نئين عهد نامي

يعقوب 5:1-9 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

1. ھاڻي اي دولتمندو! اوھين ٻڌو، انھن مصيبتن جي ڪري روئو ۽ رڙيون ڪريو، جيڪي اوھان تي اچڻيون آھن.

2. اوھان جو مال ملڪيت سڙي ڪنو ٿي ويو ۽ اوھان جا ڪپڙا ڪينئان کائي ويا.

3. اوھان جي سون ۽ چانديءَ تي ڪٽ چڙھي ويئي. اھا ڪٽ اوھان تي شاھدي ڏيندي ۽ باھہ وانگر اوھان جو ماس کائيندي. اوھان پوين ڏينھن ۾ دولت ميڙي آھي.

4. ڏسو، جن مزورن اوھان جي ٻنين ۾ لابارو ڪيو، تن جي مزوري جيڪا اوھان ٺڳي ڪري رکي ڇڏي آھي، سا رڙيون پيئي ڪري. لاباري ڪرڻ وارن جون دانھون قدرت واري خداوند جي ڪنن تائين وڃي پھتيون آھن.

5. اوھين زمين تي عيش عشرت ۾ رھيا آھيو ۽ موجون ماڻيون اٿوَ. درحقيقت اوھان پاڻ کي ڪوس واري ڏينھن لاءِ ٿلھو متارو ڪيو آھي.

6. اوھان سچار کي ڏوھي ٺھرايو آھي ۽ قتل ڪيو آھي. پر سچار اوھان جي مخالفت نہ ٿو ڪري.

7. تنھنڪري اي ڀائرو ۽ ڀينرون! خداوند جي اچڻ تائين صبر ڪريو. ڏسو، ھاري زمين جي قيمتي پيدائش لاءِ ڪيڏو نہ انتظار ٿو ڪري. ھو آڳاٽي ۽ پاڇاٽي مينھن پوڻ تائين صبر ٿو ڪري.

8. اوھين بہ صبر ڪريو ۽ ثابت⁠قدم رھو، ڇالاءِ⁠جو خداوند جو اچڻ ويجھو آھي.

9. اي ڀائرو ۽ ڀينرون! ھڪ ٻئي جي خلاف ڪُرڪو نہ، متان اوھان کي سزاوار ٺھرايو وڃي. ڏسو، انصاف ڪرڻ وارو در تي بيٺو آھي.

مڪمل باب پڙهڻ يعقوب 5