نئين عهد نامي

يهوداہ 1:6-15 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

6. اھڙيءَ طرح جن ملائڪن پنھنجي اختيار واري حيثيت قائم نہ رکي پر پنھنجي خاص رھڻ جي جاءِ ڇڏي ڏني، تن کي خدا ابدي زنجيرن سان قيد ڪري عظيم ڏينھن واري عدالت تائين اونداھيءَ منجھہ رکيو آھي.

7. ساڳئي نموني سدوم ۽ عموراہ ۽ انھن جي آس⁠پاس وارا شھر زناڪاري ۽ بدفعليءَ جي پٺيان پيا. اُھي دائمي باھہ جي سزا پيا ڀوڳين تہ جيئن ٻين لاءِ عبرت جو مثال ٿين.

8. بلڪل ساڳئي نموني اھي ماڻھو بہ پنھنجن خوابن خيالن ۾ محو ٿي پنھنجن جسمن کي ناپاڪ ٿا ڪن، اختياريءَ کي حقير ٿا ڄاڻن ۽ عظيم آسماني ھستين جي بي⁠حرمتي ٿا ڪن.

9. مگر وڏي ملائڪ ميڪائيل جڏھن موسيٰ جي لاش بابت شيطان سان جھيڙو ۽ تڪرار پئي ڪيو، تڏھن کيس ايتري ھمت نہ ٿي جو شيطان تي ڦٽڪار ڪري سگھي. پر رڳو ايترو چيائين تہ ”خداوند تو تي ملامت ڪري.“

10. پر ھي ماڻھو انھن ڳالھين تي ڦٽڪار ٿا ڪن، جن کي ھو نہ ٿا ڄاڻن ۽ جن ڳالھين کي ھو بي⁠عقل جانورن وانگر طبعي ٿا سمجھن. اھي ئي کين تباھہ ڪن ٿيون.

11. افسوس آھي انھن تي! ڇالاءِ⁠جو ھو قابيل جي واٽ تي ھليا، نفعي جي خاطر بلعام جھڙي گمراھيءَ ۾ ڪاھي پيا ۽ قوراہ وانگر بغاوت ڪري برباد ٿيا.

12. ھي بدڪار ماڻھو اوھان جي محبت ڀرين مجلسن لاءِ نقصانڪار آھن، جيڪي بنا ڪنھن ڊپ⁠ڊاءَ جي رڳو پنھنجي پيٽ ڀرڻ لاءِ اوھان سان گڏ کائين پيئن ٿا. اِھي بي⁠آب ڪڪر آھن، جن کي ھوائون کنيو اُڏائينديون وتن. اِھي سرءُ جا وڻ آھن جيڪي پوريءَ طرح مئل آھن، يعني بي⁠ڦل ۽ پاڙؤن پٽيل آھن.

13. اِھي سمنڊ جون بي⁠قابو ڇوليون آھن، جيڪي پنھنجي بي⁠شرميءَ جي گَج ٿيون اڇلائين. ھو ڀٽڪندڙ تارا آھن، جن لاءِ ھميشہ گھُگھُہ اوندھہ رکي ويئي آھي.

14. انھن ماڻھن جي باري ۾ ئي حنوڪ، جيڪو آدم جي ستين پيڙھيءَ ۾ ھو، اڳڪٿي ڪري چيو تہ ”ياد رکو، خداوند پنھنجي لکين ملائڪن سان اچي ٿو.

15. ھو انھيءَ لاءِ ٿو اچي تہ جيئن ھر ھڪ سان انصاف ڪري ۽ انھن سڀني بدڪارن کي سزا ڏئي، جن بدڪاريءَ جو طريقو اختيار ڪري بدڪاريءَ جا ڪم ڪيا. ھو انھن سڀني سخت ڳالھين لاءِ کين ڏوھاري ٺھرائيندو، جيڪي ھنن وڏن گنھگارن سندس برخلاف ڪيون آھن.“

مڪمل باب پڙهڻ يهوداہ 1