نئين عهد نامي

يوحنا 6:33-42 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

33. ڇالاءِ⁠جو جيڪا ماني خدا ڏئي ٿو سا اھا آھي جيڪا آسمان مان نازل ٿئي ٿي ۽ دنيا کي زندگي ڏئي ٿي.“

34. تنھن تي انھن عرض ڪيس تہ ”سائين! پوءِ اھا ماني اسان کي ھميشہ لاءِ ڏيو.“

35. عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”زندگيءَ جي ماني آءٌ آھيان. جيڪو مون وٽ اچي ٿو تنھن کي وري ڪڏھن بہ بک نہ لڳندي ۽ جيڪو مون تي ايمان آڻي ٿو، تنھن کي ڪڏھن بہ اڃ نہ لڳندي.

36. مون اوھان کي ٻڌايو آھي تہ مون کي ڏسڻ کان پوءِ بہ اوھين ايمان نہ ٿا آڻيو.

37. جيڪي پيءُ مون کي ڏيندو سي سڀ مون وٽ ايندا ۽ جيڪو بہ مون وٽ ايندو تنھن کي آءٌ ڪڏھن بہ نہ موٽائيندس.

38. ڇالاءِ⁠جو آءٌ آسمان مان انھيءَ لاءِ نہ لھي آيو آھيان تہ پنھنجي مرضي ھلايان، بلڪ انھيءَ لاءِ تہ پنھنجي موڪلڻ واري جي مرضي پوري ڪريان.

39. جنھن مون کي موڪليو آھي تنھن جي مرضي اھا آھي تہ جيڪي ⁠بہ ھن مون کي ڏنا آھن تن مان ھڪ بہ نہ وڃايان، بلڪ آخرت جي ڏينھن تي انھن سڀني کي جيئرو ڪري اٿاريان.

40. ڇالاءِ⁠جو منھنجي پيءُ جي اھا مرضي آھي تہ جيڪو بہ سندس فرزند کي سڃاڻي ٿو ۽ مٿس ايمان ٿو آڻي، تنھن کي دائمي زندگي ملي ۽ آءٌ کيس آخرت جي ڏينھن تي جيئرو ڪري اٿاريندس.“

41. تنھن تي يھودي مٿس ڪرڪڻ لڳا، ڇاڪاڻ⁠تہ ھن چيو ھو تہ ”آءٌ اھا ماني آھيان، جيڪا آسمان مان نازل ٿي آھي.“

42. سو انھن چيو تہ ”ڇا ھي اھو عيسيٰ نہ آھي جيڪو يوسف جو پٽ آھي؟ اسين تہ سندس ماءُ⁠پيءُ کي بہ سڃاڻون ٿا. پوءِ ھي ھاڻي ڪيئن ٿو چوي تہ ’آءٌ آسمان مان نازل ٿيو آھيان؟‘“

مڪمل باب پڙهڻ يوحنا 6