن، تن سان سياڻپ سان ھلت ڪريو.

6. اوھان جي ڳالھہ ٻولھہ ھميشہ فضيلت واري ۽ سلوڻي ھئڻ کپي، تہ جيئن اوھان کي خبر پوي تہ ھرھڪ کي ڪيئن مناسب جواب ڏجي.

آخر ۾ دعا سلام

7. تُخِڪُس اوھان کي منھنجو سارو احوال ٻڌائيندو. ھو پيارو ڀاءُ، سچو خدمتگار ۽ خداوند جو ھئڻ ڪري اسان جو ھم⁠خدمت آھي.

8. ھن کي آءٌ انھيءَ مقصد لاءِ اوھان ڏانھن موڪلي رھيو آھيان تہ اوھين اسان جي حالتن بابت ڄاڻو ۽ ھو اوھان جي دلين کي ھمتائي.

9. ھن سان گڏ اُنيسمس کي بہ موڪلي رھيو آھيان. ھو اسان جو سچو ۽ پيارو ڀاءُ آھي ۽ اوھان مان ئي ھڪڙو آھي. اُھي اوھان کي ھتي جون سڀ ڳالھيون ٻڌائيندا.

10. ارسترخس، جيڪو مون سان گڏ قيد ۾ آھي، اوھان کي سلام چوي ٿو. مرقس بہ، جيڪو برنباس جو سوٽ آھي اوھان کي سلام چوي ٿو. ھن بابت اوھان کي ھدايتون ٿيل آھن تہ جيڪڏھن ھو اوھان وٽ اچي تہ سندس آڌرڀاءُ ڪجو.

11. يشوع جنھن کي يوستُس ڪري سڏيندا آھن، تنھن بہ اوھان کي سلام ڏنا آھن. يھودين مان رڳو ھي ٽي ماڻھو آھن، جن خدا جي بادشاھيءَ لاءِ مون سان گڏجي ڪم ڪيو آھي. اھي منھنجي گھڻي تسليءَ جو سبب پئي ٿيا آھن.

12. اِپفراس جيڪو اوھان مان ھڪڙو آھي ۽ عيسيٰ مسيح جو غلام آھي، سو اوھان کي سلام ٿو چوي. ھو اوھان جي لاءِ ھميشہ گرم⁠جوشيءَ سان دعا ٿو گھري، تہ جيئن اوھين ڪامل ٿي، پوري يقين سان ھرھڪ ڳالھہ ۾ خدا جي مرضيءَ تي قائم رھو.

13. آءٌ سندس شاھدي ٿو ڏيان تہ ھو اوھان جي ۽ انھن جي لاءِ، جيڪي لوديڪيا ۽ ھيراپلس ۾ آھن سخت محنت ٿو ڪري.

14. اسان جو پيارو دوست ڊاڪٽر لوقا ۽ ديماس اوھان کي سلام ٿا ڏين.

15. لوديڪيا شھر جي ڀائرن ۽ ڀينرن ۽ ڀيڻ نمفا ۽ سندس گھر ۾ جيڪا ڪليسيا آھي، تن کي منھنجا سلام ڏجو.

16. جڏھن ھي خط اوھين پڙھي وڃو، تڏھن انھيءَ کي لوديڪيا جي ڪليسيا ۾ بہ پڙھيو وڃي. وري جيڪو خط لوديڪيا ڏانھن موڪليو ويو آھي، اھو اوھين بہ پڙھجو.

17. ان کان سواءِ ارخپس کي چئجو تہ جيڪو ڪم خداوند جي خدمت لاءِ تو کي مليو آھي، تنھن کي ضرور پورو ڪجانءِ.

18. آءٌ پولس، ھاڻي پنھنجي ھٿ سان ھي سلام لکي رھيو آھيان. منھنجي قيد جي زنجيرن کي ياد رکجو. شل اوھان تي فضل ٿيندو رھي.