نئين عهد نامي

يوحنا 6:4-20 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

4. يھودين جي عيد فصح ويجھي ھئي.

5. عيسيٰ نھاري ڏٺو تہ ماڻھن جو وڏو ميڙ ڏانھس اچي رھيو آھي. سو فلپس کي چيائين تہ ”اسين ھيترن ماڻھن کي کارائڻ لاءِ ايترو کاڌو ڪٿان آڻينداسون؟“

6. ھن اھو رڳو فلپس کي آزمائڻ لاءِ چيو، پر کيس اڳي ئي خبر ھئي تہ ڇا ڪرڻو آھي.

7. تنھن تي فلپس وراڻيس تہ ”جيڪڏھن ھرھڪ کي ٽڪر ڳڀو ئي ڏجي، تہ بہ انھن لاءِ ٻہ ⁠سؤ چانديءَ جي سڪن جون مانيون پوريون نہ پونديون.“

8. پوءِ اندرياس نالي ھڪ ٻي شاگرد، جيڪو شمعون پطرس جو ڀاءُ ھو تنھن چيو تہ

9. ”ھتي ھڪ ڇوڪرو آھي، جنھن کي جَوَن جون پنج مانيون ۽ ٻہ ڪُرڙيون آھن. پر ڇا اھي ھنن سڀني ماڻھن ۾ پوريون پئجي سگھنديون؟“

10. عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”ماڻھن کي ھيٺ ويھاريو.“ اتي گھڻو گاھہ ھو، سو سڀيئي ماڻھو ھيٺ ويھي رھيا. اھي اٽڪل پنج ھزار مرد ھئا.

11. عيسيٰ مانيون کڻي خدا جو شڪر ادا ڪيو ۽ ويٺل ماڻھن ۾ ورھايائين. ھن مڇي بہ ائين ئي ورھائي ۽ سڀني ماڻھن کي ايترو مليو جيترو کين کپندو ھو.

12. جڏھن سڀني کائي ڍءُ ڪيو، تڏھن عيسيٰ شاگردن کي چيو تہ ”بچيل ٽڪر ڳڀا ميڙي گڏ ڪريو، تہ جيئن ذرو بہ زيان نہ ٿئي.“

13. سو انھن اھي سڀيئي کڻي گڏ ڪيا، تہ جَوَن جي پنجن مانين جا ٽڪر ڳڀا، جيڪي کائڻ وارن بچايا ھئا سي ايترا تہ ٿيا جو ھنن ٻارھن کاريون ڀري کنيون.

14. عيسيٰ جو اھو معجزو ڏسي ماڻھو چوڻ لڳا تہ ”سچ⁠پچ ھي اھو نبي آھي، جيڪو ھن دنيا ۾ اچڻو آھي.“

15. پوءِ عيسيٰ ڏٺو تہ ”ھنن جو مطلب آھي تہ زوريءَ جھلي مون کي بادشاھہ بڻائين،“ تنھنڪري ھو اڪيلو ئي وري ٽڪرن ڏانھن نڪري ھليو ويو.

16. جڏھن سانجھي ٿي تہ شاگرد ڍنڍ ڏانھن ويا.

17. رات ٿي ويئي ھئي پر عيسيٰ انھن وٽ نہ آيو ھو، سو ھو ٻيڙيءَ ۾ چڙھي ڍنڍ جي ھُن ڀر ڪفرناحوم ڏانھن روانا ٿيا.

18. ايتري ۾ طوفان اچي ڇٽڪيو ۽ ڍنڍ ۾ ڇوليون اٿڻ لڳيون.

19. جڏھن شاگرد پنج ڇھہ ڪلوميٽر ٻيڙي ڪاھي ويا، تڏھن ڏٺائون تہ عيسيٰ پاڻيءَ تي پنڌ ڪندو ٻيڙيءَ جي ويجھو پيو اچي. اھو ڏسي ھو ڏاڍو ڊڄي ويا.

20. پر عيسيٰ کين چيو تہ ”آءٌ آھيان، ڊڄو نہ.“

مڪمل باب پڙهڻ يوحنا 6