نئين عهد نامي

يوحنا 6:10-23 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

10. عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”ماڻھن کي ھيٺ ويھاريو.“ اتي گھڻو گاھہ ھو، سو سڀيئي ماڻھو ھيٺ ويھي رھيا. اھي اٽڪل پنج ھزار مرد ھئا.

11. عيسيٰ مانيون کڻي خدا جو شڪر ادا ڪيو ۽ ويٺل ماڻھن ۾ ورھايائين. ھن مڇي بہ ائين ئي ورھائي ۽ سڀني ماڻھن کي ايترو مليو جيترو کين کپندو ھو.

12. جڏھن سڀني کائي ڍءُ ڪيو، تڏھن عيسيٰ شاگردن کي چيو تہ ”بچيل ٽڪر ڳڀا ميڙي گڏ ڪريو، تہ جيئن ذرو بہ زيان نہ ٿئي.“

13. سو انھن اھي سڀيئي کڻي گڏ ڪيا، تہ جَوَن جي پنجن مانين جا ٽڪر ڳڀا، جيڪي کائڻ وارن بچايا ھئا سي ايترا تہ ٿيا جو ھنن ٻارھن کاريون ڀري کنيون.

14. عيسيٰ جو اھو معجزو ڏسي ماڻھو چوڻ لڳا تہ ”سچ⁠پچ ھي اھو نبي آھي، جيڪو ھن دنيا ۾ اچڻو آھي.“

15. پوءِ عيسيٰ ڏٺو تہ ”ھنن جو مطلب آھي تہ زوريءَ جھلي مون کي بادشاھہ بڻائين،“ تنھنڪري ھو اڪيلو ئي وري ٽڪرن ڏانھن نڪري ھليو ويو.

16. جڏھن سانجھي ٿي تہ شاگرد ڍنڍ ڏانھن ويا.

17. رات ٿي ويئي ھئي پر عيسيٰ انھن وٽ نہ آيو ھو، سو ھو ٻيڙيءَ ۾ چڙھي ڍنڍ جي ھُن ڀر ڪفرناحوم ڏانھن روانا ٿيا.

18. ايتري ۾ طوفان اچي ڇٽڪيو ۽ ڍنڍ ۾ ڇوليون اٿڻ لڳيون.

19. جڏھن شاگرد پنج ڇھہ ڪلوميٽر ٻيڙي ڪاھي ويا، تڏھن ڏٺائون تہ عيسيٰ پاڻيءَ تي پنڌ ڪندو ٻيڙيءَ جي ويجھو پيو اچي. اھو ڏسي ھو ڏاڍو ڊڄي ويا.

20. پر عيسيٰ کين چيو تہ ”آءٌ آھيان، ڊڄو نہ.“

21. تڏھن خوشيءَ سان کيس ٻيڙيءَ ۾ چاڙھيائون ۽ ٻيڙي ھڪدم انھيءَ ھنڌ وڃي پھتي جتي کين وڃڻو ھو.

22. ٻئي ڏينھن تي ماڻھن جو جيڪو ميڙ ڍنڍ جي ٻيءَ ڀر بيٺو ھو، تنھن ڏٺو تہ ڪالھہ اتي رڳو ھڪڙي ٻيڙي بيٺي ھئي ۽ کين اھا بہ خبر ھئي تہ عيسيٰ انھيءَ ٻيڙيءَ ۾ شاگردن سان گڏ نہ ويو ھو پر اھي اڪيلا ئي روانا ٿي ويا ھئا.

23. جڏھن تہ تبرياس شھر کان ڪي ٻيڙيون پوءِ ڪناري تي اچي لڳيون ھيون، جتي خداوند عيسيٰ خدا جو شڪر ادا ڪيو ھو ۽ پوءِ ماڻھن ماني کاڌي ھئي.

مڪمل باب پڙهڻ يوحنا 6