نئين عهد نامي

يوحنا 1:35-44 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

35. ٻئي ڏينھن تي وري يحيٰ پنھنجي ٻن شاگردن سان گڏ بيٺو ھو

36. تہ اتي ھن عيسيٰ کي لنگھندي ڏٺو. تنھن تي ھن عيسيٰ ڏانھن نھاري چيو تہ ”ڏسو، اھو اٿوَ خدا جو گھيٽو.“

37. ٻنھي شاگردن يحيٰ جي اھا ڳالھہ ٻڌي عيسيٰ جي پٺيان ھلڻ شروع ڪيو.

38. عيسيٰ ڦري انھن کي پنھنجي پويان ايندي ڏسي چيو تہ ”اوھان کي ڇا گھرجي؟“ تنھن تي انھن جواب ڏنو تہ ”اي ربي (يعني استاد)! اوھين ڪٿي رھو ٿا؟“

39. عيسيٰ جواب ڏنو تہ ”ھلي ڏسو.“ پوءِ اھي ساڻس گڏ ھليا ۽ اھا جاءِ ڏٺائون جتي ھو رھندو ھو ۽ اھو ڏينھن ھن سان گڏ گذاريائون. اھو اٽڪل ٽپھريءَ جو وقت ھو.

40. جن ٻن ڄڻن يحيٰ جي ڳالھہ ٻڌي ھئي ۽ عيسيٰ جي پٺيان ھلڻ لڳا ھئا، تن ۾ ھڪڙو شمعون پطرس جو ڀاءُ اندرياس ھو.

41. جلد ئي اندرياس پنھنجي ڀاءُ شمعون پطرس کي ڳولي لڌو ۽ کيس ٻڌايائين تہ ”اسان مسيح کي ڏٺو آھي.“ (مسيح جي معنيٰ ”مسح ڪيل“ آھي.)

42. پوءِ ھو شمعون کي عيسيٰ وٽ وٺي آيو. عيسيٰ ھن ڏانھن نھاري چيو تہ ”تون يوحنا جو پٽ شمعون آھين، تون ڪيفا جي نالي سان سڏبين.“

43. ٻئي ڏينھن تي عيسيٰ گليل ڏانھن وڃڻ جو ارادو ڪيو. ھو وڃي فلپس سان مليو ۽ کيس چيائين تہ ”منھنجي پٺيان اچ.“

44. فلپس بيت⁠صيدا شھر جو ويٺل ھو، جتي اندرياس ۽ پطرس بہ رھندا ھئا.

مڪمل باب پڙهڻ يوحنا 1