نئين عهد نامي

يوحنا 4:30-44 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

30. پوءِ اھي شھر مان نڪري عيسيٰ وٽ آيا.

31. ساڳئي وقت سندس شاگردن عرض ڪيس تہ ”اي استاد! ڪجھہ کائو.“

32. پر ھن کين چيو تہ ”مون وٽ کائڻ لاءِ اھو کاڌو آھي، جنھن جي اوھان کي ڪابہ خبر نہ آھي.“

33. تنھن تي سندس شاگرد ھڪٻئي کان پڇڻ لڳا تہ ”ھن لاءِ ڪنھن کاڌو آندو آھي؟“

34. عيسيٰ کين چيو تہ ”منھنجو کاڌو اھو آھي تہ انھيءَ جي مرضي پوري ڪريان جنھن مون کي موڪليو آھي ۽ سندس ڪم پورو ڪريان.

35. اوھين چئو ڪين ٿا تہ لاباري ۾ چار مھينا پيا آھن؟ پر آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ اکيون کوليو ۽ پوکن ڏانھن نھاريو جو اھي لاباري لاءِ ھاڻي بلڪل تيار آھن.

36. جيڪو لابارو ڪري ٿو تنھن کي مزوري ملي ٿي ۽ دائمي زندگيءَ لاءِ فصل گڏ ڪري ٿو، تہ جيئن جنھن ماڻھوءَ پوکيو آھي ۽ جنھن لڻيو آھي سي ٻئي گڏجي خوشي ڪن.

37. ھيءَ چوڻي سچي آھي تہ ’پوکي ھڪڙو ٿو ۽ لڻي ٻيو ٿو.‘

38. مون اوھان کي موڪليو آھي تہ ان ٻنيءَ ۾ فصل جو لابارو ڪريو جتي اوھان ڪم نہ ڪيو آھي. پر ٻين اتي ڪم ڪيو آھي ۽ اوھان انھن جي ڪم مان فائدو ورتو آھي.“

39. انھيءَ شھر جي ڪيترن ئي سامرين عيسيٰ تي ايمان آندو، ڇالاءِ⁠جو ان عورت شاھدي ڏني ھئي تہ ”جيڪي ڪجھہ مون ڪيو آھي سو سڀ ھن مون کي ٻڌايو آھي.“

40. پوءِ جڏھن اھي سامري وٽس آيا، تڏھن عرض ڪيائونس تہ ”اسان وٽ ھلي مھمان ٿيو.“ سو عيسيٰ اتي ٻہ ڏينھن ٽڪي پيو.

41. ٻين بہ ڪيترن ئي سندس ڪلام جي ڪري مٿس ايمان آندو.

42. پوءِ اھي ان عورت کي چوڻ لڳا تہ ”ھاڻي اسان تنھنجي چوڻ تي ئي مٿس ايمان نہ ٿا آڻيون، پر اسان پاڻ کيس ٻڌو آھي ۽ ڄاڻون ٿا تہ حقيقت ۾ ھيءُ ئي دنيا جو ڇوٽڪارو ڏيندڙ آھي.“

43. عيسيٰ ٻہ ڏينھن ترسڻ کان پوءِ اتان روانو ٿي گليل ڏانھن ھليو ويو.

44. ھڪ دفعي عيسيٰ پاڻ چيو ھو تہ ”ڪنھن بہ نبيءَ کي پنھنجي وطن ۾ عزت نہ ٿي ملي.“

مڪمل باب پڙهڻ يوحنا 4