نئين عهد نامي

يوحنا 4:39-49 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

39. انھيءَ شھر جي ڪيترن ئي سامرين عيسيٰ تي ايمان آندو، ڇالاءِ⁠جو ان عورت شاھدي ڏني ھئي تہ ”جيڪي ڪجھہ مون ڪيو آھي سو سڀ ھن مون کي ٻڌايو آھي.“

40. پوءِ جڏھن اھي سامري وٽس آيا، تڏھن عرض ڪيائونس تہ ”اسان وٽ ھلي مھمان ٿيو.“ سو عيسيٰ اتي ٻہ ڏينھن ٽڪي پيو.

41. ٻين بہ ڪيترن ئي سندس ڪلام جي ڪري مٿس ايمان آندو.

42. پوءِ اھي ان عورت کي چوڻ لڳا تہ ”ھاڻي اسان تنھنجي چوڻ تي ئي مٿس ايمان نہ ٿا آڻيون، پر اسان پاڻ کيس ٻڌو آھي ۽ ڄاڻون ٿا تہ حقيقت ۾ ھيءُ ئي دنيا جو ڇوٽڪارو ڏيندڙ آھي.“

43. عيسيٰ ٻہ ڏينھن ترسڻ کان پوءِ اتان روانو ٿي گليل ڏانھن ھليو ويو.

44. ھڪ دفعي عيسيٰ پاڻ چيو ھو تہ ”ڪنھن بہ نبيءَ کي پنھنجي وطن ۾ عزت نہ ٿي ملي.“

45. جڏھن ھو گليل ۾ پھتو تہ اتي جي ماڻھن سندس آڌرڀاءُ ڪيو، ڇاڪاڻ⁠تہ اھي بہ عيد فصح جي موقعي تي يروشلم ڏانھن ويا ھئا ۽ اتي عيسيٰ جيڪي ڪجھہ ڪيو سو سڀ ڏٺو ھئائون.

46. پوءِ عيسيٰ گليل جي شھر قانا ۾ موٽي آيو، جتي ھن پاڻيءَ کي مئي بڻايو ھو. اتي ھڪ عملدار ھو جنھن جو پٽ ڪفرناحوم ۾ بيمار ھو.

47. جڏھن ھن ٻڌو تہ عيسيٰ يھوديہ کان گليل ۾ آيو آھي، تڏھن ھو عيسيٰ وٽ آيو ۽ عرض ڪيائينس تہ ”مھرباني ڪري ھلو ۽ منھنجي پٽ کي شفا ڏيو، ڇالاءِ⁠جو ھو مرڻ تي آھي.“

48. تنھن تي عيسيٰ کيس چيو تہ ”اوھين تيستائين ايمان نہ آڻيندا، جيستائين معجزا ۽ ڪرامتون نہ ڏسندا.“

49. عملدار وراڻيو تہ ”سائين! مون سان ھلو، متان منھنجو ٻچڙو مري نہ وڃي.“

مڪمل باب پڙهڻ يوحنا 4