نئين عهد نامي

يوحنا 4:40-53 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

40. پوءِ جڏھن اھي سامري وٽس آيا، تڏھن عرض ڪيائونس تہ ”اسان وٽ ھلي مھمان ٿيو.“ سو عيسيٰ اتي ٻہ ڏينھن ٽڪي پيو.

41. ٻين بہ ڪيترن ئي سندس ڪلام جي ڪري مٿس ايمان آندو.

42. پوءِ اھي ان عورت کي چوڻ لڳا تہ ”ھاڻي اسان تنھنجي چوڻ تي ئي مٿس ايمان نہ ٿا آڻيون، پر اسان پاڻ کيس ٻڌو آھي ۽ ڄاڻون ٿا تہ حقيقت ۾ ھيءُ ئي دنيا جو ڇوٽڪارو ڏيندڙ آھي.“

43. عيسيٰ ٻہ ڏينھن ترسڻ کان پوءِ اتان روانو ٿي گليل ڏانھن ھليو ويو.

44. ھڪ دفعي عيسيٰ پاڻ چيو ھو تہ ”ڪنھن بہ نبيءَ کي پنھنجي وطن ۾ عزت نہ ٿي ملي.“

45. جڏھن ھو گليل ۾ پھتو تہ اتي جي ماڻھن سندس آڌرڀاءُ ڪيو، ڇاڪاڻ⁠تہ اھي بہ عيد فصح جي موقعي تي يروشلم ڏانھن ويا ھئا ۽ اتي عيسيٰ جيڪي ڪجھہ ڪيو سو سڀ ڏٺو ھئائون.

46. پوءِ عيسيٰ گليل جي شھر قانا ۾ موٽي آيو، جتي ھن پاڻيءَ کي مئي بڻايو ھو. اتي ھڪ عملدار ھو جنھن جو پٽ ڪفرناحوم ۾ بيمار ھو.

47. جڏھن ھن ٻڌو تہ عيسيٰ يھوديہ کان گليل ۾ آيو آھي، تڏھن ھو عيسيٰ وٽ آيو ۽ عرض ڪيائينس تہ ”مھرباني ڪري ھلو ۽ منھنجي پٽ کي شفا ڏيو، ڇالاءِ⁠جو ھو مرڻ تي آھي.“

48. تنھن تي عيسيٰ کيس چيو تہ ”اوھين تيستائين ايمان نہ آڻيندا، جيستائين معجزا ۽ ڪرامتون نہ ڏسندا.“

49. عملدار وراڻيو تہ ”سائين! مون سان ھلو، متان منھنجو ٻچڙو مري نہ وڃي.“

50. عيسيٰ کيس چيو تہ ”وڃ تنھنجو پٽ نہ مرندو.“ جيئن عيسيٰ چيس تيئن ھن بہ يقين ڪيو ۽ گھر ڏانھن روانو ٿيو.

51. عملدار اڃا گھر ڏانھن وڃي رھيو ھو تہ سندس نوڪر رستي تي گڏيس ۽ ٻڌايائونس تہ ”تنھنجو پٽ خوش ٿي ويو آھي.“

52. تنھن تي ھن نوڪرن کان پڇيو تہ ”اھا ڪھڙي مھل ھئي جڏھن منھنجو پٽ چڱو ڀلو ٿيڻ لڳو.“ انھن چيو تہ ”ڪالھہ منجھند جو ھڪ بجي کيس بخار ڇڏي ويو.“

53. تنھن تي پڻس کي ياد آيو تہ برابر اھو ئي وقت ھو جڏھن عيسيٰ کيس چيو ھو تہ ”تنھنجو پٽ نہ مرندو.“ سو انھيءَ عملدار ۽ سندس گھر جي سڀني ڀاتين ايمان آندو.

مڪمل باب پڙهڻ يوحنا 4