نئين عهد نامي

يوحنا 1:31-40 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

31. مون کيس نہ ٿي سڃاتو. پر آءٌ پاڻيءَ سان بپتسما ڏيندو آيس، انھيءَ لاءِ تہ ھو بني اسرائيل جي اڳيان ظاھر ٿئي.“

32. يحيٰ شاھدي ڏيندي چيو تہ ”مون پاڪ روح کي ڪبوتر وانگر آسمان مان لھندي ۽ مٿس ويھندي ڏٺو آھي.

33. مون اڃا تائين بہ کيس نہ سڃاتو ھو، پر خدا جنھن مون کي پاڻيءَ سان بپتسما ڏيڻ لاءِ موڪليو آھي تنھن مون کي چيو تہ ’تون جنھن ماڻھوءَ تي روح کي لھندو ۽ ويھندو ڏسين سو ئي اٿيئي جيڪو ماڻھن کي پاڪ روح سان بپتسما ڏيندو.‘

34. مون اھو ڏٺو آھي ۽ شاھدي ٿو ڏيان تہ ھيءُ خدا جو فرزند آھي.“

35. ٻئي ڏينھن تي وري يحيٰ پنھنجي ٻن شاگردن سان گڏ بيٺو ھو

36. تہ اتي ھن عيسيٰ کي لنگھندي ڏٺو. تنھن تي ھن عيسيٰ ڏانھن نھاري چيو تہ ”ڏسو، اھو اٿوَ خدا جو گھيٽو.“

37. ٻنھي شاگردن يحيٰ جي اھا ڳالھہ ٻڌي عيسيٰ جي پٺيان ھلڻ شروع ڪيو.

38. عيسيٰ ڦري انھن کي پنھنجي پويان ايندي ڏسي چيو تہ ”اوھان کي ڇا گھرجي؟“ تنھن تي انھن جواب ڏنو تہ ”اي ربي (يعني استاد)! اوھين ڪٿي رھو ٿا؟“

39. عيسيٰ جواب ڏنو تہ ”ھلي ڏسو.“ پوءِ اھي ساڻس گڏ ھليا ۽ اھا جاءِ ڏٺائون جتي ھو رھندو ھو ۽ اھو ڏينھن ھن سان گڏ گذاريائون. اھو اٽڪل ٽپھريءَ جو وقت ھو.

40. جن ٻن ڄڻن يحيٰ جي ڳالھہ ٻڌي ھئي ۽ عيسيٰ جي پٺيان ھلڻ لڳا ھئا، تن ۾ ھڪڙو شمعون پطرس جو ڀاءُ اندرياس ھو.

مڪمل باب پڙهڻ يوحنا 1